Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.ٿسلونيڪين 2:14 - Sindhi Bible

14 ڇالاءِ جو اي ڀائرو، يسوع مسيح ۾ جيڪي خدا جون ڪليسيائون يهوديہ ۾ آهن، تن جا اوهين پوئلڳ ٿيا: هن ڪري جو اوهان بہ پنهنجن هم وطن ماڻهن کان ساڳيون اُهي تڪليفون سَٺيون، جي هنن يهودين کان سَٺيون؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Hindu Sindhi Bible

14 انهيءَ ڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين ايشور جي انهن منڊلين جهڙا ٿي پيا، جيڪي يهوديہ صوبي ۾ يسوع مسيح ۾ آهن، ڇاڪاڻ تہ اوهان بہ پنهنجي هم‌وطن ماڻهن کان ساڳيون ئي تڪليفون سٺيون، جهڙيون انهن منڊلين پنهنجي هم‌وطن يهودين کان سٺيون هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 انهيءَ ڪري اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهين خدا جي انهن ڪليسيائن جهڙا ٿي پيا، جيڪي يهوديہ صوبي ۾ عيسيٰ مسيح ۾ آهن، ڇاڪاڻ تہ اوهان بہ پنهنجي هم‌وطن ماڻهن کان ساڳيون ئي تڪليفون سٺيون، جهڙيون انهن ڪليسيائن پنهنجي هم‌وطن يهودين کان سٺيون هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Common Language New Testament

14 ڇالاءِ⁠جو اي ڀائرو ۽ ڀينرون! اوھين خدا جي انھن ڪليسيائن جا پوئلڳ ٿيا، جيڪي يھوديہ ۾ عيسيٰ مسيح سان گڏجي ھڪ ٿيل آھن. اوھان بہ پنھنجي ھم⁠وطن ماڻھن کان ساڳيون ئي تڪليفون سٺيون، جھڙيون انھن ڪليسيائن يھودين کان سٺيون ھيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.ٿسلونيڪين 2:14
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻي جيڪا مصيبت استيفنس جي ڪري اچي پيئي هئي، تنهنڪري جيڪي ٽڙي پکڙي ويا هئا، سي گهُمندي گهُمندي فينيڪي، ۽ ڪپرس، ۽ انتاڪيہ تائين وڃي نڪتا، پر يهودين کانسواءِ ڪنهن بہ ٻئي کي ڪلام ڪين ٻُڌائيندا هئا.


پر يهودين خدا پرست آبروءَ وارين زالن کي، ۽ شهر جي مکيہ ماڻهن کي چوريو، ۽ پولس ۽ برناباس تي ظلم کڙو ڪرايو، ۽ هنن کي پنهنجي سرحد کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيائون.


پر ڪي يهودي انتاڪيہ ۽ اڪونيم مان اتي آيا، ۽ ماڻهن کي پنهنجي پاسي ڪري پولس کي سنگسار ڪيائون؛ ۽ ڀانيائون تہ هو مري ويو آهي، سو گهلي شهر کان ٻاهر ڇڏي آيس.


پر جيڪي يهودي نافرمان هئا، تن غير قومن جي دلين کي چوري، ڀائرن جي برخلاف بدگمان ڪيو.


پر شهر جي ماڻهن ۾ اچي ڦوٽ پيئي؛ ۽ ڪي يهودين جي طرف ٿيا ۽ ڪي رسولن جي.


۽ جڏهن غير قومون ۽ يهودي، پنهنجي سردارن سان گڏ هنن کي بي آبرو ۽ سنگسار ڪرڻ جي لاءِ مٿن ڪاهي آيا،


پر جڏهن ٿسلونيڪيءَ جي يهودين کي خبر پيئي تہ پولس بيريہ ۾ خدا جي ڪلام جي منادي پيو ڪري، تڏهن اُتي بہ وڃي ماڻهن کي چوريائون، ۽ منجهن گوڙ مچايائون.


پر جن ڏينهن ۾ گليو، اخيہ جو حاڪم هو، تن ڏينهن ۾ يهودي پاڻ ۾ ٻَڌي ڪري پولس تي ڪاهي آيا، ۽ عدالت ۾ وٺي آيس؛


۽ شائول هن جي قتل ڪرڻ تي راضي هو. ۽ انهن ڏينهن ۾ جيڪا ڪليسيا يروشلم ۾ هئي، تنهن تي ڏاڍو ظلم ٿيڻ لڳو؛ ۽ رسولن کانسواءِ باقي ٻيا سڀ يهوديہ ۽ سامريہ جي ملڪن ۾ هيڏانهن هوڏانهن ٽڙي پکڙي ويا.


پر شائول ڪليسيا کي تباهہ ڪندو رهيو، ۽ گهر گهر ۾ گهڙي مردن ۽ زالن کي گهلي قيد ڪرائيندو هو.


پر شائول اڃا بہ خداوند جي شاگردن کي ڌمڪائڻ ۽ قتل ڪرڻ جي خيال ۾ ٻڏل هو. سو سردار ڪاهن وٽ ويو،


پر حنانياہ ورندي ڏني، تہ اي خداوند، مون گهڻن کان هن ماڻهوءَ بابت ٻُڌو آهي تہ يروشلم ۾ تنهنجي پاڪ ٿيلن سان ڪهڙيون نہ جُٺيون ڪيون اٿس:


تنهن کانپوءِ ساري يهوديہ، ۽ گليل، ۽ سامريہ ۾ ڪليسيا کي امن مليو، ۽ اُها قائم ٿيندي ويئي؛ ۽ خداوند جي ڊپ ۾ هلندي ۽ پاڪ روح جي تسلي ۾ وڌندي ويئي.


يهودين کي يا يونانين کي، يا خدا جي ڪليسيا کي گمراهہ نہ ڪريو:


رڳو جيئن خداوند هر ڪنهن ماڻهوءَ کي پنهنجو حصو ورهائي ڏنو آهي، ۽ جيئن خدا هر هڪ کي سڏيو آهي، تيئن اهو هلي. ۽ اهو قانون آئون سڀني ڪليسيائن جي لاءِ مقرر ڪري ٿو ڇڏيان.


۽ يهوديہ جون ڪليسيائون، جي مسيح ۾ هيون، تن سان اڃا منهنجي واقفيت ڪانہ ٿي هئي.


پولس ۽ سلوانس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿسلونيڪين جي ڪليسيا ڏانهن، جا خدا پيءُ ۽ خداوند يسوع مسيح ۾ آهي؛ شل اوهان تي فضل ۽ اطمينان هجي.


۽ اوهان پاڪ روح جي خوشيءَ سان گهڻيءَ مصيبت ۾ ڪلام قبول ڪري، اسان وانگر هلي، خداوند جي پيروي ڪئي؛


بلڪ جڏهن اسين اوهان وٽ هئاسين، تڏهن اسان اوهان کي اڳيئي چيو هو تہ اسان کي مصيبت سَهڻي پوندي؛ جيئن ڪ سچ پچ ٿي چڪو، ۽ اوهان کي خبر بہ آهي.


پولس ۽ سلوانس ۽ تيمٿيس جي طرفان ٿسلونيڪين جي ڪليسيا ڏانهن، جا اسان جي خدا پيءُ ۽ خداوند يسوع مسيح ۾ آهي؛


ايتري قدر جو اسين پاڻ خدا جي ڪليسيائن ۾ اوهان تي اِهو فخر ٿا ڪريون تہ جيڪي ظلم ۽ مصيبتون اوهين سهو ٿا، تن سڀني ۾ اوهان جو صبر ۽ ايمان ظاهر ٿو ٿئي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ