Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 5:3 - Sindhi Bible

3 ۽ جڏهن اشدود جا ماڻهو صبح جو سوير اُٿيا تڏهن ڏسن تہ خداوند جي صندوق جي اڳيان دجون منهن ڀر زمين تي ڪريو پيو آهي. ۽ هنن دجون کي کڻي وري پنهنجي جاءِ تي ويهاريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

3 ٻئي ڏينهن صبح جو سوير جڏهن اشدود جا ماڻهو اٿيا، تہ ڇا ڏسن تہ دجون بت خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان منهن ڀر زمين تي ڪريو پيو آهي. تڏهن هنن دجون بت کي کڻي وري پنهنجيءَ جاءِ تي رکي ڇڏيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 5:3
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪو ڍڳو هنن کي ڏنو ويو سو هنن ورتو ۽ اُنهيءَ کي تيار ڪيائون، ۽ صبح کان وٺي ٻن پهرن تائين بعل جو نالو وٺي پئي سڏيائون، ۽ پئي چيائون تہ اي بعل اسان جي ٻڌ. پر ڪوبہ آواز ڪونہ آيو ۽ نہ ڪنهن جواب ڏنو. ۽ جيڪا قربانگاهہ جوڙي هئائون تنهن جي چوڌاري ٽپڻ لڳا.


هٿ اٿن پر جهلين نٿا؛ نڪي پنهنجيءَ نڙيءَ مان آواز ٿا ڪڍن.


جيڪي گهڙيل مورتن کي سجدو ڪري پوڄا ٿا ڪن، ۽ جيڪي بتن جي ڪري پاڻ کي پڏائين ٿا، سي سڀ شرمندا ٿين: اي سڀ معبودو اوهين هن جي اڳيان سجدو ڪريو.


ڇالاءِ جو انهيءَ رات آءٌ مصر جي ملڪ مان لنگهندس، ۽ مصر جي ملڪ ۾ جيڪي بہ پهريتا هوندا، ماڻهن جا ٻار توڙي جانورن جا ٻچا، تن سڀني کي ماري وجهندس، ۽ مصر جي سڀني ديوتائن تي فتويٰ جاري ڪندس: آءٌ خداوند آهيان.


مصر بابت ڪلام. ڏسو خداوند هڪڙي تکي بادل تي سوار ٿي مصر ۾ اچي ٿو: ۽ اُن جي حضور ۾ مصر جا بت بيحال ٿي ويندا ۽ مصر جي دل پگهرجي ويندي.


جن کي اهڙي قرباني پيش ڪرڻ جي وسعت ڪانهي سو اهڙو ڪو وڻ پسند ٿو ڪري جو سڙي ڪِنو نہ ٿئي؛ هو پنهنجي لاءِ اهڙو هوشيار ڪاريگر ٿو ڳولي جو اهڙي اُڪريل مورت جوڙي جا قائم رهي سگهي.


انهيءَ طرح واڍي سوناري کي همتايو، ۽ جيڪو مترڪي سان لسو ٿو ڪري تنهن سنداڻ تي ڌڪ هڻندڙ کي همتايو، ۽ چيائين تہ ڳنڍ چڱو ٽاڪيل آهي: ۽ هن انهيءَ کي ڪلين سان سوگهو ڪيو تہ قابو رهي.


اُهي هن کي ڪلهي تي کڻي سندس جاءِ تي رکن ٿا، ۽ هو بيهي ٿو؛ ۽ هو پنهنجي جاءِ تان نٿو چُري: بلڪ جڏهن ڪو هن کي پڪاريندو تہ بہ هو جواب ڪونہ ڏيندو، نڪي کيس مصيبت کان بچائيندو.


پر اُهي سڀ جهنگلي ۽ بي عقل آهن: بتن جي تعليم فقط ڪاٺ آهي.


خداوند هنن لاءِ خوفناڪ ٿيندو: ڇالاءِ جو هو زمين جي سڀني معبودن کي بک ۾ پاهہ ڪندو: سڀ ماڻهو پنهنجن ملڪن مان يعني سڀ ٻيٽ هن جي عبادت ڪندا.


۽ جڏهن ڀوت کيس ڏسندا هئا، تڏهن اڳيانس ڪِري رڙيون ڪري چوندا هئا، تہ تون خدا جو فرزند آهين.


۽ خداوند جي صندوق فلستين جي ملڪ منجهہ ست مهينا رهي.


تنهنڪري اوهين پنهنجن ڳوڙهين جون، ۽ پنهنجن ڪوئن جون شڪليون جوڙيو، جي ملڪ کي خراب ٿيون ڪن؛ ۽ اوهين اسرائيل جي خدا جو جلال ظاهر ڪريو: تہ من هو اوهان تي، ۽ اوهان جي معبودن تي، ۽ اوهان جي ملڪ تي پنهنجو هٿ هلڪو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ