Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 6:6 - Sindhi Bible

6 ڇالاءِ جو اوهين پنهنجون دليون سخت ٿا ڪريون، جيئن ڪ مصرين، ۽ فرعون پنهنجون دليون سخت ڪيون؟ جڏهن هن انهن منجهہ عجيب ڪم ڪيا تڏهن هنن انهي قوم کي وڃڻ نہ ڏنو ڇا، جو هو هليا ويا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 اوهين ڇو پنهنجيون دليون سخت ٿا ڪريو، جيئن مصرين ۽ فرعون پنهنجيون دليون سخت ڪيون هيون؟ پوءِ جڏهن خدا انهن تي پنهنجيون آفتون نازل ڪيون تڏهن ڇا هنن انهيءَ قوم کي وڃڻ نہ ڏنو؟ ڇا اهي هليا نہ ويا؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 6:6
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو دل ۾ ڏاهو آهي ۽ طاقت ۾ زوراور آهي: ڪنهن پاڻ کي هن جي سامهون سخت ڪيو آهي ۽ فتحياب ٿيو آهي.


اوهين پنهنجين دلين کي سخت نہ ڪريو، جيئن ڪہ اوهان مريباہ ۽ بيابان ۾، مساہ جي ڏينهن ڪيو:


پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا، ۽ چيائونس تہ خداوند عبرانين جو خدا هيئن ٿو فرمائي تہ ڪيستائين تون منهنجي حضور ۾ عاجز ٿيڻ کان انڪار ڪندين؟ منهنجي اُمت کي وڃڻ ڏي تہ وڃي منهنجي عبادت ڪري.


۽ ڏس آءٌ مصرين جي دلين کي سخت ڪندس، ۽ هو انهن جي پٺيان پوندا، ۽ آءٌ فرعون تي، ۽ سندس ساري لشڪر تي، سندس گاڏين تي، ۽ سندس گهوڙي سوارن تي غالب پوندس.


پوءِ مصري بہ هنن جي پٺيان سمنڊ جي وچ ۾ ڪاهي پيا، يعني فرعون جا سڀ گهوڙا ۽ گاڏيون ۽ سوار.


۽ خداوند، موسيٰ کي چيو تہ جڏهن تون مصر ۾ موٽي وڃين، تڏهن اهي سڀ معجزا جي مون تنهنجي هٿ ۾ ڏنا آهن، سي سڀ فرعون جي اڳيان ڏيکارج؛ پر آءٌ هن جي دل کي سخت ڪندس ۽ هو انهن ماڻهن کي وڃڻ نہ ڏيندو.


پر فرعون جي دل سخت ٿي ويئي ۽ هنن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند اڳيئي فرمايو هو.


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ فرعون جي دل سخت ٿي آهي ۽ هو انهن کي وڃڻ نٿو ڏئي.


پر جڏهن فرعون ڏٺو تہ هاڻي آرام ٿيو آهي، تڏهن پنهنجي دل سخت ڪيائين ۽ هنن جي ڳالهہ نہ مڃيائين، جيئن ڪ خداوند اڳيئي فرمايو هو.


پر هن ڀيري بہ فرعون پنهنجي دل سخت ڪئي، ۽ انهن ماڻهن کي وڃڻ جي موڪل نہ ڏنائين.


پر حقيقت ڪري مون توکي انهيءَ لاءِ ڇڏيو آهي، تہ توکي پنهنجي قدرت ڏيکاريان، تہ منهنجو نالو سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ٿئي.


۽ جڏهن فرعون ڏٺو تہ مينهن ۽ ڳڙا ۽ گجگوڙ بند ٿي ويا آهن، تڏهن اڳي کان بہ وڌيڪ گناهہ ڪرڻ لڳو، ۽ پاڻ توڙي سندس نوڪرن پنهنجي دل سخت ڪئي.


پر تون جو سخت دل ٿيو آهين، ۽ توبهہ نٿو ڪرين، سو اُنهي غضب جي ڏينهن لاءِ پنهنجي واسطي غضب ميڙي پيو گڏ ڪرين، جنهن ۾ خدا جي سچي عدالت ظاهر ٿيندي؛


جيسين ڪ اڄوڪو ڏينهن چوڻ ۾ اچي ٿو، تيسين روز بروز هڪٻئي کي نصيحت ڪندا رهجو؛ تہ متان اوهان مان ڪو گناهہ جي فريب ڪري سخت دل ٿي پوي:


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ