ڇالاءِ جو اسان کي ضرور مرڻو آهي، ۽ اسين انهيءَ پاڻيءَ جهڙا آهيون جو زمين تي هاريو ويو هجي، ۽ وري گڏ ٿي نہ سگهي؛ خدا ماري نہ ٿو، پر اهڙا اُپاءَ ٿو ڪري تہ جنهن کي شهر نيڪالي ملي آهي سو هميشہ لاءِ کانئس رد ڪيل نہ رهي.
تڏهن اُهي ٽيئي فلستين جي لشڪر مان ڪاهي لنگهي ويا ۽ در جي پاسي واري بيت الحم جي کوهہ مان پاڻي ڪڍي کڻي آيا ۽ آڻي دائود کي ڏنائون: پر دائود انهيءَ مان نہ پيتو، پر خداوند جي لاءِ هاري ڇڏيائين،
تنهنڪري تو هنن کي سندن دشمنن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو، جن هنن کي عذاب ڏنا: ۽ مصيبت جي وقت جڏهن هنن تو وٽ دانهون ڪيون، تڏهن اُهي تو آسمان مان ٻڌيون؛ ۽ پنهنجي بي انداز رحم سان تو هنن کي بچائڻ وارا ڏنا، جن هنن کي سندن دشمنن جي هٿان بچايو.
اي ڪاهن اوهين ٻڌو، ۽ اي اسرائيل جا گهراڻا اوهين ڌيان ڏيو، ۽ اي بادشاهہ جا گهراڻا اوهين ڪن ڏيو؛ ڇالاءِ جو فتويٰ اوهان جي نسبت ۾ آهي؛ ڇالاءِ جو اوهين مصفاہ ۾ هڪڙو دام ٿيا آهيو، ۽ تبور تي هڪڙو پکڙيل ڄار ٿيا آهيو:
اهو اوهان جي لاءِ هميشہ جو قانون ٿيندو: تہ ستين مهيني جي ڏهين تاريخ اوهان مان هرڪو ماڻهو، پوءِ اهو اوهان جي ملڪ جو هجي، يا پرديسي، جو اوهان منجهہ اچي رهيو هجي، مطلب تہ اوهين سڀيئي پنهنجي روح جي رياضت ڪجو، ۽ ڪنهن بہ قسم جو ڪم نہ ڪجو:
۽ خداوند جو روح هن تي نازل ٿيو، ۽ هو اسرائيلين جو قاضي ٿيو؛ ۽ هو جنگ ڪرڻ لاءِ نڪتو؛ ۽ خداوند مسوپتاميہ جو بادشاهہ ڪوشن رسعتيم هنن جي هٿ ۾ ڏنو؛ ۽ هنن جو هٿ ڪوشن رسعتيم تي غالب پيو.
۽ حنہ ورندي ڏيئي چيو تہ نہ منهنجا سائين، آءٌ دل جي ڏکي زال آهيان: مون نڪو شراب پيتو آهي نڪا ٻي نشي واري شيءِ، پر مون خداوند سان پنهنجي اندر جو حال ٿي اوريو.