Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 9:17 - Sindhi Bible

17 ۽ جڏهن سموئيل سائول کي ڏٺو تڏهن خداوند هن کي چيو تہ جنهن ماڻهوءَ جو مون توسان ذڪر ڪيو هو، سو ڏس! اهو ساڳيو منهنجي قوم تي حڪم هلائيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 سو سموئيل جڏهن سائول کي ڏٺو تڏهن خداوند کيس چيو تہ ”هي اهو ئي ماڻهو آهي، جنهن جو مون تو سان ذڪر ڪيو هو. اهو ئي ماڻهو منهنجيءَ قوم تي حڪمراني ڪندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 9:17
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ سبت جي ڏينهن کان اڳي، جڏهن يروشلم جي دروازن ۾ اونداهي ٿيڻ لڳي، تڏهن مون حڪم ڏنو تہ دروازا بند ڪريو، ۽ اهو بہ حڪم ڏنو تہ جيستائين سبت لنگهي نہ وڃي، تيستائين اُهي نہ کوليو: ۽ پنهنجن نوڪرن مان ڪن کي مون دروازن جي نظرداريءَ لاءِ ويهاريو، تہ متان سبت جي ڏينهن ڪو بار اندر کڄي اچي.


۽ مون انهن سان جهيڙو ڪيو، ۽ پٽيومان، ۽ منجهان ڪن کي ڌڪ هنيم، ۽ سندن وار پَٽيم، ۽ خدا جو قسم کڻائي چيومان تہ اوهين پنهنجون ڌيئرون هنن جي پٽن کي متان ڏيو، نڪي هنن جون ڌيئرون پنهنجن پٽن لاءِ يا پاڻ لاءِ وٺجو.


تڏهن منهنجي چاچي جو پٽ حنم ايل خداوند جي ڪلام موجب پهري وارن جي ايوان ۾ مون وٽ آيو، ۽ مون کي چيائين تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ جيڪا منهنجي ٻني عنتوت ۾ آهي، ۽ جا بنيمين جي زمين آهي، سا خريد ڪر، ڇالاءِ جو موروثي حق ۽ خريداريءَ جو حق تنهنجو آهي؛ سو اُها پنهنجي لاءِ خريد ڪر. تڏهن مون کي معلوم ٿيو تہ اهو خداوند جو ڪلام هو.


مون پنهنجي ڪاوڙ ۾ توکي هڪڙو بادشاهہ ڏنو، ۽ پنهنجي غصي ۾ انهي کڻي ورتو اٿم.


تنهن کانپوءِ هنن بادشاهہ گهُريو؛ ۽ خدا چاليهن ورهين جي عرصي تائين بنيمين جي قبيلي مان قيش جي پٽ شائول کي سندن بادشاهہ ڪيو.


ڇالاءِ جو مون هن کي چيو آهي تہ جنهن ڏوهہ جي کيس خبر آهي تنهن جي لاءِ آءٌ هميشہ تائين سندس گهراڻي کي سزا ڏيندس، ڇالاءِ جو هن جي پٽن پاڻ تي لعنت آندي، ۽ هن کين ڪين روڪيو.


تڏهن سائول دروازي ۾ سموئيل جي ويجهو اچي هن کي چيو، تہ ڀلائي ڪري مون کي ٻڌاءِ تہ غيب دان جو گهر ڪٿي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ