Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 9:9 - Sindhi Bible

9 (اڳئين زماني ۾ اسرائيل منجهہ، جڏهن ڪو ماڻهو خدا کان ڪي پڇڻ ويندو هو تڏهن چوندو هو تہ اچو تہ غيب دان وٽ هلون: ڇالاءِ جو جنهن کي هاڻي نبي ٿا سڏين، تنهن کي اڳي غيب دان سڏيندا هئا.)

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9-11 تڏهن سائول پنهنجي نوڪر کي چيو تہ ”چڱي ڳالهہ ڪئي اٿيئي. اچ تہ هلون.“ سو هو انهيءَ شهر ڏانهن ويا جتي اهو خدا جو ٻانهو رهندو هو. جڏهن هو شهر ڏانهن مٿي چڙهي رهيا هئا، تڏهن هنن کي ڪجھہ ڇوڪريون مليون جيڪي پاڻي ڀرڻ لاءِ ٻاهر وڃي رهيون هيون. هنن انهن ڇوڪرين کان پڇيو تہ ”ڇا غيبدان هتي آهي؟“ اڳئين زماني ۾ ائين ٿيندو هو جو بني اسرائيل مان جڏهن ڪنهن ماڻهوءَ کي خدا جي مرضي معلوم ڪرڻي هوندي هئي تہ هو غيبدان وٽ ويندو هو. جنهن کي هاڻي نبي ٿو سڏجي تنهن کي اڳي غيبدان سڏيو ويندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 9:9
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ٻار سندس پيٽ ۾ چُرڻ پرڻ لڳا، تڏهن هن چيو تہ ڇو منهنجو هي حال ٿيو آهي؟ تنهنڪري هوءَ خداوند کان پڇڻ ويئي.


۽ جڏهن دائود صبح جو اُٿيو تڏهن خداوند جو ڪلام دائود جي غيب دان جاد نبيءَ تي نازل ٿيو، جنهن چيس تہ


انهيءَ هوندي بہ خداوند سڀ ڪنهن نبيءَ ۽ سڀ ڪنهن غيب دان جي وسيلي اسرائيل ۽ يهوداہ کي تاڪيد ڪري فرمايو، تہ اوهين پنهنجن بڇڙن رستن کان باز اچو، ۽ منهنجن حڪمن تي ۽ منهنجن قانونن تي انهيءَ ساريءَ شريعت موجب هلو، جا مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني، جا مون پنهنجن ٻانهن نبين جي هٿان موڪلي.


۽ خداوند دائود جي غيب دان، جاد کي فرمايو تہ


۽ اُهي سڀ شيون جي غيب دان سموئيل ۽ سائول بن قيس، ۽ ابنير بن نير، ۽ يوآب بن ضروياہ، مخصوص ڪيون هيون، ۽ ٻيو جيڪي بہ ڪنهن مخصوص ڪيو هو، سو سڀ سلوميت ۽ سندس ڀائرن جي هٿ هيٺ هو.


هاڻي دائود بادشاهہ جا ڪم، شروع کان وٺي آخر تائين، ڏس، سڀيئي سموئيل غيب دان جي تواريخ ۾، ۽ ناتن نبيءَ جي تواريخ ۾، ۽ جاد غيب دان جي تواريخ ۾؛


اهي سڀيئي جي درن جي لاءِ چونڊي دربان ڪري رکيا ويا هئا، سي ٻہ سؤ ٻارنهن ڄڻا هئا. اهي سندن نسب نامي موجب سندن ڳوٺن ۾ شمار ڪيا ويا هئا، ۽ انهن کي دائود ۽ سموئيل نبيءَ سندن عهدن تي مقرر ڪيو هو.


تڏهن آسا انهيءَ غيب دان تي ڪاوڙيو، ۽ انهيءَ کي قيد ۾ کڻي وڌائين؛ ڇالاءِ جو انهيءَ ڳالهہ ڪري هن تي ڏاڍي ڪاوڙ آيس. ۽ ساڳئي وقت ۾ آسا ڪن ماڻهن تي ظلم بہ ڪيا.


۽ انهيءَ وقت حناني غيب دان يهوداہ جي بادشاهہ آسا وٽ آيو، ۽ انهي کي چيائين تہ تو ارام جي بادشاهہ تي ڀروسو رکيو آهي، ۽ خداوند پنهنجي خدا تي ڀروسو نہ رکيو آهي، تنهنڪري ارام جي بادشاهہ جو لشڪر تنهنجي هٿن مان بچي نڪري ويو آهي.


ڇالاءِ جو خداوند اوهان تي گهاٽيءَ ننڊ جو روح موڪليو آهي، ۽ اوهان جون اکيون بند ڪيون اٿس: ۽ اوهان جي نبين، ۽ سردارن، ۽ غيب ڏسندڙن کي ڍڪي ڇڏيو اٿس.


اُهي غيب ڏسڻ واري کي چون ٿا تہ غيب نہ ڏسو، ۽ نبين کي چون ٿا تہ اسان کي نبوت جون سچيون ڳالهيون نہ ٻڌايو؛ اسان کي وڻندڙ ڳالهيون ٻڌايو، ۽ ڪوڙي نبوت ڪريو.


امصياہ عاموس کي هيئن بہ چيو، تہ اي غيب ڏسندڙ تون وڃ، يهوداہ جي ملڪ ڏي ڀڄي وڃ، ۽ اُتي وڃي ماني کاءُ، ۽ اُتي نبوت ڪر:


جيڪڏهن سارو بدن اک هجي ها تہ ٻُڌڻ ڪٿي ٿئي ها؟ جيڪڏهن سارو بدن ٻُڌڻ هجي ها تہ سنگهڻ ڪٿان ٿئي ها؟


۽ يشوع جي وفات ڪرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو جو بني اسرائيل خداوند کان پڇيو، تہ اسان جي لاءِ ڪير پهرين ڪنعانين سان جنگ ڪرڻ لاءِ انهن تي ڪاهي وڃي؟


تڏهن هنن چيس تہ اسين توکي منٿ ٿا ڪريون تہ تون خدا کان پڇي ٻڌاءِ تہ اسان کي خبر پوي تہ جيڪو رستو اسين وٺي ٿا وڃون، سو سڳورو ٿيندو يا نہ.


تڏهن سائول پنهنجي نوڪر کي چيو تہ چڱي ڳالهہ ڪئي اٿيئي؛ اچ تہ هلون. سو هو انهي شهر ڏي ويا جتي اهو خدا جو ٻانهو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ