Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ٿسلونيڪين 2:17 - Sindhi Bible

17 پر اي ڀائرو، جڏهن اسين ٿوري عرصي جي لاءِ جسم جي ڪري، نہ دل جي ڪري، اوهان کان جدا ٿياسين، تڏهن ڏاڍي سڪ سان اوهان جي منهن ڏسڻ لاءِ نهايت گهڻي ڪوشش ڪئي سون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

17 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏهن اسين ٿوري عرصي لاءِ اوهان کان دلي طور نہ پر رڳو شرير جي لحاظ کان جدا ٿياسين، تڏهن اسان ڏاڍي سڪ جي ڪري اوهان سان وري ملڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏهن اسين ٿوري عرصي لاءِ اوهان کان دلي طور نہ پر رڳو جسماني طور جدا ٿياسين، تڏهن اسان ڏاڍي سڪ جي ڪري اوهان سان وري ملڻ لاءِ پوري ڪوشش ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

17 اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جڏھن اسين ٿوري عرصي جي لاءِ اوھان کان دلي طور نہ پر رڳو جسماني طور جدا ٿياسين، تڏھن ڏاڍي سڪ سان اوھان جي منھن ڏسڻ لاءِ تمام گھڻي ڪوشش ڪئي سون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ٿسلونيڪين 2:17
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي توکي تہ ضرور وڃڻو آهي، جو پنهنجي پيءُ جي گهر جي اُڪير اٿئي، پر تو منهنجا ٺاڪر ڇو چورايا آهن؟


۽ اسرائيل چيو تہ هاڻي بس، منهنجو پٽ يوسف اڃا جيئرو آهي، آءٌ مرڻ کان اڳيئي وڃي کيس ڏسندس.


پوءِ اسرائيل يوسف کي چيو تہ مون نٿي ڀانئيو تہ آءٌ تنهنجو منهن ڏسندس: پر ڏس، خدا مون کي تنهنجو اولاد بہ ڏيکاريو.


۽ بادشاهہ دائود کي ابي سلوم ڏي وڃڻ جي ڏاڍي سڪ ٿي: ڇالاءِ جو امنون بابت هن کي تسلي ملي هئي تہ هو مري چڪو آهي.


۽ هن چيس تہ منهنجي دل انهيءَ وقت توسان نہ هئي ڇا، جنهن وقت اُهو ماڻهو توسان گڏجڻ لاءِ پنهنجيءَ گاڏيءَ تان لهي تو وٽ موٽي آيو؟ هي ڪو پئسن وٺڻ، ۽ ڪپڙن وٺڻ، ۽ زيتون ۽ ڊاک جي باغن، ۽ رڍن، ۽ ڏاندن، ۽ ٻانهن، ۽ ٻانهين جي وٺڻ جو وقت آهي ڇا؟


اي خدا، تون منهنجو خدا آهين؛ آءٌ سويرو ئي توکي ڳوليندس: خشڪ ۽ ويران زمين ۾ جتي پاڻي ڪونهي، منهنجي جان تو لاءِ سِڪايل ۽ منهنجو بدن تو لاءِ مشتاق آهي.


۽ جڏهن تون پنهنجي مدعيءَ سان حاڪم وٽ پيو وڃين، تڏهن رستي تي ئي کانئس پلئُہ آجي ڪرڻ جي ڪوشش ڪر، تہ متان هو توکي منصف وٽ وٺي وڃي، ۽ منصف توکي حولدار جي حوالي ڪري، ۽ حولدار قيدخاني ۾ وجهيئي.


۽ هنن کي چيائين، تہ منهنجي ڏاڍي دل آهي تہ آئون ڏکن سهڻ کان اڳي اوهان سان گڏجي هيءُ فسح کان.


۽ ڀائرن هڪدم راتوواهہ پولس ۽ سيلاس کي بيريہ ڏانهن روانو ڪري ڇڏيو: ۽ جڏهن هو اتي پهتا، تڏهن يهودين جي عبادتخاني ۾ ويا.


۽ اي ڀائرو، منهنجي مرضي نہ آهي تہ اوهين انهيءَ ڳالهہ کان بي خبر رهو تہ ڪيترائي ڀيرا مون اوهان ڏانهن اچڻ جو ارادو ڪيو هو، انهي لاءِ تہ جهڙيءَ طرح ٻين قومن مان مون کي ڦل مليو آهي، تهڙيءَ طرح اوهان ۾ بہ ڪو ڦل مليم، پر هيستائين روڪ پئي ٿي اٿم.


پر هاڻي هنن ملڪن ۾ منهنجي ڪابہ ضرورت ڪانہ رهي آهي، ۽ گهڻن ورهين کان اوهان ڏانهن اچڻ جي سڪ اٿم.


ڇالاءِ جو آئون جو جسم جي ڪري غير حاضر آهيان، پر روح جي ڪري حاضر آهيان، سو انهي ڪم ڪرڻ واري تي اڳيئي خداوند يسوع جي نالي اهڙي طرح فتويٰ ڏيئي چڪو آهيان ڄڻ تہ آئون هڪيو حاضر هوس.


ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ آئون جسم جي ڪري غير حاضر آهيان، تڏهن بہ روح جي ڪري اوهان وٽ آهيان، ۽ اوهان جو انتظام ۽ مسيح ۾ اوهان جي ايمان جي پختائي ڏسي خوش ٿو ٿيان.


پر جڏهن هاڻي تيمٿيس اوهان وٽان ٿي اسان وٽ آيو، ۽ اوهان جي ايمان ۽ محبت جي چڱي خبر اسان کي ڏنائين، ۽ هيئن بہ چيائين تہ اوهين هميشہ اسان کي ياد پيا ڪريو ۽ اسان جي ڏسڻ جي گهڻي سڪ اٿوَ، جيئن ڪ اسان کي بہ اوهان جي آهي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ