Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ٿسلونيڪين 2:5 - Sindhi Bible

5 ڇالاءِ جو اوهان کي خبر آهي تہ اسان ڪڏهن بہ خوشامد وارا لفظ ڪم نہ آندا آهن، نہ اُنهن کي لالچ جو پردو ڪيو اٿئون، ۽ انهيءَ جو خدا شاهد آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

5 اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ اسين جڏهن اوهان وٽ هئاسين تہ ڪڏهن بہ خوشامند جي ڳالهہ نہ ڪئي، نڪي اسان جي دل ۾ ڪا لالچ هئي. ايشور انهيءَ ڳالهہ جو شاهد آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 اوهين چڱيءَ طرح ڄاڻو ٿا تہ اسين جڏهن اوهان وٽ هئاسين تہ ڪڏهن بہ خوشامند جي ڳالهہ نہ ڪئي، نڪي اسان جي دل ۾ ڪا لالچ هئي. خدا انهيءَ ڳالهہ جو شاهد آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

5 ڇالاءِ⁠جو اوھان کي خبر آھي تہ اسان ڪڏھن بہ خوشامند جي ڳالھہ نہ ڪئي آھي ۽ نہ ڪنھن ڳالھہ کي لالچ جو پردو ڪيو اٿئون. انھيءَ جو خدا شاھد آھي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ٿسلونيڪين 2:5
34 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هينئر بہ منهنجو شاهد آسمان ۾ آهي، ۽ جيڪو منهنجي پاران بدلو ٿو وٺي سو مٿانهين عالم ۾ آهي.


جيڪو پنهنجي دوستن کي لٽ جي لاءِ ڇڏي ڏئي ٿو، تنهن جي اولاد جون بہ اکيون انڌيون ٿينديون.


جيڪو هيڏي هوڏي گلا غيبت ڪندو وتي سو ڳجهہ ظاهر ڪري ٿو: تنهن ڪري جيڪو پنهنجا چپ وڏا پٽي ٿو تنهن سان واسطو نہ رک.


ڪوڙ ڳالهائيندڙ زبان انهن کي ڌڪاري ٿي جن کي ڦٽي ٿي، ۽ خوشامد ڪندڙ وات موت پيدا ٿو ڪري.


جيڪو ڪنهن ماڻهو کي ملامت ڪري ٿو، سو انهي کان زيادہ مان لهندو جو زبان سان خوشامد ٿو ڪري.


اُهي غيب ڏسڻ واري کي چون ٿا تہ غيب نہ ڏسو، ۽ نبين کي چون ٿا تہ اسان کي نبوت جون سچيون ڳالهيون نہ ٻڌايو؛ اسان کي وڻندڙ ڳالهيون ٻڌايو، ۽ ڪوڙي نبوت ڪريو.


هائو، اهي هٻڇي ڪتا آهن، جي ڪڏهن بہ ڍاپن نٿا؛ هي اُهي ڌنار آهن، جن کي ڪابہ سمجهہ ڪانهي: اُهي سڀيئي هر ڪنهن طرفان پنهنجي فائدي جي لاءِ پنهنجي رستي تي موٽي آيا آهن.


ڇالاءِ جو ننڍن کان وٺي وڏن تائين سڀني کي لالچ جي عادت آهي؛ ۽ نبيءَ کان وٺي ڪاهن تائين سڀ ڪوڙ ۽ ڪپت ۾ مشغول آهن.


تنهن ڪري آءٌ هنن جون زالون ٻين کي ڏيندس، ۽ هنن جون ٻنيون انهن کي ڏيندس جي انهن جا مالڪ ٿيندا: ڇالاءِ جو تمام ننڍي کان وٺي تمام وڏي تائين هو لالچي آهن، ۽ نبي کان وٺي ڪاهن تائين اُهي سڀ ڪوڙ سان واهپو ٿا رکن.


جيڪي نبي منهنجي قوم کي گمراهہ ٿا ڪن، تن جي نسبت ۾ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ لقمو چٻاڙيندي هو سلام ٿا پڪارين، پر جي ڪو سندن وات نٿو ڀري تہ انهن سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿا ٿين:


شل اوهان منجهہ ڪو اهڙو هجي، جو دروازا بند ڪري ڇڏي، تہ اوهين منهنجي قربانگاهہ تي اجائي باهہ نہ ٻاريو! لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اوهان تي راضي نہ آهيان، ۽ نڪي آءٌ اوهان جي هٿان نذرانو قبول ڪندس.


۽ انهن پنهنجن شاگردن کي هيرودين سان گڏي ڏانهنس موڪليو، جن وڃي چيس تہ اي اُستاد، اسان کي خبر آهي تہ تون سچو آهين، ۽ خدا جو رستو سچائيءَ سان ٿو سيکارين، ۽ ڪنهن جي بہ پرواهہ ڪانہ ٿو رکين، ڇالاءِ جو تون ماڻهن جو لحاظ نٿو ڪرين.


پر افسوس آهي اوهان لاءِ، اي فقيهو ۽ فريسيو، رياڪارو! ڇالاءِ جو اوهين آسمان جي بادشاهت ماڻهن لاءِ بند ڪري ٿا ڇڏيو، جو نڪي اوهين پاڻ ٿا اندر وڃو، نڪي جيڪي اندر وڃن ٿا، تن کي گهڙڻ ٿا ڏيو.


مون ڪنهن جي بہ چاندي ۽ سون يا ڪپڙي جي لالچ نہ ڪئي.


ڇالاءِ جو خدا منهنجو شاهد آهي، جنهن جي فرزند جي خوشخبري ٻُڌائڻ ڪري آئون پنهنجي روح سان سندس عبادت ٿو ڪريان، تہ ڪيئن نہ آئون هردم اوهان کي پنهنجين دعائن ۾ ياد پيو ڪريان،


ڇالاءِ جو جيڪي اهڙا آهن سي اسان جي خداوند مسيح جي خدمت نہ پر پنهنجي پيٽ جي ٿا ڪن؛ ۽ پنهنجي سڻڀيءَ ۽ مٺي ٻوليءَ سان ڀورڙن جون دليون ٿا ٺڳين.


آئون مسيح ۾ سچ ٿو چوان، ڪوڙ نٿو ڳالهايان، ۽ منهنجي دل بہ مون سان پاڪ روح ۾ شاهدي ٿي ڀري،


ڀلا جن کي مون اوهان ڏانهن موڪليو آهي، تن مان ڪنهن جي بہ معرفت مون اوهان کان ڪو فائدو ورتو ڇا؟


ڇالاءِ جو اسين انهن گهڻن جهڙا نہ آهيون، جي خدا جي ڪلام ۾ واپار ٿا ڪن؛ پر اسين دل جي سچائيءَ سان ۽ خدا جي طرفان، ۽ خدا جي حضوريءَ ۾، مسيح ۾ ٿا ڳالهايون.


پر اسان بي شرميءَ ۽ ٺڳيءَ جون ڳالهيون ڇڏي ڏنيون آهن، ۽ مڪارن وانگر نٿا هلون، نڪي خدا جي ڪلام ۾ ملاوت ٿا ڪريون، پر سچ کي پڌرو ٿا ڪريون، تہ خدا جي اڳيان اسان لاءِ سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جي دل ۾ خاطري ٿئي.


اسان کي قبول ڪريو، اسان ڪنهن سان بہ ظلم نہ ڪيو، نڪي ڪنهن کي بگاڙيو، نڪي ڪنهن کي ٺڳيو.


هاڻي جي ڳالهيون آئون اوهان ڏانهن لکان ٿو، تن جي بابت خدا کي حاضر ڄاڻي آئون ڪوڙ نٿو ڳالهايان.


اوهين پاڻ شاهد آهيو ۽ خدا بہ تہ ڪهڙيءَ طرح ايمان وارن سان اسين پاڪ، ۽ راستباز ۽ بي عيب ٿي هلياسين:


نہ نشي باز، نہ مارڪٽ ڪندڙ؛ نہ تڪراري، نہ پيسي جو لالچي، پر حليم هجي؛


انهي طرح جيڪي خادم (ڊيڪن) آهن، تن کي سنجيدو ٿيڻ گهرجي، اهي نہ ٻہ چاپڙا، نہ شرابي، نہ ناجائز نفعي جا لالچي هجن،


ڇالاءِ جو نگهبان (بشپ) جو خدا جو خدمتگار آهي، سو بي الزام هئڻ گهرجي، نہ خود راءِ، نہ چيڙاڪ، نہ نشي ۾ جهيڙا ڪندڙ، نہ مارڪٽ ڪندڙ، نہ ناجائز نفعي جو لالچي؛


خدا جو ڌڻ، جو اوهان جي سپرد آهي، تنهن کي اوهين چاريو ۽ انهي جي نگهباني ڪريو، نہ لاچاريءَ سبب، پر خوشيءَ سان، نہ پيسي جي لالچ تي، پر دل جي شوق سان؛


ڇالاءِ جو اُهي مغروريءَ جون نهايت بيهوديون ڳالهيون ڪري شهوت پرستيءَ جي وسيلي انهن ماڻهن کي جسماني خواهشن ۾ ڦاسائين ٿا، جي گمراهہ ٿيل ماڻهن کان ڌار ٿيڻ تي آهن.


۽ اهي لالچ جي ڪري ڪوڙيون ڳالهيون ٺاهي اوهان مان فائدو حاصل ڪندا. ۽ انهن جي بابت قديم زماني کان وٺي جيڪا سزا جي فتويٰ مليل آهي، سا وڌيڪ مهمل نہ رهندي، ۽ سندن بربادي ويجهي آئي آهي.


افسوس آهي انهن تي، ڇالاءِ جو هو قائن جي واٽ تي هليا، ۽ لالچ جي ڪري بلعام جهڙيءَ گمراهيءَ ۾ ڪاهي پيا، ۽ قوراہ وانگر مخالفت ڪري برباد ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ