Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 6:21 - Sindhi Bible

21 ۽ هنن قريت يعريم جي رهاڪن ڏي قاصد موڪلي چيو تہ فلستي خداوند جي صندوق موٽائي کڻي آيا آهن؛ اوهين لهي اچو، ۽ اُها پاڻ وٽ کڻي وڃو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

21 سو هنن قريت‌يعريم جي رهاڪن ڏانهن قاصد موڪلي چوايو تہ ”فلستي خداوند جي عهد واري صندوق موٽائي کڻي آيا آهن. تنهنڪري اوهين اچو ۽ اها پاڻ وٽ کڻي وڃو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 6:21
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود اُٿيو، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن سڀني سان گڏجي بعل يهوداہ مان روانو ٿيو، انهي لاءِ تہ اُتان خدا جي صندوق کڻي اچي، جا لشڪرن جي انهيءَ خداوند جي نالي سان سڏبي آهي، جو ڪروبين تي ويٺل آهي.


سو هن سيلا جي خيمي کي ڇڏي ڏنو، يعني انهي تنبوءَ کي جو هن ماڻهن ۾ کڙو ڪيو هو؛


۽ هڪڙو ٻيو بہ ماڻهو هو جنهن خداوند جي نالي سان نبوت ڪئي يعني اورياہ بن سمعياہ، جو قريت يعريم جو ويٺل هو، ۽ اُنهي بہ يرمياہ جي سڀني ڳالهين موافق هن شهر ۽ هن ملڪ جي برخلاف نبوت ڪئي:


پر جيڪو منهنجو مڪان سيلا ۾ هو، جتي پهرين مون پنهنجو نالو مقرر ڪيو، اُتي هاڻي اوهين وڃو ۽ ڏسو تہ مون پنهنجي قوم اسرائيل جي شرارت ڪري ان سان ڇا ڪيو آهي.


تنهن ڪري جيڪو گهر منهنجي نالي پٺيان سڏبو آهي، جنهن تي اوهين ڀروسو رکو ٿا، ۽ اُها جاءِ جا مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني، تنهن جو اهڙو حال ڪندس، جهڙو مون سيلا جو ڪيو آهي.


قريٿ بعل، (جو قريٿ يعريم آهي)، ۽ ربہ، ٻہ شهر سندن ڳوٺن سميت.


پوءِ اُها سرحد ٽڪر جي چوٽيءَ تان هيٺ لهي نفتوح جي پاڻيءَ واري چشمي تائين آئي، ۽ وري چڙهي عفرون جبل جي شهرن ڏانهن ويئي؛ پوءِ اُها سرحد لهي بعلہ ڏانهن آئي، (جو قريٿ يعريم آهي).


پوءِ اُها سرحد اُتان نڪتي، ۽ جيڪا ٽڪري بيت حورون جي سامهون ڏکڻ ڏانهن آهي، تنهن جي چوڌاري ڦري ڏکڻ ڏانهن ويئي؛ ۽ انهيءَ جي پڇاڙي وڃي قريٿ بعل وٽ بيٺي (جو قريٿ بعريم آهي)، ۽ بني يهوداہ جو شهر آهي: اها هئي اُلهندي واري سرحد.


پوءِ بني اسرائيل سفر ڪري اڳتي هليا، ۽ ٽئين ڏينهن هنن جي شهرن ۾ اچي داخل ٿيا. هاڻي هنن جا شهر جبعون، ۽ ڪفيرہ، ۽ بيروت، ۽ قريٿ يعريم هئا.


۽ هو مٿي چڙهي ويا، ۽ يهوداہ ۾ قريت يعريم ۾ وڃي منزل ڪيائون: جنهنڪري انهي جاءِ کي اڄ ڏينهن تائين منح دان ڪري سڏيندا آهن: ڏسو، اُهو قريت يعريم جي پٺيان آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ