Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 8:19 - Sindhi Bible

19 پر ماڻهن سموئيل جي ڳالهہ مڃڻ کان انڪار ڪيو؛ ۽ چوڻ لڳا تہ نہ؛ پر اسان کي ضرور پنهنجي مٿان بادشاهہ گهرجي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

19 مگر ماڻهن سموئيل جي ڳالهہ ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چوڻ لڳا تہ ”هرگز نہ، بلڪ اسان کي ضرور پنهنجي مٿان بادشاهہ گھرجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 8:19
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر هنن نہ ٻڌو: ۽ منسي هنن کي ٺڳاري انهن کان اُهي ڪم ڪرايا جي اُنهن قومن جي ڪمن کان بہ خراب هئا، جن کي خداوند بني اسرائيل جي اڳيان چٽ ڪري ڇڏيو.


پر منهنجي اُمت منهنجو آواز نہ ٻڌو؛ ۽ اسرائيل مون کي نہ مڃيو.


سو مون کين ڇڏي ڏنو تہ ڀلي تہ پنهنجي دل جي هوڏ تي، ۽ صلاح تي هلن.


آءٌ بہ انهن جي وهمن کي چونڊيندس، ۽ جن ڳالهين کان هو ڊڄن ٿا سي مٿانئن آڻيندس؛ ڇالاءِ تہ جڏهن مون سڏيو تڏهن ڪنهن بہ جواب ڪونہ ڏنو؛ جڏهن مون ڳالهايو تڏهن انهن نہ ٻڌو؛ جيڪي منهنجيءَ نظر ۾ خراب هو سو انهن ڪيو، ۽ جنهن مان آءٌ راضي نہ هوس سو پسند ڪيائون.


جيڪو ڪلام تو اسان کي خداوند جي نالي سان ٻڌايو آهي، سو تنهنجي واتان نہ ٻڌنداسين.


۽ هاڻي خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان هي سڀ ڪم ڪيا آهن، ۽ مون اوهان سان سوير اُٿي ڳالهايو پر اوهان نہ ٻڌو: ۽ مون اوهان کي سڏيو پر اوهان جواب ڪونہ ڏنو:


هو تو وٽ ائين اچن ٿا جيئن اُمت جا ماڻهو ايندا آهن، ۽ منهنجي قوم وانگر تنهنجي اڳيان ويهن ٿا ۽ تنهنجون ڳالهيون ٻُڌن ٿا، پر انهن تي عمل نٿا ڪن: ڇالاءِ جو هو پنهنجي وات سان محبت ڏيکارين ٿا، پر سندن دل سندن نفعي جي پٺيان ٿي وڃي.


جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ جڏهن تون پهچين، ۽ انهي تي قبضو ڪري منجهس رهڻ لڳين؛ ۽ چوين تہ آءٌ پنهنجي مٿان ڪو بادشاهہ مقرر ڪريان، جيئن منهنجي آس پاس وارين سڀني قومن ڪيو آهي؛


۽ جڏهن اوهان ڏٺو تہ بني عمون جو بادشاهہ ناحس اوهان تي ڪاهي آيو تڏهن اوهان مون کي چيو تہ اسان تي هڪڙو بادشاهہ ضرور بادشاهي ڪري: ۽ حقيقت ڪري خداوند اوهان جو خدا اوهان جو بادشاهہ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ