Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 7:12 - Sindhi Bible

12 تڏهن سموئيل هڪڙو پٿر مصفاہ ۽ شين جي وچ ۾ کڙو ڪيو، ۽ انهي جو نالو ابن عزر رکيائين، ۽ چيائين تہ هيستائين خداوند اسان جي مدد ڪئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

12 پوءِ سموئيل هڪڙو پٿر کڻي مصفاہ ۽ شين نالي ٽڪريءَ جي وچ ۾ کوڙي ڇڏيو ۽ انهيءَ جو نالو عبن‌عزر رکيائين ۽ چيائين تہ ”هيستائين خداوند اسان جي مدد ڪئي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 7:12
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ابرهام انهيءَ هنڌ جو نالو يهوواہ يري رکيو، جيئن اڄ ڏينهن تائين بہ چوڻ ۾ ٿو اچي، تہ خداوند جي جبل تي موجود ڪيو ويندو.


پوءِ يعقوب هيئن ڪيو، جو جنهن هنڌ خدا ساڻس ڳالهيون ڪيون هيون، تنهن هنڌ پهڻ جو هڪڙو ٿنڀ کڙو ڪيائين: ۽ انهيءَ تي خدا جي لاءِ پيئڻ واري قرباني ۽ تيل اوتيائين،


اي خدا، منهنجي ننڍپڻ کان وٺي تو مونکي سيکاريو آهي؛ ۽ مون تنهنجن عجيب ڪمن جو اظهار ڪيو آهي.


منهنجي ڄمڻ کان وٺي تو مونکي سنڀاليو آهي: تو مون کي منهنجيءَ ماءُ جي پيٽان ڪڍيو: آءٌ هميشہ تنهنجي تعريف ڪندس.


اتي موسيٰ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي ۽ انهيءَ جو نالو يهوواہ نسي (يعني خداوند منهنجو جهنڊو آهي) رکيائين.


انهيءَ ڏينهن مصر جي زمين جي وچ ۾ هڪڙي قربانگاهہ، ۽ ان جي سرحد تي هڪڙو ٿنڀ خداوند جي لاءِ ٿيندو.


پر خدا جي مدد سان اڄ تائين آئون قائم رهندو اچان، ۽ ننڍي توڙي وڏي جي اڳيان شاهدي ڏيندو اچان، ۽ رڳو اُهي ڳالهيون ٿو ٻُڌايان، جن بابت نبي ۽ موسيٰ اڳيئي چئي ويا آهن تہ ٿينديون؛


۽ هن اسان کي هيڏي وڏي خطري کان ڇڏايو ۽ ڇڏائيندو؛ تنهن تي اسان اها اُميد رکي آهي، تہ هو اڃا بہ اسان کي ڇڏائيندو رهندو.


۽ يشوع ٻارهن پٿر يردن جي وچ ۾ انهيءَ هنڌ کوڙي ڇڏيا، جتي عهدنامي جي صندوق جي کڻڻ وارن ڪاهنن جا پير بيٺا هئا: ۽ اُهي اڄ ڏينهن تائين اُتي آهن.


۽ سائول خداوند جي لاءِ هڪڙي قربانگاهہ جوڙي: اها پهرئين قربانگاهہ هئي جا هن خداوند جي لاءِ جوڙي.


۽ سموئيل جي ڳالهہ سڄي اسرائيل ۾ پهتي. هاڻي اسرائيلي فلستين سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري ويا، ۽ ابن عزر جي ويجهو وڃي تنبو هنيائون: ۽ فلستين پنهنجا تنبو افيق ۾ هنيا.


هاڻي فلستين خدا جي صندوق هٿ ڪئي هئي، ۽ اها هنن ابن عزر مان کڻي اشدود ۾ آندي.


۽ اسرائيل جا ماڻهو مصفاہ مان نڪري فلستين جي پٺيان پيا، ۽ هنن کي ماريندا ويا، جيسين ڪ هو بيت ڪر جي هيٺان اچي پهتا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ