Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 6:5 - Sindhi Bible

5 تنهنڪري اوهين پنهنجن ڳوڙهين جون، ۽ پنهنجن ڪوئن جون شڪليون جوڙيو، جي ملڪ کي خراب ٿيون ڪن؛ ۽ اوهين اسرائيل جي خدا جو جلال ظاهر ڪريو: تہ من هو اوهان تي، ۽ اوهان جي معبودن تي، ۽ اوهان جي ملڪ تي پنهنجو هٿ هلڪو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 سو اوهين پنهنجي بيماريءَ وارين ڳوڙهين ۽ جيڪي ڪوئن اوهان جي فصل ۾ تباهي آندي آهي تن جا مجسما سون مان ٺاهجو. اهڙيءَ طرح اوهين بني اسرائيل جي خدا جي تعظيم ڪريو تہ من هو اوهان تان، اوهان جي معبودن تان ۽ اوهان جي ملڪ تان پنهنجو هٿ هلڪو ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 6:5
30 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اي سڀ قومون، خداوند جي، خداوند جي جلال ۽ قدرت جي تعريف ڪريو.


خداوند جي نالي جي لائق تعريف ڪريو: نذرانا کڻي سندس حضور ۾ اچو: پاڪيزگيءَ جي جمال سان خداوند جي عبادت ڪريو.


منهنجو نالو ٻڌندي ئي، اُهي منهنجي فرمانبرداري ڪندا: پرديسي بہ اچي منهنجي پيش پوندا.


ڇو جو رات ڏينهن تنهنجو هٿ مون تي ڳورو هو: ۽ منهنجي تراوٽ مٽجي اونهاري جي سوڪ ٿي پيئي.


پنهنجي آفت مون کان پري ڪر؛ آءٌ تنهنجي هٿ جي ڌڪ کان نابود ٿو ٿيان.


خدا کي چئو تہ تنهنجا ڪم ڪهڙا نہ هيبتناڪ آهن! تنهنجي عظيم قدرت جي سبب تنهنجا دشمن تنهنجي تابع ٿيندا.


ڇالاءِ جو انهيءَ رات آءٌ مصر جي ملڪ مان لنگهندس، ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي بہ پهريتا هوندا، ماڻهن جا ٻار توڙي جانورن جا ٻچا، تن سڀني کي ماري وجهندس، ۽ مصر جي سڀني ديوتائن تي فتويٰ جاري ڪندس: آءٌ خداوند آهيان.


۽ هنن ائين ئي ڪيو؛ هارون لٺ سميت پنهنجو هٿ ڊگهيريو ۽ اها زمين جي مٽيءَ تي هنيائين، تہ ماڻهن ۽ جانورن ۾ جُوئون پئجي ويون؛ ۽ مصر جي ساري ملڪ ۾ زمين جي مٽي جُوئون ٿي پيئي.


سو خداوند ائين ئي ڪيو ۽ فرعون جي گهر ۾، ۽ سندس نوڪرن جي گهرن ۾، ۽ ساري مصر جي ملڪ ۾، مکين جا ميڙ اچي گڏ ٿيا، ۽ مکين جي ميڙن جي ڪري ملڪ ڏاڍو هلاک ٿيو.


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ هارون کي چئُہ تہ پنهنجو هٿ لٺ سوڌو، ندين تي، نهرن تي، ۽ تلائن تي ڊگهير تہ ڏيڏر مصر جي ملڪ تي ڪاهي اچن.


مصر بابت ڪلام. ڏسو خداوند هڪڙي تکي بادل تي سوار ٿي مصر ۾ اچي ٿو: ۽ اُن جي حضور ۾ مصر جا بت بيحال ٿي ويندا ۽ مصر جي دل پگهرجي ويندي.


ڀلي تہ اهي خداوند جو جلال ظاهر ڪن، ۽ ٻيٽن ۾ هن جي تعريف پڌري ڪن.


خداوند پنهنجي خدا کي جلال ڏيو انهيءَ کان اڳي تہ هو اونداهي ڪري ۽ اوهان جا پير اوندهہ وارن جبلن تي آٿڙن؛ ۽ جڏهن اوهين روشنائيءَ لاءِ منتظر رهو تڏهن هو انهي کي ڦيرائي موت جو پاڇو ڪري، ۽ ڀڀ اونداهي ڪري وجهي.


خداوند ٿو فرمائي، تہ رڳو پنهنجو گناهہ قبول ڪر، تہ خداوند پنهنجي خدا جي حڪم عدولي ڪئي اٿيئي، ۽ سڀ ڪنهن سائي وڻ هيٺ پنهنجا رستا پکيڙيا اٿيئي، ۽ منهنجي ڪلام جي تابعداري نہ ڪئي اٿيئي.


۽ آءٌ اوهان کي اُهي سال موٽائي ڏيندس جن جا فصل مڪڙ، ۽ سرا، ۽ سوٻٽ، ۽ تڏيون کائي ويون آهن، يعني اُهو وڏو لشڪر جو مون اوهان وٽ موڪليو.


ڪنهن کي خبر تہ خدا پنهنجي سخت ڪاوڙ کان ڪين مڙندو ۽ ڦرندو، تہ اسين ناس ٿي نہ وڃون.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ جي اوهين نہ ٻُڌندا، ۽ منهنجي نالي جي تعظيم پنهنجين اکين آڏو نہ رکندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان تي لعنت آڻيندس، ۽ اوهان جي نعمتن تي لعنت وجهندس: بلڪ مون انهن تي اڳيئي لعنت وڌي آهي، ڇالاءِ جو اوهان انهي ڳالهہ کي پنهنجين اکين آڏو نہ رکيو آهي.


انهي وقت مصرين پنهنجا اهي پهريتا ٻار پئي دفن ڪيا، جن کي خداوند ماريو هو: خداوند انهن جي معبودن کي بہ سزا ڏني هئي.


تڏهن اُهو شخص جو اڳي انڌو هو، تنهن کي ٻيهر سڏي چيائون، تہ خدا جي وڏائي ڪر: اسان کي خبر آهي تہ اهو ماڻهو گنهگار آهي.


۽ يشوع عڪن کي چيو تہ اي پٽ، آءٌ توکي منٿ ٿو ڪريان تہ خداوند اسرائيل جي خدا جي وڏائي بيان ڪر، ۽ سندس اڳيان قبولدار ٿيءُ؛ ۽ جيڪي تو ڪيو آهي سو مون کي ٻڌاءِ؛ اهو مون کان نہ لڪاءِ.


۽ اُنهيءَ گهڙيءَ وڏو زلزلو ٿيو، ۽ شهر جو ڏهون حصو ڪِري پيو؛ ۽ انهي زلزلي ۾ ست هزار ماڻهو مري ويا؛ ۽ باقي ٻيا ڊڄي ويا ۽ آسمان جي خدا جو جلال ظاهر ڪرڻ لڳا.


۽ هن وڏي آواز سان چيو تہ خدا کان ڊڄو ۽ سندس تمجيد ڪريو؛ ڇالاءِ جو عدالت جو وقت اچي پهتو آهي! ۽ جنهن آسمان، ۽ زمين، ۽ سمنڊ، ۽ پاڻيءَ جا چشما پيدا ڪيا، انهي جي بندگي ڪريو.


۽ هو ڏاڍا سڙي ويا؛ ۽ خدا، جنهن کي انهن آفتن تي اختيار آهي، تنهن جي نالي تي ڪفر بڪڻ لڳا، ۽ توبهہ ڪري سندس تمجيد ظاهر نہ ڪيائون.


تنهنڪري هنن ماڻهو موڪلي سڀ فلستين جا سردار گهرائي آڻي گڏ ڪيا، ۽ چيائون تہ اسرائيل جي خدا جي صندوق موڪلي ڏيو، ڀلي تہ پنهنجي اصلوڪي جاءِ تي وڃي، تہ اسان کي ۽ اسان جي قوم کي ماري نہ ڇڏي: ڇالاءِ جو سڄي شهر ۾ موت مار پريشاني پئجي ويئي هئي؛ خدا جو هٿ اُتي تمام ڳرو هو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هو اُها اُتان ڪڍي ويا، تڏهن خداوند جو هٿ شهر تي اهڙي سختي سان پيو جو منجهس تمام وڏي پريشاني پيئي: ۽ هن شهر جا سڀ ننڍا وڏا ماڻهو ماريا، ۽ ڳوڙهين جو مرض اچي منجهن پيو.


۽ خداوند جي صندوق کڻي انهيءَ گاڏيءَ تي رکو؛ ۽ جيڪي سون جا زيور اوهين هن کي ڏوهہ جي قرباني ڪري موٽائي ڏيو، سي انهي جي ڀرسان هڪڙي پيتيءَ ۾ وجهي رکو؛ پوءِ اُها موڪلي ڏيو تہ ڀلي وڃي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ