Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 6:17 - Sindhi Bible

17 ۽ جيڪي سونيون ڳوڙهيون فلستين خداوند جي لاءِ ڏوهہ جي قرباني ڪري موڪليون سي هي آهن؛ اشدود جي لاءِ هڪڙي؛ غزہ جي لاءِ هڪڙي، اسقلون جي لاءِ هڪڙي، جات جي لاءِ هڪڙي، عقرون جي لاءِ هڪڙي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 فلستين سون مان ٺهيل جيڪي پنج ڳوڙهيون خداوند جي ڏوهہ جي معافيءَ لاءِ نذراني طور موڪليون هيون، سي پنجن شهرن يعني اشدود، غزہ، اسقلون، جات ۽ عقرون جي لاءِ هڪڙي هڪڙي ڪري موڪلي هئائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 6:17
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جات ۾ اها ڳالهہ نہ ٻڌاءِ، اسقلون جي گهٽين ۾ اها پڌري نہ ڪر؛ تہ متان فلستين جون ڌيئرون خوشيون ڪن، متان اڻطهريلن جون ڌيئرون فخر ڪن.


اهي چار ئي انهيءَ راڪاس کي جات ۾ ڄاوا هئا، ۽ اهي دائود جي هٿان، ۽ سندس نوڪرن جي هٿان مارجي ويا.


۽ اخزياہ سامريہ ۾ پنهنجي ماڙيءَ جي جعفريءَ مان هيٺ ڪري پيو، ۽ بيمار ٿي پيو: ۽ هن قاصد سڏائي انهن کي چيو تہ وڃو، عقرون جي معبود بعل زبوب کان پڇا ڪريو تہ آءٌ هن بيماريءَ کان ڇُٽندس يا نہ.


۽ هن نڪري وڃي فلستين سان جنگ ڪئي ۽ جات جي ڀت ۽ يبنہ جي ڀت، ۽ اشدود جي ڀت ڀڳائين؛ ۽ هن اشدود جي ملڪ ۾، ۽ فلستين منجهہ شهر اڏايا.


۽ سڀني گڏيلن ماڻهن کي، عوض جي ملڪ جي سڀني بادشاهن کي، ۽ فلستين جي ملڪ جي سڀني بادشاهن کي، ۽ اسقلون، ۽ غزہ، ۽ عقرون، ۽ اشدود جي باقي بچيلن کي؛


۽ جيڪڏهن هن کي گهيٽي يا ٻڪريءَ جي وسعت نہ هجي، تہ هو پنهنجي گناهہ جي لاءِ خداوند جي حضور ۾ ٻہ ڳيرا، يا ڪبوتر جا ٻہ ٻچا، گناهہ جي قربانيءَ طور آڻي؛ هڪڙو گناهہ جي قربانيءَ لاءِ، ۽ ٻيو سوختني قربانيءَ لاءِ.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ غزہ جي ٽن گناهن لاءِ، هائو، چئن لاءِ، آءٌ هنن جي سزا نہ ڦيرائيندس؛ ڇالاءِ جو هو سڄي قوم کي قيد ڪري وٺي ويا، تہ انهن کي ادوم جي حوالي ڪن:


اوهين ڪلنہ ڏي لنگهي وڃو ۽ ڏسو؛ ۽ اُتان وري وڏي حمات ڏي وڃو: پوءِ فلستين جي جات ڏي لهي وڃو: ۽ ڏسو تہ هي هنن بادشاهتن کان بهتر آهن ڇا؟ يا هنن جي سرحد اوهان جي سرحد کان وڏي آهي ڇا؟


خداوند توکي مصر جي ڦرڙيءَ سان، ۽ بواسير سان، ۽ ڏڍ سان، ۽ خارش سان ماريندو، ۽ تون انهن مان ڪڏهن بہ ڇٽي ڪين سگهندين.


۽ يهوداہ، غزہ، ان جي سرحد سميت، اسقلون، ان جي سرحد سميت، ۽ عقرون، ان جي سرحد سميت بہ ورتو.


۽ خداوند جو روح قدرت سان هن تي نازل ٿيو، ۽ هو اسقلون ۾ لهي ويو، ۽ انهن جا ٽيهہ ماڻهو ماري انهن جو مال ڦريائين، ۽ جن پرولي سلي انهن کي ڪپڙن جا وڳا ڏنائين، ۽ هن جي ڪاوڙ ڀڙڪي، ۽ هو پنهنجي پيءُ جي گهر موٽي ويو.


پوءِ سمسون غزہ ۾ ويو، ۽ اُتي هڪڙي ڪسبياڻي ڏٺائين، ۽ هو وٽس ويو.


۽ فلستين اچي پڪڙيس، ۽ سندس اکيون ڪڍي ڇڏيائون؛ ۽ غزہ ۾ وٺي آيس، ۽ پتل جي ٻيڙين سان ٻڌائونس؛ ۽ هو قيدخاني ۾ جنڊ پيهڻ لڳو.


هاڻي فلستين خدا جي صندوق هٿ ڪئي هئي، ۽ اها هنن ابن عزر مان کڻي اشدود ۾ آندي.


تڏهن هنن خدا جي صندوق عقرون ڏي موڪلي ڏني. ۽ هيئن ٿيو تہ جيئن خدا جي صندوق عقرون ۾ آئي، تيئن عقرونين رڙ ڪري چيو تہ هنن اسرائيل جي خدا جي صندوق اسان کي ۽ اسان جي قوم کي ماري وجهڻ لاءِ اسان وٽ آندي آهي.


تنهنڪري هنن ماڻهو موڪلي فلستين جا سردار پاڻ وٽ گڏ ڪيا، ۽ چوڻ لڳا تہ اسرائيل جي خدا جي صندوق کي اسين ڇا ڪريون؟ ۽ هنن ورندي ڏني تہ اسرائيل جي صندوق کڻي جات ڏي پهچائي ڏيو. پوءِ هو اسرائيل جي خدا جي صندوق کڻي اُتي ويا.


تڏهن هنن چيو تہ ڪهڙي ڏوهہ جي قرباني اسين هن کي ڏيون؟ ۽ هنن چيو تہ فلستين جي سردارن جي شمار موجب پنج سونيون ڳوڙهيون، ۽ پنج سونا ڪوئا موڪليو: ڇالاءِ جو هڪڙي ئي آفت اوهان سڀني تي، ۽ اوهانجن سردارن تي هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ