Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 9:16 - Sindhi Bible

16 سڀاڻي هن وقت ڌاري آءٌ بنيمين جي ملڪ مان هڪڙو ماڻهو تو ڏانهن موڪليندس، ۽ تون انهي کي منهنجي قوم اسرائيل جي مٿان سردار ٿيڻ لاءِ تيل سان مسح ڪج: ۽ هو منهنجي قوم کي فلستين جي هٿان بچائيندو: ڇالاءِ جو مون پنهنجي قوم تي نظر ڪئي آهي، جو هنن جي دانهن مون تائين پهتي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

16 ”سڀاڻي هن وقت ڌاري آءٌ بنيامين جي ملڪ مان هڪڙو ماڻهو تو ڏانهن موڪليندس. تون انهيءَ کي منهنجيءَ قوم بني اسرائيل جي مٿان اڳواڻ ٿيڻ لاءِ تيل سان مسح ڪجانءِ. هو منهنجيءَ قوم کي فلستين جي هٿان ڇڏائيندو، ڇاڪاڻ تہ مون پنهنجيءَ قوم تي آيل مصيبت ڏسندي سندن دانهن ٻڌي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 9:16
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هاڻي ائين ڪريو: ڇالاءِ جو خداوند دائود جي نسبت ۾ فرمايو آهي تہ پنهنجي ٻانهي دائود جي هٿان آءٌ پنهنجي قوم اسرائيل کي فلستين ۽ سندس ٻين دشمنن جي هٿن کان بچائيندس.


پٺتي موٽ ۽ منهنجي قوم جي سردار حزقياہ کي چئُہ تہ خداوند، تنهنجي پيءُ دائود جو خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ مون تنهنجي دعا ٻڌي آهي، ۽ مون تنهنجا ڳوڙها ڏٺا آهن: ڏس، آءٌ توکي شفا بخشيندس: ٽئين ڏينهن تون مٿي خداوند جي گهر ۾ ويندين.


اي خداوند منهنجي دعا ٻڌ، ۽ منهنجون دانهون تنهنجي حضور ۾ پهچن.


انهيءَ هوندي بہ جڏهن هن سندن دانهون ٻڌيون، تڏهن انهن جي تڪليفن تي نظر ڪيائين.


منهنجي ڏک ۽ مصيبت ڏانهن نگاهہ ڪر؛ ۽ منهنجا سڀ گناهہ معاف ڪر.


ماڻهو جي دل سندس رستو رٿي ٿي: پر خداوند ان جي قدمن کي هلائي ٿو.


تڏهن منهنجي چاچي جو پٽ حنم ايل خداوند جي ڪلام موجب پهري وارن جي ايوان ۾ مون وٽ آيو، ۽ مون کي چيائين تہ آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ جيڪا منهنجي ٻني عنتوت ۾ آهي، ۽ جا بنيمين جي زمين آهي، سا خريد ڪر، ڇالاءِ جو موروثي حق ۽ خريداريءَ جو حق تنهنجو آهي؛ سو اُها پنهنجي لاءِ خريد ڪر. تڏهن مون کي معلوم ٿيو تہ اهو خداوند جو ڪلام هو.


تڏهن سموئيل تيل جي ڪُپي کڻي هن جي مٿي تي هاري، ۽ هن کي چُمي ڏنائين، ۽ چيائين تہ ائين ناهي ڇا تہ خداوند توکي انهي لاءِ تيل مکيو آهي تہ تون سندس ميراث جو سردار ٿين؟


۽ سائول، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا سي گڏ ٿيا، ۽ جنگ ڪرڻ آيا: ۽ ڏسو هر ڪنهن ماڻهوءَ جي ترار سندس سنگتيءَ جي مٿان هئي، ۽ نهايت گهڻي پريشاني، ۽ حيراني پئجي وئي.


انهي طرح خداوند انهي ڏينهن اسرائيل کي بچايو: ۽ جنگ لنگهي بيت آون جي پاسي کان ويئي.


۽ سموئيل سائول کي چيو، تہ مون کي خداوند موڪليو تہ توکي مسح ڪري سندس قوم تي، يعني اسرائيل تي بادشاهہ ڪريان: تنهنڪري هاڻي تون خداوند جو ڪلام ٻڌ.


۽ خداوند سموئيل کي چيو تہ ڪيستائين تون سائول جي لاءِ افسوس ڪندين، جڏهن ڏسين ٿو تہ مون هن کي اسرائيل تي بادشاهہ ٿيڻ کان رد ڪيو آهي؟ پنهنجو سڱ تيل سان ڀر ۽ وڃ، آءٌ توکي بيت لحم واري يسيءَ ڏي موڪليندس: ڇالاءِ جو مون هن جي پٽن مان هڪڙي کي پنهنجي لاءِ بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.


۽ يسيءَ کي بہ قربانيءَ تي سڏ، پوءِ آءٌ توکي ڏيکاريندس تہ ڇا ڪندين: ۽ تون انهي کي جنهن جي نالي آءٌ توکي چوان منهنجي لاءِ تيل سان مسح ڪج.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ