Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ٿسلونيڪين 2:9 - Sindhi Bible

9 ڇالاءِ جو، اي ڀائرو، اوهان کي اسان جي محبت ۽ مشقت ياد هوندي: جو اسان رات ڏينهن پورهيو ڪري اوهان کي خدا جي خوشخبري ٻُڌائي، تہ متان اوهان مان ڪنهن تي بوجو ٿي پئون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

9 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ضرور ياد هوندو تہ جڏهن اسان اوهان کي ايشور جي خوشخبري پئي ٻڌائي، تڏهن اسان رات ڏينهن محنت ۽ سخت پورهيو بہ ٿي ڪيو تہ جيئن ڪنهن تي بہ بار نہ ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان کي ضرور ياد هوندو تہ جڏهن اسان اوهان کي خدا جي خوشخبري پئي ٻڌائي، تڏهن اسان رات ڏينهن محنت ۽ سخت پورهيو بہ ٿي ڪيو تہ جيئن ڪنهن تي بہ بار نہ ٿيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

9 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھان کي اسان جي محنت ۽ مشقت ضرور ياد ھوندي، ڇالاءِ⁠جو اسان ڪنھن تي بہ بار نہ ٿيڻ لاءِ رات ڏينھن پورھيو ڪري اوھان کي خدا جي خوشخبري ٻڌائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ٿسلونيڪين 2:9
35 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اسين منٿ ٿا ڪريون، تہ اسان کي ڇڏ تہ اسين يردن ڏي وڃون ۽ اُتان هرڪو هڪڙي ڪام کڻي، ۽ پوءِ اُتي اسين پنهنجي رهڻ لاءِ هڪڙي جاءِ جوڙيون. تڏهن هن ورندي ڏيئي چيو تہ ڀلي وڃو.


پر اڳيان حاڪم، جي مون کان اڳي هئا، تن کي ماڻهن کان ڪجهہ ملندو هو، ۽ انهن کان هو شراب، ۽ ماني وٺندا هئا، ۽ انهيءَ کانسواءِ چانديءَ جا چاليهہ شيڪل؛ هائو، انهن جا نوڪر بہ ماڻهن تي حڪم هلائيندا هئا: پر مون خدا جي ڊپ کان ائين نہ ڪيو.


هاڻي هڪڙو ڍڳو، ۽ ڇهہ چونڊيل رڍون هڪ ڏينهن لاءِ تيار ٿينديون هيون، ۽ ڪڪڙ بہ منهنجي لاءِ تيار ڪيا ويندا هئا، ۽ هر ڏهين ڏينهن سڀ ڪنهن قسم جي شراب جو انداز تيار ٿيندو هو: انهيءَ هوندي بہ مون حاڪم جي ماني نہ گهري، ڇالاءِ جو انهن ماڻهن تي اڳيئي ٻانهپ ڳري هئي.


ڇو جو رات ڏينهن تنهنجو هٿ مون تي ڳورو هو: ۽ منهنجي تراوٽ مٽجي اونهاري جي سوڪ ٿي پيئي.


اي خداوند، اي منهنجي نجات جا خدا، مون رات ڏينهن تنهنجي حضور ۾ دانهون ڪيون آهن.


هوءَ صحيح ڪري ٿي تہ سندس سوداگريءَ مان فائدو آهي؛ ۽ هن جو ڏيئو رات جو وسامي نٿو وڃي.


اڙي جي منهنجو مٿو پاڻي هجي ها، ۽ منهنجون اکيون لڙڪن جو چشمو هجن ها تہ چڱو هو، جو آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڌيءَ جي ڪُٺلن جي لاءِ پيو روئان ها!


پوءِ خدا جا چونڊيل، جي رات ڏينهن کيس پيا پڪارين، تن لاءِ هو دير ڪندو ڇا؟ بلڪ انهن جو انصاف ڪين ڪندو ڇا؟


۽ چوراسي ورهين کان بيوهہ هئي، ۽ ڪڏهن بہ هيڪل مان پير ٻاهر نہ ڪڍندي هئي، پر رات ڏينهن روزا رکي، ۽ دعائون گهُري، عبادت پيئي ڪندي هئي:


۽ جيئن تہ سندن ڌنڌو ساڳيو ئي هو، تنهنڪري وڃي ساڻن رهيو ۽ اُهي گڏجي ڪم ڪرڻ لڳا؛ ڇو جو هو تنبو جوڙيندا هئا.


پر مون کي پنهنجي جان جو فڪر ڪونهي، نڪي اُنهيءَ سان اهڙي دل اٿم، فقط اِهو فڪر اٿم تہ آئون پنهنجو دور پورو ڪريان، ۽ جيڪا خدمت خداوند يسوع کان مون کي ملي آهي، سا پوري ڪريان؛ يعني خدا جي فضل جي خوشخبري ٻڌائيندو رهان.


تنهنڪري اوهين سجاڳ رهجو، ۽ ياد رکجو، تہ ٽي ورهيہ برابر مون رات ڏينهن ڳوڙها ڳاڙي هر ڪنهن کي سمجهائڻ کان بس نہ ڪئي.


پولس، جو يسوع مسيح جو غلام آهي، ۽ رسول ٿيڻ جي لاءِ سڏيو ويو آهي، ۽ خدا جي انهيءَ خوشخبريءَ جي ڏيڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو آهي،


تہ آئون غير قومن لاءِ مسيح يسوع جو خادم ٿيان، ۽ ڪاهنت وانگر خدا جي خوشخبريءَ جي خدمت ڪريان، انهي لاءِ تہ غير قومون نذر جي طور پاڪ روح جي وسيلي پاڪ ٿي قبول پون.


يعني اُهي ڳالهيون جي نشانين ۽ معجزن جي طاقت سان، ۽ پاڪ روح جي قدرت سان ظاهر ٿيون؛ ايتري قدر جو مون يروشلم کان وٺي چئني پاسي اِلرڪم تائين مسيح جي خوشخبريءَ جي پوريءَ طرح منادي ڪئي آهي.


۽ پنهنجن هٿن سان پورهيو ڪيو پيا هڄون. جڏهن اسان کي گهٽ وڌ ٿا ڳالهائين، اسين کين دعا ٿا ڏيون، جڏهن اسان کي ستائين ٿا، اسين صبر سان پيا سهون؛


پر مون اهو رستو استعمال ڪونہ ڪيو آهي، ۽ آئون هي ڳالهيون انهي لاءِ نٿو لکان تہ منهنجي نسبت ۾ ائين ڪرڻ ۾ اچي. متان ڪو ماڻهو منهنجو فخر کسي وٺي تنهن کان منهنجي لاءِ مرڻ بهتر آهي.


تڏهن منهنجو اُجورو ڪهڙو ٿيو؟ اهو تہ جڏهن انجيل جي منادي ڪريان تڏهن اُها مفت ٻُڌايان، ۽ انجيل جي نسبت ۾ جيڪو منهنجو حق آهي، سو پوريءَ طرح ڪم نہ آڻيان.


اسان کي کائڻ پيئڻ جو اختيار ڪونهي ڇا؟


محنت ۽ مشقت ۾، اڪثر اوجاڳن ۾، بک ۽ اُڃ ۾، اڪثر فاقن ۾، سرديءَ ۽ اُگهاڙپن ۾.


۽ جڏهن آئون اوهان وٽ هوس، تڏهن گهرج هوندي بہ آئون ڪنهن تي بار ڪين ٿيس؛ ڇالاءِ جو ڀائرن مڪدونيہ مان اچي منهنجون سڀ گهرجون پوريون ڪيون؛ ۽ هر ڪنهن ڳالهہ ۾ اوهان تي بار وجهڻ کان مون پاڻ کي روڪيو، ۽ انهيءَ طرح اڳتي بہ روڪيندو رهندس.


چهبڪن کائڻ ۾، قيد ٿيڻ ۾، هنگامن ۾، محنتن ۾، اوجاڳن ۾، فاقن ڪڍڻ ۾؛


ڇالاءِ جو ٿسلونيڪيءَ ۾ بہ منهنجي گهُرج پلڻ لاءِ اوهان هڪ ٻہ دفعا ڪي ڪجهہ موڪليو.


۽ پنهنجي خدا پيءُ جي اڳيان اوهان جي ايمان جي ڪم ۽ محبت جي پورهئي، ۽ پنهنجي خداوند يسوع مسيح ۾ اُميد جي صبر کي هميشہ ياد پيا ڪريون؛


پر اوهان کي اڳيئي خبر آهي تہ فلپيءَ ۾ ڏکن سهڻ ۽ بي عزت ٿيڻ کانپوءِ بہ، پنهنجي خدا ۾ همت جهلي مخالفت جو سامهون ڪري اسان اوهان کي خدا جي خوشخبري ٻُڌائي.


جيتوڻيڪ اسين مسيح جا رسول ٿي اوهان تي بار وجهي ٿي سگهياسين، پر تڏهن بہ اسان ماڻهن کان عزت ڪانہ گهُري.


اسين رات ۽ ڏينهن تمام گهڻي دعا ٿا گهُرون تہ شل اوهان جو منهن ڏسون، ۽ اوهان جي ايمان ۾ جيڪا گهٽتائي هجي، سا پوري ڪريون.


۽ اهي ڳالهيون انهيءَ سڳوري خدا جي جلالي خوشخبريءَ موافق آهن جا منهنجي ذمي ڪئي ويئي آهي.


انهي لاءِ ئي اسين پورهيو ٿا ڪريون ۽ ڪشالا پيا ڪڍون، جو اسان جي اُميد انهي زندہ خدا تي رکيل آهي، جو سڀني ماڻهن جو، خاص ڪري ايمان وارن جو، نجات ڏيندڙ آهي.


هاڻي جيڪا بيوهہ زال سچ پچ بيڪس آهي، تنهن جو آسرو خدا آهي، ۽ اُها رات ڏينهن منٿون ڪرڻ ۽ دعا گهُرڻ ۾ مشغول ٿي رهي.


آئون خدا جو شڪر ٿو ڪريان، جنهن جي عبادت آئون صاف دل سان پنهنجن ابن ڏاڏن کان وٺي ڪندو اچان، تہ رات ڏينهن پنهنجين دعائن ۾ آئون توکي لڳاتار ياد ٿو ڪريان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ