Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 7:9 - Sindhi Bible

9 ۽ سموئيل هڪڙو کير پياڪ گهيٽو کنيو، ۽ خداوند جي حضور ۾ اسرائيل جي لاءِ اهو سڄو سارو سوختني قرباني ڪري چاڙهيائين؛ ۽ اسرائيل جي لاءِ دعا گهريائين؛ ۽ خداوند هن جي دعا قبول ڪئي

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 تڏهن سموئيل هڪڙو کير پياڪ گھيٽو وٺي اهو سڄو سارو بني اسرائيل جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ساڙڻ واري قربانيءَ طور قربان ڪيو ۽ بني اسرائيل جي لاءِ دعا گھريائين. خداوند هن جي دعا قبول ڪئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 7:9
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مصيبت جي ڏينهن مونکي پڪار، آءٌ توکي ڇڏائيندس، ۽ تون منهنجو جلال ظاهر ڪندين.


هن جي ڪاهنن مان موسيٰ ۽ هارون، ۽ سندس نالو وٺي دعا گهرڻ وارن مان سموئيل، انهن سڀني خداوند کي پڪاريو ۽ هن کين جواب ڏنو.


تڏهن خداوند مون کي چيو تہ جيتوڻيڪ موسيٰ ۽ سموئيل منهنجي اڳيان کڻي بيهن تہ بہ جيڪر منهنجي دل هن قوم ڏي ڪڏهن بہ نہ لڙي: انهن کي منهنجي نظر اڳيان ڪڍي ڇڏ تہ ڀلي هليا وڃن.


جڏهن ڪو گابو، يا گهيٽو، يا ڇيلو ڄمي، تڏهن ست ڏينهن اهي پنهنجيءَ ماءُ وٽ رهن؛ ۽ اٺين ڏينهن، يا انهي کان پوءِ اهي خداوند جي لاءِ باهہ سان ساڙيل قربانيءَ واسطي قبول پوندا.


۽ مون خدا کان هيءَ دعا گهري، تہ اي خداوند خدا، تون پنهنجيءَ اُمت کي، يعني پنهنجيءَ ميراث کي، برباد نہ ڪر، جنهن کي تو پنهنجيءَ قدرت سان ڇڏايو آهي، ۽ جنهن کي تون پنهنجي زوراور هٿ سان مصر مان ڪڍي آيو آهين.


تنهنڪري پنهنجا گناهہ هڪٻئي اڳيان باسيو ۽ هڪٻئي لاءِ دعا گهُرو تہ شفا پايو. راستباز ماڻهوءَ جي دعا جو گهڻو اثر ٿو ٿئي.


۽ خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ هن مضبوط ڳڙهہ جي چوٽيءَ تي، پوري بندوبست سان، هڪڙي قربانگاهہ جوڙ، ۽ اُهو ٻيو ڍڳو وٺي، يسيرت وارين وڍيل ڪاٺين سان سوختني قرباني چاڙهہ.


۽ جڏهن صبح جو سوير شهر جا ماڻهو اُٿيا، تڏهن ڏسن تہ بعل جي قربانگاهہ ڀڳي پيئي آهي، ۽ ان جي پاسي واري يسيرت وڍي پيئي آهي، ۽ جيڪا نئين قربانگاهہ جڙيل آهي، تنهن تي ٻيو ڍڳو قرباني ٿيل آهي.


۽ تون مون کان اڳ ۾ جلجال ڏي لهي ويندين؛ ۽ ڏس، آءٌ تو وٽ ايندس، انهي لاءِ تہ سوختني قربانيون، ۽ سلامتيءَ جون قربانيون بجا آڻيان؛ ست ڏينهن تون اُتي ترسج، جيسين ڪ آءٌ تو وٽ اچان، ۽ جيڪي توکي ڪرڻو آهي، سو توکي ڏيکاريان.


اڄ ڪڻڪ جي فصل لهڻ جو ڏينهن نہ آهي ڇا؟ آءٌ خداوند کي عرض ڪندس تہ گجگوڙ ۽ مينهن موڪلي؛ ۽ اوهين ڄاڻندا ۽ ڏسندا تہ پنهنجي لاءِ بادشاهہ گهرڻ ڪري اوهان خداوند جي نظر ۾ وڏو گناهہ ڪيو آهي.


۽ سموئيل چيو تہ آءٌ ڪيئن وڃي سگهندس؟ جڏهن سائول اها ڳالهہ ٻڌندو تہ مون کي ماري ڇڏيندو. ۽ خداوند چيو تہ هڪڙي گابي پاڻ سان کڻ، ۽ چئُہ تہ آءٌ خداوند جي لاءِ قرباني ڪرڻ آيو آهيان.


۽ آءٌ پنهنجي لاءِ هڪڙو ايماندار ڪاهن مقرر ڪندس جو منهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪندو: ۽ آءٌ انهي جي لاءِ هڪڙو پڪو گهر جوڙيندس؛ ۽ اُهو هميشہ منهنجي ممسوح ڪيل جي اڳيان هلندو.


۽ هو رامہ ۾ موٽي ايندو هو، ڇالاءِ جو سندس گهر اُتي هو؛ ۽ اُتي هو اسرائيل جو قاضي هو: ۽ اُتي هن خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي.


۽ هنن ورندي ڏيئي چيو تہ هائو هتي آهي؛ ڏس؛ هو تنهنجي اڳيان آهي: هاڻي جلدي ڪريو، ڇالاءِ جو هو اڄ شهر ۾ آيو آهي؛ جو ماڻهن کي اڄ هن مٿانهين هنڌ قرباني ڪرڻي آهي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ