Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 8:14 - Sindhi Bible

14 ۽ هو اوهان جون ٻنيون، ۽ اوهان جا ڊاک جا منهہ، ۽ اوهان جا زيتونن جا باغ، جي تمام چڱا هوندا، سي وٺي پنهنجن ٻانهن کي ڏيئي ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

14 هو اوهان جون تمام ڀليون ٻنيون، اوهان جا انگورن جا باغ ۽ اوهان جا زيتونن جا باغ اوهان کان کسي پنهنجي خدمتگارن کي ڏيئي ڇڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 8:14
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ تون اُنهيءَ کي چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ تو خون بہ ڪيو آهي ۽ ملڪيت بہ ڦري آهي ڇا؟ ۽ کيس چئُہ تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ جنهن جاءِ تي ڪتن نبوت جو رت چٽيو، اُتي ڪتا تنهنجو بہ رت چٽيندا.


۽ اخي آب نبوت کي چيو تہ اهو تنهنجو ڊاک جو منهہ منهنجي گهر جي ويجهو آهي، تنهنڪري اهو مون کي ڏي تہ انهيءَ کي ڀاڄين جو باغ بنايان؛ ۽ انهيءَ جي بدران آءٌ توکي انهيءَ کان بهتر ڊاک جو منهہ ڏيندس: يا جي تنهنجي مرضي هوندي تہ اُنهيءَ جو ملهہ آءٌ توکي ڏيندس.


تڏهن سندس زال ايزبل چيس تہ تون اسرائيل جي بادشاهت تي هاڻي حڪم هلائين ٿو يا نہ؟ اُٿي ماني کاءُ ۽ پنهنجي دل خوش ڪر: آءٌ توکي نبوت يزرعيليءَ جو ڊاک جو منهہ ڏينديس.


تنهن کانسواءِ بادشاهہ رعيت جو ورثو نہ وٺندو، جنهنڪري هو پنهنجي موروثي ملڪيت کان خارج ٿي وڃن؛ هو پنهنجن پٽن کي خود پنهنجي ملڪيت مان ورثو ڏيندو: انهي لاءِ تہ منهنجي قوم مان ڪوبہ ماڻهو پنهنجي موروثي ملڪيت کان خارج ٿي نڪري نہ وڃي.


۽ سائول اُنهن پنهنجي نوڪرن کي چيو، تہ اي بنيمينيو، هاڻي ٻڌو، يسيءَ جو پٽ اوهان سڀني کي ٻنيون ۽ ڊاک جا باغ ڏيندو ڇا، يا هو اوهان سڀني کي هزارن جا سردار، ۽ سوَن جا سردار ڪندو ڇا؟


۽ هو اوهانجين ڌيئرن کي مٺاين جوڙڻ، ۽ طعام رڌڻ، ۽ مانين پچائڻ جي ڪم ۾ لڳائيندو.


هو اوهان جي اَن، ۽ اوهان جي ڊاک جي منهہ جو ڏهون حصو وٺي پنهنجن عملدارن کي ۽ پنهنجن ٻانهن کي ڏيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ