1.سموئيل 6:14 - Sindhi Bible14 ۽ گاڏي بيت شمسي يشوع جي ٻنيءَ ۾ اچي بيهي رهي، جتي هڪڙو وڏو پٿر پيو هو: ۽ ماڻهن گاڏيءَ جو ڪاٺ چيري اُهي ڳئون خداوند جي لاءِ سوختني قرباني ڪري چاڙهي ڇڏيون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible14 گاڏي بيتشمس شهر ۾ رهندڙ هڪڙي شخص يشوع جي ٻنيءَ ۾ اچي بيهي رهي، جتي هڪڙو وڏو پٿر پيو هو. ماڻهن ڪاٺ جي اها گاڏي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏي ۽ ڳئن کي خداوند جي لاءِ ساڙڻ واري قربانيءَ طور قربان ڪيائون. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ هن چيو تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي وڃڻ ڏي؛ ڇالاءِ جو اسان جي گهراڻي کي شهر ۾ هڪڙي قرباني ڪرڻي آهي؛ ۽ منهنجي ڀاءُ مون کي اُتي حاضر رهڻ جو حڪم ڏنو آهي: ۽ هاڻي جيڪڏهن تنهنجي مون تي مهربانيءَ جي نظر ٿئي تہ آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي ڇڏ تہ آءٌ وڃان ۽ پنهنجن ڀائرن کي ڏسان. تنهنڪري هو بادشاهہ جي ميز تي نہ آيو آهي.