15 هاڻي سائول جي اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳي خداوند سموئيل کي خبر ڏني، ۽ چيائينس تہ
15 جڏهن تہ سائول جي اچڻ کان هڪ ڏينهن اڳي خداوند سموئيل تي ظاهر ڪري ڇڏيو هو تہ
ڇالاءِ جو اي لشڪرن جا خداوند، اسرائيل جا خدا، تو پنهنجي ٻانهي کي ظاهر ڪري ٻڌايو ۽ چيو تہ آءٌ، تنهنجي لاءِ گهر جوڙيندس: تنهنڪري تنهنجي ٻانهي جي دل ۾ همت آئي تہ توکان هيءَ دعا گهري.
تڏهن هو ماڻهن جا ڪن کولي ٿو، ۽ هنن جي تعليم تي مهر هڻي ٿو ڇڏي،
جيڪي خداوند کان ڊڄن ٿا سي ئي سندس ڳجهہ کان واقف آهن؛ ۽ اُنهن کي هو پنهنجو عهد سمجهائيندو.
يقين آهي تہ خداوند ڪي بہ ڪين ڪندو، پر هو پنهنجو ڳجهہ پنهنجن ٻانهن نبين کي ظاهر ڪري ٻڌائيندو:
تنهن کانپوءِ هنن بادشاهہ گهُريو؛ ۽ خدا چاليهن ورهين جي عرصي تائين بنيمين جي قبيلي مان قيش جي پٽ شائول کي سندن بادشاهہ ڪيو.
ڇاڪاڻ جو خدا، جنهن جو آئون آهيان، ۽ جنهن جي عبادت ٿو ڪريان، تنهن جو ملائڪ رات جو مون وٽ آيو،
۽ سموئيل سائول کي چيو، تہ مون کي خداوند موڪليو تہ توکي مسح ڪري سندس قوم تي، يعني اسرائيل تي بادشاهہ ڪريان: تنهنڪري هاڻي تون خداوند جو ڪلام ٻڌ.
۽ هن چيس تہ خدا پناهہ رکي؛ تون ڪين مرندين: ڏس، منهنجو پيءُ ڪوبہ اهڙو وڏو يا ننڍو ڪم نہ ڪندو آهي، جو مون کي نہ ٻڌائيندو آهي: ۽ منهنجو پيءُ مون کان اها ڳالهہ ڇو لڪائيندو؟ ائين ڪين آهي.
۽ خداوند وري بہ سيلا ۾ ظاهر ٿيو: ڇالاءِ جو خداوند پاڻ کي سموئيل تي سيلا ۾، خداوند جي ڪلام جي وسيلي ظاهر ڪيو.
تڏهن هو چڙهي انهي شهر ڏي ويا، ۽ جيئن هو شهر جي اندر آيا تيئن، ڏسو، سموئيل انهن جي سامهون اچي نڪتو، انهي لاءِ تہ هو مٿانهين جاءِ تي چڙهي وڃي.
۽ جڏهن سموئيل سائول کي ڏٺو تڏهن خداوند هن کي چيو تہ جنهن ماڻهوءَ جو مون توسان ذڪر ڪيو هو، سو ڏس! اهو ساڳيو منهنجي قوم تي حڪم هلائيندو.