انهيءَ کان سواءِ وڌيڪ، ڇالاءِ جو مون کي خدا جي گهر جي لنؤ لڳي، ۽ مون وٽ سون ۽ چانديءَ جو خانگي خزانو آهي، تنهنڪري آءٌ انهيءَ کي بہ انهن سڀني شين کانسواءِ جي مون پاڪ گهر جي لاءِ تيار ڪيون آهن، سي پنهنجي خدا جي گهر لاءِ ڏيان ٿو؛
پر جي اوهين خداوند جي ڳالهہ نہ مڃيندا، ۽ خداوند جي حڪم جي برخلاف ٿيندا، تہ خداوند جو هٿ اوهان جي برخلاف ائين ٿيندو جيئن ڪ اوهان جي ابن ڏاڏن جي برخلاف هو.