Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 7:10 - Sindhi Bible

10 ۽ جيئن سموئيل اُها سوختني قرباني پئي چاڙهي تيئن فلستي اسرائيل سان وڙهڻ لاءِ ويجها آيا، پر انهي ڏينهن خداوند ڏاڍي گجگار سان فلستين تي گجيو، ۽ هنن کي ڊيڄاري بي آرام ڪري ڇڏيائين، ۽ اُهي اسرائيل جي اڳيان مارجي ويا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

10 جڏهن سموئيل ساڙڻ واري قرباني پيش ڪري رهيو هو، تڏهن فلستي بني اسرائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ ويجھا آيا. پوءِ خداوند انهيءَ ئي مهل ايڏي تہ وڏي گجگوڙ سان فلستين تي گجيو، جو انهن ۾ ٿرٿلو پئجي ويو ۽ اهي پٺي ڏيئي وٺي ڀڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 7:10
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن پاڻيءَ جا وهڪرا ڏسڻ ۾ آيا، ۽ زمين جا بنياد ظاهر ٿيا: خداوند جي ڇينڀ تي، ۽ هن جي ناسن مان نڪتل واچوڙي جي ڪري.


خداوند جو آواز پاڻين تي آهي: جلال وارو خدا گجڪار ٿو ڪري، هائو خداوند گهڻن پاڻين تي گجڪار ٿو ڪري.


خداوند جو آواز قدرت وارو آهي؛ خداوند جو آواز شاهي شان وارو آهي.


هن پنهنجي دشمن کي ماري هٽايو: ۽ کين هميشہ لاءِ خراب خوار ڪيائين.


تڏهن هن مون کي ورندي ڏيئي چيو تہ، اهو زروبابل لاءِ خداوند جو ڪلام آهي، تہ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ، نہ زور سان، نہ توانائيءَ سان پر منهنجي روح سان.


جيڪي تنهنجا دشمن تو تي ڪاهي ايندا، تن کي خداوند تنهنجي اڳيان مارائي ڀڄائيندو: اهي هڪڙي رستي کان توتي ڪاهي ايندا، ۽ ستن رستن کان تنهنجي اڳيان ڀڄي ويندا.


۽ خداوند هنن کي اسرائيل جي اڳيان شڪست ڏياري، ۽ جبعون وٽ هنن منجهہ ڏاڍو ڪوس وڌائين، ۽ جيڪو رستو بيت حورون ڏانهن ٿو وڃي اُتي هو هنن جي پٺيان پيا، ۽ هنن کي ماريندا، ڀڄائيندا، عزيقاہ ۽ مقيدہ تائين ويا.


۽ خداوند سيسرا کي، ۽ سندس سڀني جنگي گاڏين ۽ ڪل لشڪر کي، ترار جي ڌار سان، برق جي اڳيان ڀڄائي ڪڍيو؛ ۽ سيسرا پنهنجي جنگي گاڏيءَ تان لهي پيرين پيادو اُٿي ڀڳو.


هو آسمان مان وڙهيا، ۽ تارا پنهنجي دور تان سيسرا سان وڙهيا.


هنن نوان معبود پسند ڪيا؛ تڏهن شهر جي دروازن تي جنگ لڳي: اسرائيل جي چاليهن هزارن منجهہ ڪا ڍال يا ڪو ڀالو ڏسڻ ۾ آيو ڇا؟


اڄ ڪڻڪ جي فصل لهڻ جو ڏينهن نہ آهي ڇا؟ آءٌ خداوند کي عرض ڪندس تہ گجگوڙ ۽ مينهن موڪلي؛ ۽ اوهين ڄاڻندا ۽ ڏسندا تہ پنهنجي لاءِ بادشاهہ گهرڻ ڪري اوهان خداوند جي نظر ۾ وڏو گناهہ ڪيو آهي.


۽ لشڪرگاهہ ۾، ميدان ۾، ۽ سڀني ماڻهن ۾، اچي ڏڪڻي پيئي؛ فوجي ۽ ڦرلٽ ڪرڻ وارا بہ پئي ڏڪيا: ۽ زمين بہ پئي ڌٻي؛ مطلب تہ نهايت وڏي ڏڪڻي پئجي ويئي.


جيڪي خداوند سان جهڳڙن ٿا سي ڀڃي پرزا پرزا ڪيا ويندا؛ آسمان مان هو اُنهن تي گجگار ڪندو: خداوند زمين جي حد تائين عدالت ڪندو؛ ۽ هو پنهنجي بادشاهہ کي زور ڏيندو، ۽ پنهنجي ممسوح جو سڱ مٿي ڪندو.


۽ اسرائيل جا ماڻهو مصفاہ مان نڪري فلستين جي پٺيان پيا، ۽ هنن کي ماريندا ويا، جيسين ڪ هو بيت ڪر جي هيٺان اچي پهتا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ