Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 9:6 - Sindhi Bible

6 ۽ هن چيس تہ هاڻي ڏس، هن شهر ۾ هڪڙو خدا جو ٻانهو آهي، ۽ اُهو اهڙو ماڻهو آهي جنهن کي سڀ عزت ٿا ڏين؛ جيڪي هو چوي ٿو سو سڀ ٿيو پوي: هاڻي هل تہ اُتي هلون؛ شايد هو اسان کي ٻڌائي سگهي تہ ڪهڙو رستو وٺون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 پر نوڪر ورندي ڏنس تہ ”سائين، هن شهر ۾ هڪڙو خدا جو ٻانهو آهي جنهن جي وڏي عزت ڪئي وڃي ٿي، ڇو تہ هو جيڪي چوندو آهي سو سڀ پورو ٿيندو آهي. سو هاڻي هل تہ وٽس هلون، شايد هو اسان کي ٻڌائي ڇڏي تہ اسين ڪهڙو رستو وٺون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 9:6
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو اڄ آءٌ هن چشمي تي آيس ۽ چيم تہ اي خداوند، منهنجي مالڪ ابرهام جا خدا، هيءَ مسافري، جا مون ڪئي آهي، سا جي تون سَجائي ڪرين،


بادشاهہ صدوق ڪاهن کي هيترو بہ چيو تہ تون غيب ڏسندڙ ناهين ڇا؟ سلامتيءَ سان شهر ۾ موٽي وڃ، ۽ پاڻ سان پنهنجا ٻئي پٽ، اخيمعض تنهنجو پٽ، ۽ يونتن ابياتر جو پٽ، وٺي وڃ.


۽ ڏسو، هڪڙو خدا جو ٻانهو خدا جي حڪم سان يهوداہ مان بيت ايل ۾ آيو: ۽ يربعام قربانگاهہ جي پاسي ۾ بيٺي لوبان ساڙيو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خدا جي مرد اليشع ٻڌو تہ اسرائيل جي بادشاهہ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا آهن، تڏهن هن بادشاهہ ڏانهن چوائي موڪليو تہ تو ڇالاءِ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا آهن؟ هاڻي ڀلي تہ هو مون وٽ اچي، پوءِ هن کي معلوم ٿيندو تہ اسرائيل ۾ ڪو نبي آهي.


۽ خدا جي مرد چيو تہ اهو ڪٿي ڪِريو؟ ۽ هن اُها جاءِ ڏيکاريس. تڏهن هن هڪڙي ڪاٺي وڍي انهيءَ هنڌ اُڇلائي تہ لوهہ نڪري ترڻ لڳو.


اهو ڪهڙو ماڻهو آهي جو خداوند کان ڊڄي ٿو؟ هو ان کي اهو رستو ڏيکاريندو جو کيس پسند آهي.


جو پنهنجي بندي جو ڪلام ثابت ٿو ڪري، ۽ پنهنجي قاصدن جي مصلحت پوري ٿو ڪري؛ جو يروشلم بابت چوي ٿو تہ اهو آباد ٿيندو؛ ۽ يهوداہ جي شهرن بابت تہ اهي اڏبا، آءٌ هن جا ويران هنڌ آباد ڪندس:


آسمان ۽ زمين ٽري ويندا، پر منهنجو ڪلام ڪڏهن ڪين ٽرندو.


خدا جي ٻانهي موسيٰ پنهنجي مرڻ کان اڳي بني اسرائيل کي جيڪا برڪت ڏني سا هيءَ آهي.


اوهين پاڻ شاهد آهيو ۽ خدا بہ تہ ڪهڙيءَ طرح ايمان وارن سان اسين پاڪ، ۽ راستباز ۽ بي عيب ٿي هلياسين:


۽ کين سندن خدمت جي سببان محبت سان گهڻو مانُ ڏيو. پاڻ ۾ صلح سانت سان رهو.


پر اي خدا جا بندا، تون انهن ڳالهين کان پري ڀڄ؛ ۽ راستبازيءَ، دينداريءَ، ايمان، محبت، صبر ۽ حلم جو طالب ٿيءُ.


۽ هڪڙو خدا جو ٻانهو عيليءَ وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ خداوند ٿو فرمائي تہ جڏهن تنهنجي پيءُ جو گهراڻو مصر ۾ فرعون جي گهراڻي جي ٻانهپ ۾ هو، تڏهن مون انهن کي ڏيکاري ڏني هئي يا نہ؟


تڏهن نوڪر سائول کي ورندي ڏيئي چيو تہ ڏس، منهنجي هٿ ۾ چانديءَ جي هڪڙي شيڪل جو چوٿون حصو آهي: اُهو کڻي انهي خدا جي ٻانهي کي ڏيندس، تہ اسان کي رستو ڏيکاري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ