Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 7:5 - Sindhi Bible

5 ۽ سموئيل چيو تہ ساري اسرائيل کي مصفاہ ۾ گڏ ڪريو، ۽ آءٌ اوهان جي لاءِ خداوند کان دعا گهرندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5-6 سموئيل مصفاہ ۾ بني اسرائيل جو رهبر مقرر هو. سو هن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي مصفاہ ۾ گھرايو تہ جيئن هو انهن جي معافيءَ لاءِ خداوند کان دعا گھري. تڏهن اهي سڀيئي مصفاہ ۾ اچي گڏ ٿيا. هنن پاڻي ڀري خداوند جي آڏو هاريو ۽ انهيءَ ڏينهن روزو رکيائون. اُتي هنن قبول ڪيو تہ ”اسان خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 7:5
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو تون انهي ماڻهوءَ جي زال کيس موٽائي ڏي؛ ڇالاءِ جو هو نبي آهي، ۽ هو تو لاءِ دعا گهرندو ۽ تون جيئرو رهندين. پر جيڪڏهن تون اها موٽائي نہ ڏيندين، تہ پڪ ڄاڻ تہ تون ۽ ٻيا جيڪي تنهنجا آهن، سي ضرور مرندا.


۽ انهيءَ ٿنڀ جو نالو مصفاہ بہ رکيائين، جو هن چيو تہ جڏهن پاڻ هڪ ٻئي کان ڌار ٿينداسين، تڏهن خداوند اسان ٻنهي تي نگاهہ رکي.


هاڻي جڏهن لشڪرن جي سڀني سردارن ۽ سندن ماڻهن ٻڌو تہ بابل جي بادشاهہ جدلياہ کي حاڪم مقرر ڪيو آهي، تڏهن هو مصفاہ ۾ جدلياہ وٽ آيا، يعني اسماعيل بن نتنياہ، ۽ يوحنان بن قريحہ، ۽ سراياہ بن تخومت نطوفاتي، ۽ يازنياہ، جو معڪاتيءَ جو پٽ هو، اهي سڀ پنهنجن ماڻهن سميت.


هاڻي انهيءَ مهيني جي چوويهين تاريخ بني اسرائيل روزو رکي، ۽ کٿا ڍڪي، ۽ پاڻ تي مٽي وجهي اچي گڏ ٿيا.


تڏهن يرمياہ جدلياہ بن اخيقام ڏي مصفاہ ۾ ويو، ۽ اُنهيءَ ملڪ ۾ جيڪي ماڻهو باقي بچيل هئا تن منجهہ رهڻ لڳو.


اي ڪاهن اوهين ٻڌو، ۽ اي اسرائيل جا گهراڻا اوهين ڌيان ڏيو، ۽ اي بادشاهہ جا گهراڻا اوهين ڪن ڏيو؛ ڇالاءِ جو فتويٰ اوهان جي نسبت ۾ آهي؛ ڇالاءِ جو اوهين مصفاہ ۾ هڪڙو دام ٿيا آهيو، ۽ تبور تي هڪڙو پکڙيل ڄار ٿيا آهيو:


ماڻهو ميڙيو، جماعت خاص طرح مقرر ڪريو، بزرگن کي گڏ ڪريو؛ ٻار ۽ کير پياڪ معصوم گڏ ڪريو: ڀلي گهوٽ پنهنجي ڪوٺيءَ مان، ۽ ڪنوار پنهنجي خلوت مان نڪري اچي.


۽ دلعان، ۽ مصفاہ، ۽ يقٿي ايل؛


۽ مصفاہ، ۽ ڪفيرہ، ۽ موضہ؛


پوءِ بني عمون اچي گڏ ٿيا ۽ جلعاد ۾ منزل هنيائون. ۽ بني اسرائيل بہ گڏ ٿيا ۽ مصفاہ ۾ منزل هنيائون.


تڏهن سڀ بني اسرائيل هڪ دل ٿي ٻاهر نڪتا، ۽ جماعت جلعاد ۽ دان کان وٺي بيرسبع تائين، مصفاہ ۾، خداوند جي لاءِ گڏ ٿي،


پوءِ سموئيل قوم کي مصفاہ ۾ خداوند جي حضور ۾ سڏي گڏ ڪيو؛


اڄ ڪڻڪ جي فصل لهڻ جو ڏينهن نہ آهي ڇا؟ آءٌ خداوند کي عرض ڪندس تہ گجگوڙ ۽ مينهن موڪلي؛ ۽ اوهين ڄاڻندا ۽ ڏسندا تہ پنهنجي لاءِ بادشاهہ گهرڻ ڪري اوهان خداوند جي نظر ۾ وڏو گناهہ ڪيو آهي.


تنهن کان سواءِ، شل خدا ائين نہ ڪري تہ اوهان جي حق ۾ دعا گهرڻ کان آءٌ بس ڪري خداوند جو گناهہ ڪريان: پر آءٌ اوهان کي چڱي، ۽ سنئين رستي جي تعليم ڏيندو رهندس.


تڏهن سموئيل هڪڙو پٿر مصفاہ ۽ شين جي وچ ۾ کڙو ڪيو، ۽ انهي جو نالو ابن عزر رکيائين، ۽ چيائين تہ هيستائين خداوند اسان جي مدد ڪئي آهي.


۽ هو سال بسال گشت ڪندو بيت ايل، ۽ جلجال، ۽ مصفاہ ڏي ويندو هو؛ ۽ انهن سڀني جڳهن تي هو اسرائيل جي عدالت ڪندو هو.


تڏهن بني اسرائيل بعليم، ۽ عستارات کي اُڇلائي ڇڏيو، ۽ فقط خداوند جي بندگي ڪرڻ لڳا.


پر انهي ڳالهہ سموئيل کي رنج ڪيو، جو هنن چيو تہ اسان کي ڪو بادشاهہ مقرر ڪري ڏي تہ اسان تي حڪم هلائي. ۽ سموئيل خداوند کان دعا گهري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ