Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 8:12 - Sindhi Bible

12 ۽ هو انهن کي پنهنجي لاءِ هزارن جو عملدار، ۽ پنجاهن جو عملدار مقرر ڪندو: ۽ ڪن کي هو پنهنجي زمين کيڙڻ لاءِ، ۽ پنهنجي فصل لڻڻ لاءِ، ۽ جنگ جي هٿيارن جوڙڻ لاءِ، ۽ پنهنجين گاڏين جي اوزارن جوڙڻ لاءِ رکندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 انهن مان ڪن کي هو پنهنجي لاءِ هزار هزار ماڻهن جو سالار ۽ ڪن کي پنجاهہ پنجاهہ ماڻهن جو سالار مقرر ڪندو. ڪن کي هو هر هلائڻ، فصل لڻڻ، جنگ جي هٿيارن جوڙڻ ۽ پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏين جي اوزارن ٺاهڻ لاءِ مقرر ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 8:12
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ سليمان جا ٻارهن عملدار ساري اسرائيل جي مٿان هوندا هئا، جي بادشاهہ ۽ سندس گهراڻي لاءِ سرسات موجود ڪري ڏيندا هئا: هرهڪ سال ۾ هڪ مهيني جي لاءِ سامان موجود ڪري ڏيندو هو.


۽ موسيٰ لشڪرن جي عملدارن تي، يعني جيڪي هزارن جا سردار ۽ سون جا سردار هئا، ۽ جنگ تان آيا هئا تن تي ڪاوڙيو.


۽ سائول اُنهن پنهنجي نوڪرن کي چيو، تہ اي بنيمينيو، هاڻي ٻڌو، يسيءَ جو پٽ اوهان سڀني کي ٻنيون ۽ ڊاک جا باغ ڏيندو ڇا، يا هو اوهان سڀني کي هزارن جا سردار، ۽ سوَن جا سردار ڪندو ڇا؟


۽ هو اوهانجين ڌيئرن کي مٺاين جوڙڻ، ۽ طعام رڌڻ، ۽ مانين پچائڻ جي ڪم ۾ لڳائيندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ