Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 9:2 - Sindhi Bible

2 ۽ انهي کي هڪڙو پٽ هو، جنهن جو نالو سائول هو، ۽ هو سهڻو جوان هو: ۽ بني اسرائيل ۾ انهي کان وڌيڪ ٻيو ڪو خوبصورت ماڻهو ڪونہ هو: ڪلهن کان وٺي ۽ مٿي، هو ٻين سڀني ماڻهن کان ڊگهو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 کيس هڪڙو جوان ۽ خوبصورت پٽ هو، جنهن جو نالو سائول هو. بني اسرائيل ۾ انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪوبہ پُرڪشش ماڻهو ڪونہ هو. هو ايترو تہ ڊگھو هو جو ٻيا ماڻهو سندس ڪلهن تائين پهچندا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 9:2
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خدا جي پٽن ماڻهن جي ڌيئرن کي ڏٺو تہ اهي سهڻيون آهن، ۽ انهن مان جنهن کي جيڪا وڻي، سا هن پنهنجي زال ڪئي.


۽ نير کي قيس ڄائو؛ ۽ قيس کي سائول ڄائو؛ ۽ سائول کي يونتن، ۽ ملڪيشوع، ۽ ابينداب، ۽ اشبعل.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏاهو ماڻهو پنهنجي ڏاهپ تي فخر نہ ڪري، نڪي زور وارو ماڻهو پنهنجي زور تي فخر ڪري، نڪي دولتمند ماڻهو پنهنجي دولت تي فخر ڪري:


۽ اسان اتي راڪاس ڏٺا، يعني عناق جو اولاد، جي راڪاسن جي نسل مان آهن، ۽ اسين انهن جي اڳيان پنهنجي نظر ۾ تڏين جهڙا هئاسين، ۽ انهن جي نظر ۾ بہ اهڙا ئي هئاسين.


۽ هن بنيمين جو فرقو، سندن قبيلن موجب گڏ ڪيو، ۽ مطرين جو قبيلو چونڊي ڪڍيو ويو: ۽ سائول جو پٽ قيس ڪڍيو ويو؛ پر جڏهن هنن انهي کي ڳوليو تڏهن هو لڀي نہ سگهيو.


پر خداوند سموئيل کي چيو تہ هن جي چهري يا هن جي قد جي اونچائي تي نظر نہ ڪر: ڇالاءِ جو مون هن کي رد ڪيو آهي: خداوند ائين نٿو ڏسي جيئن انسان ڏسندو آهي؛ ڇالاءِ جو انسان ظاهري صورت ٿو ڏسي، پر خداوند دل تي نظر ٿو ڪري.


۽ فلستين جي لشڪرگاهہ مان هڪڙو پهلوان نڪتو، جنهن جو نالو جالوت هو، جو جات جو هو، ۽ جنهن جو قد ڇهہ هٿ ۽ هڪڙي گرانٺ هو.


۽ سائول جي پيءُ قيس جا گڏهہ گم ٿي ويا، ۽ قيس پنهنجي پٽ سائول کي چيو تہ اُٿ هڪڙو نوڪر پاڻ سان وٺي وڃي گڏهہ ڳولهہ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ