Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 8:5 - Sindhi Bible

5 ۽ هن کي چيائون تہ ڏس، تون عمر رسيدہ آهين، ۽ تنهنجا پٽ تنهنجي نموني تي نٿا هلن: هاڻي تون اسان کي ڪو بادشاهہ مقرر ڪري ڏي تہ اهو اسان تي حڪم هلائي، جيئن ٻين قومن لاءِ آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 کيس چيائون تہ ”عرض آهي تہ جيئن تہ تون پوڙهو ٿي ويو آهين ۽ تنهنجا پٽ تنهنجيءَ راهہ تي پڻ ڪونہ ٿا هلن، تنهنڪري ٻين قومن وانگر تون هاڻي اسان تي ڪو بادشاهہ مقرر ڪر تہ هو اسان جي اڳواڻي ڪري.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 8:5
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڇالاءِ جو جبلن جي چوٽيءَ تان آءٌ هن کي ڏسان ٿو، ۽ ٽڪرين تان منهنجي هن تي نظر ٿي پوي: ڏس، هيءَ اُها اُمت آهي جا اڪيلي ٿي رهي، ۽ ٻين قومن ۾ شمار نہ ڪئي ويندي.


تنهن کانپوءِ هنن بادشاهہ گهُريو؛ ۽ خدا چاليهن ورهين جي عرصي تائين بنيمين جي قبيلي مان قيش جي پٽ شائول کي سندن بادشاهہ ڪيو.


تڏهن بني اسرائيل جدعون کي چيو تہ تون، ۽ تنهنجو پٽ، ۽ تنهنجي پٽ جو پٽ بہ ڀلي اسان تي حڪومت ڪريو: ڇالاءِ جو تو اسان کي مديانين جي هٿان ڇڏايو آهي.


پر اڄوڪي ڏينهن اوهان پنهنجي خدا کي رد ڪري ڇڏيو آهي، جو پاڻ اوهان کي اوهانجن سڀني آفتن ۽ مصيبتن مان بچائي ٿو؛ ۽ اوهان هن کي چيو آهي تہ اسان تي هڪڙو بادشاهہ مقرر ڪر. تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجن فرقن موجب، ۽ پنهنجن هزارن موجب، خداوند جي اڳيان حاضر ٿيو.


تنهنڪري هاڻي اُهو بادشاهہ ڏسو، جنهن کي اوهان پسند ڪيو آهي، ۽ جو اوهان گهري ورتو آهي: ۽ ڏسو، خداوند هڪڙو بادشاهہ اوهان تي مقرر ڪيو آهي.


اڄ ڪڻڪ جي فصل لهڻ جو ڏينهن نہ آهي ڇا؟ آءٌ خداوند کي عرض ڪندس تہ گجگوڙ ۽ مينهن موڪلي؛ ۽ اوهين ڄاڻندا ۽ ڏسندا تہ پنهنجي لاءِ بادشاهہ گهرڻ ڪري اوهان خداوند جي نظر ۾ وڏو گناهہ ڪيو آهي.


۽ هاڻي ڏسو اُهو بادشاهہ اوهان جي اڳيان هلي ٿو: ۽ آءٌ ٻڍو آهيان، ۽ منهنجو مٿو اڇو ٿيو آهي؛ ۽ ڏسو، منهنجا پٽ اوهان سان آهن: ۽ آءٌ ننڍپڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اوهان جي اڳيان پئي هليو آهيان.


باقي تنهنجا گڏهہ جي ٽيون ڏينهن گم ٿي ويا هئا، تن جو ڪو خيال نہ ڪر، ڇالاءِ جو اُهي لڌا آهن. ۽ اسرائيل ۾ سڀني کان سٺيون شيون ڪنهن جي لاءِ آهن؟ تنهنجي ۽ تنهنجي پيءُ جي ساري گهراڻي لاءِ ناهن ڇا؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ