Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 7:1 - Sindhi Bible

1 ۽ قريت يعريم جا ماڻهو آيا، ۽ اُنهن خداوند جي صندوق کڻي ابينداب جي گهر آندي، جو ٽڪريءَ تي هو؛ ۽ انهي جي پٽ اليعزر کي خداوند جي صندوق جي سنڀال لاءِ خاص طرح پاڪ ڪيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 تڏهن قريت‌يعريم جا ماڻهو آيا ۽ خداوند جي عهد واري صندوق کي کڻي وڃي ابينداب جي گھر ۾ رکيائون، جيڪو ٽڪريءَ تي هو. هنن سندس پٽ اليعزر کي خداوند جي عهد واري صندوق جي سنڀال ڪرڻ لاءِ ڪاهن طور مخصوص ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 7:1
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ پوءِ اسين وري پنهنجي خدا جي صندوق پاڻ وٽ کڻي اچون: ڇالاءِ جو سائول جي ڏينهن ۾ اسان انهيءَ کان پڇا ڪانہ ڪئي.


ڏسو، افراتا ۾ اسان انهي جي خبر ٻڌي: ۽ جهنگ جي ميدان ۾ هو اسان کي مليو.


اوهين جي خداوند جا ٿانوَ ٿا کڻو، سي روانا ٿيو، روانا ٿيو، اوهين اُتان نڪري وڃو، ڪنهن بہ ناپاڪ شئي کي نہ ڇُهو: انهيءَ منجهان نڪري وڃو، ۽ پاڪ ٿيو.


پوءِ اُها سرحد اُتان نڪتي، ۽ جيڪا ٽڪري بيت حورون جي سامهون ڏکڻ ڏانهن آهي، تنهن جي چوڌاري ڦري ڏکڻ ڏانهن ويئي؛ ۽ انهيءَ جي پڇاڙي وڃي قريٿ بعل وٽ بيٺي (جو قريٿ بعريم آهي)، ۽ بني يهوداہ جو شهر آهي: اها هئي اُلهندي واري سرحد.


پوءِ بني اسرائيل سفر ڪري اڳتي هليا، ۽ ٽئين ڏينهن هنن جي شهرن ۾ اچي داخل ٿيا. هاڻي هنن جا شهر جبعون، ۽ ڪفيرہ، ۽ بيروت، ۽ قريٿ يعريم هئا.


۽ هنن قريت يعريم جي رهاڪن ڏي قاصد موڪلي چيو تہ فلستي خداوند جي صندوق موٽائي کڻي آيا آهن؛ اوهين لهي اچو، ۽ اُها پاڻ وٽ کڻي وڃو.


۽ هيئن ٿيو تہ جنهن ڏينهن صندوق قريت يعريم ۾ رهي، تنهن کان پوءِ گهڻو عرصو گذريو؛ يعني ويهہ ورهيہ گذريا: پوءِ اسرائيل جو سارو گهراڻو خداوند جي اڳيان گڏ ٿيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ