Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 6:2 - Sindhi Bible

2 ۽ فلستين پوڄاري ۽ فال وجهڻ وارن کي سڏي چيو، تہ خداوند جي صندوق کي اسين ڇا ڪريون؟ اسان کي ٻڌايو تہ ڇا سان اسين انهي کي پنهنجيءَ جاءِ تي پهچايون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 تڏهن فلستين پنهنجي مذهبي اڳواڻن ۽ نجومين کي گھرائي کانئن پڇيو تہ ”خداوند جي عهد واري صندوق کي اسين ڇا ڪريون؟ اسان کي ٻڌايو تہ اسين انهيءَ کي سندس جاءِ تي ڪيئن پهچايون؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 6:2
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هيئن ٿيو تہ صبح جو هن جي دل بيچين ٿيڻ لڳي، سو هن مصر جا سڀيئي جادوگر، ۽ اتي جا سڀ ڏاها ماڻهو گهرايا: ۽ فرعون انهن کي پنهنجو خواب ٻڌايو، پر انهن مان ڪوبہ فرعون جي خواب جي تعبير نہ ڪري سگهيو.


تڏهن فرعون بہ ڏاها ماڻهو ۽ جادوگر گهرايا، ۽ مصر جي جادوگرن بہ پنهنجي جادوءَ سان ائين ئي ڪيو؛


ڇالاءِ جو تو پنهنجي قوم، يعني يعقوب جو گهراڻو، ڇڏي ڏنو آهي، جو اُهي اُڀرندي وارين رسمن سان ڀرجي ويا آهن، ۽ فلستين وانگر فالون وجهندڙ ٿيا آهن، ۽ ڌارين ماڻهن سان شرط لاءِ تاڙي ٿا هڻن.


تڏهن بادشاهہ حڪم ڪيو تہ جادوگرن، ۽ مانڊين، ۽ فال وجهندڙن، ۽ ڪسدين کي سڏين، تہ سندس خوابن جو تعبير ڪن. تنهن تي اُهي بادشاهہ جي حضور ۾ اچي بيٺا.


بادشاهہ وڏي سڏ چيو تہ جادوگرن، ڪسدين ۽ فال وجهڻ وارن کي وٺي اچو. ۽ بادشاهہ بابل جي ڏاهن ماڻهن کي چيو تہ جيڪو هيءَ لکت پڙهندو، ۽ انهي جو مطلب مون کي سمجهائيندو، تنهن کي واڱڻائي خلعت ملندي، ۽ سوني زنجير ڳچيءَ ۾ وجهبس، ۽ اهو بادشاهت ۾ ٽئين درجي جو حاڪم ٿيندو.


۽ سڀني سردار ڪاهنن ۽ فقيهن کي گڏ ڪري کانئن پڇڻ لڳو تہ مسيح ڪٿي پيدا ٿيڻو آهي؟


تنهنڪري هنن ماڻهو موڪلي فلستين جا سردار پاڻ وٽ گڏ ڪيا، ۽ چوڻ لڳا تہ اسرائيل جي خدا جي صندوق کي اسين ڇا ڪريون؟ ۽ هنن ورندي ڏني تہ اسرائيل جي صندوق کڻي جات ڏي پهچائي ڏيو. پوءِ هو اسرائيل جي خدا جي صندوق کڻي اُتي ويا.


۽ خداوند جي صندوق فلستين جي ملڪ منجهہ ست مهينا رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ