Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 9:26 - Sindhi Bible

26 ۽ هو سوير اُٿيا: ۽ سج اُڀرڻ مهل هيئن ٿيو تہ سموئيل گهر جي کڏ تي سائول وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ اُٿ تہ آءٌ توکي روانو ڪريان. تڏهن سائول اُٿيو، ۽ هو، ۽ سموئيل، ٻئي ڄڻا ٻاهر نڪري ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 صبح جو پرهہ ڦٽڻ مهل هو سجاگ ٿيا. تڏهن سموئيل سائول کي ڇت تي سڏ ڪري چيو تہ ”هلو، تہ آءٌ توهان کي اڳڀرو ڪري اچان.“ پوءِ هو اٿيا ۽ سموئيل سان گڏ ٻاهر نڪري ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 9:26
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ لوط ٻاهر وڃي پنهنجي ناٺين، جن سان سندس ڌيئرن جي شادي ٿيڻي هئي، تن سان ڳالهہ ٻولهہ ڪئي، ۽ چيائين تہ اُٿو هن هنڌان نڪري وڃو؛ ڇالاءِ جو خداوند هي شهر برباد ڪندو. پر سندس ناٺين سمجهيو تہ هو چرچا ٿو ڪري.


۽ جڏهن هو شهر مان نڪري اڃا ٿورو ئي پري ويا، تہ يوسف پنهنجي داروغي کي چيو تہ اٿي هنن ماڻهن جي پٺيان وڃ ۽ جڏهن کين پهچين، تڏهن چئجان تہ اوهان نيڪيءَ جي عيوض بدي ڇو ڪئي؟


اُٿ، ماڻهن کي پاڪ ڪر، ۽ چئين تہ سڀاڻي جي لاءِ اوهين پاڻ کي پاڪ ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل تنهنجي وچ ۾ هڪڙي لعنت ڪيل شيءِ آهي، ۽ جيستائين اوهين اُها لعنت ڪيل شيءِ پاڻ وٽان ڪڍي نہ ڇڏيندا، تيستائين اوهين پنهنجن دشمنن جي اڳيان بيهي نہ سگهندا.


۽ هن چيس تہ اُٿ تہ هلون؛ پر جواب ڏيڻ وارو ڪو ڪونہ هو: تڏهن هن انهي کي کڻي گڏهہ تي رکيو، ۽ اُهو ماڻهو اُٿي پنهنجي گهر ڏانهن روانو ٿيو.


۽ جڏهن هو اُنهي مٿانهين جاءِ تان لهي شهر ۾ آيا، تڏهن هن گهر جي ڇت تي سائول سان گفتگو ڪئي.


جيئن هو لهندا شهر جي پڇاڙيءَ تائين آيا، تيئن سموئيل سائول کي چيو، تہ پنهنجي نوڪر کي چئُہ تہ اسان جي اڳيان لنگهي اڳتي وڃي (۽ هو لنگهي اڳتي ويو)، پر تون هن هنڌ بيهي رهہ تہ آءٌ توکي خدا جو ڪلام ٻڌايان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ