Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 5:7 - Sindhi Bible

7 ۽ جڏهن اشدود جي ماڻهن ڏٺو تہ هي حال آهي تڏهن هنن چيو، تہ اسرائيل جي صندوق اسان وٽ نہ رهي: ڇالاءِ جو هن جي هٿ، اسان تي ۽ اسان جي معبود دجون تي، مصيبت وڌي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 اشدود جي ماڻهن جڏهن اهو حال ڏٺو تڏهن چوڻ لڳا تہ ”بني اسرائيل جي خدا جي عهد واري صندوق هاڻ اسان وٽ وڌيڪ نہ رهڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ اسان تي ۽ اسان جي معبود دجون تي خدا پنهنجو ڳرو هٿ کنيو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 5:7
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ دائود انهيءَ ڏينهن خداوند کان ڊنو؛ ۽ چوڻ لڳو تہ ڪهڙيءَ طرح خداوند جي صندوق مون وٽ ايندي؟


ڇالاءِ جو جڏهن اوهان پهريون دفعو انهيءَ کي نہ کنيو، تڏهن خداوند اسان جو خدا اسان تي ڪڙڪي پيو، ڇو جو اسان قانون موجب کيس نہ ڳوليو هو.


تڏهن فرعون جي نوڪرن کيس چيو تہ ڪيستائين اسين هن شخص جي ڦندي ۾ پيا ڦاسنداسين؟ انهن ماڻهن کي کڻي ڇڏ تہ وڃي خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪن؛ توکي اڃا اها خبر ڪانهي ڇا، تہ مصر برباد ٿي ويو آهي؟


۽ مصرين انهن ماڻهن تي زور لاتو تہ جلد ملڪ مان نڪري وڃن، ڇالاءِ جو هنن چيو تہ اسين سڀ مري وينداسين.


تڏهن فرعون چيو تہ آءٌ اوهان کي وڃڻ ڏيندس تہ ڀلي بيابان ۾ وڃي خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ قرباني چاڙهيو: پر تمام پري نہ وڃجو ۽ منهنجي لاءِ بہ دعا گهرجو.


تڏهن فرعون موسيٰ ۽ هارون کي گهرائي چيو تہ اوهين خداوند کي عرض ڪريو تہ هي ڏيڏر مون تان، ۽ منهنجن ماڻهن تان دفع ڪري، ۽ آءٌ انهن ماڻهن کي ڇڏيندس تہ وڃي خداوند جي لاءِ قرباني چاڙهين.


اوهين خداوند کان دعا گهرو ڇالاءِ جو هاڻ ڪافي گجگوڙ ۽ ڳڙا پيا آهن. هاڻي آءٌ اوهان کي وڃڻ ڏيندس، ۽ اوهان کي وڌيڪ ترسڻو نہ پوندو.


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ نوَ واري امون، ۽ فرعون، ۽ مصر کي سندس معبودن ۽ سندس بادشاهن سان گڏ سزا ڏيندس؛ يعني فرعون کي ۽ انهي کي جي مٿس ڀروسو ٿا رکن.


ڇالاءِ جو پنهنجن ڪمن ۽ پنهنجن خزانن تي ڀروسي رکڻ ڪري تون گرفتار ٿيندين: ۽ ڪموس، پنهنجن ڪاهنن ۽ پنهنجي اميرن سميت، قيد ٿي هليو ويندو.


اسان سان ويل ٿيو! هنن طاقت وارن معبودن جي هٿان اسان کي ڪير ڇڏائيندو؟ هي اُهي معبود آهن جن مصرين کي بيابان ۾ هر قسم جي آفتن سان شڪست ڏني.


پر خداوند جو هٿ اشدود جي ماڻهن تي ڳرو ٿيو، ۽ هن انهن کي ناس ڪري ڇڏيو، ۽ اشدود ۽ ان جي آس پاس وارين سرحدن کي ڳوڙهن جي مرضن سان ماريائين.


تنهنڪري هنن ماڻهو موڪلي فلستين جا سردار پاڻ وٽ گڏ ڪيا، ۽ چوڻ لڳا تہ اسرائيل جي خدا جي صندوق کي اسين ڇا ڪريون؟ ۽ هنن ورندي ڏني تہ اسرائيل جي صندوق کڻي جات ڏي پهچائي ڏيو. پوءِ هو اسرائيل جي خدا جي صندوق کڻي اُتي ويا.


۽ بيت شمس جي ماڻهن چيو تہ ڪير آهي جو خداوند، هن پاڪ خدا جي اڳيان بيهي سگهندو؟ ۽ اسان وٽان اهو ڪنهن وٽ ويندو؟


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ