Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 4:5 - Sindhi Bible

5 ۽ جڏهن خداوند جي عهدنامي جي صندوق لشڪرگاهہ ۾ آئي، تڏهن سڀني اسرائيلين اهڙي وڏي آواز سان رڙيون ڪيون جو زمين مان پڙلاءُ نڪرڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

5 جڏهن خداوند جي عهد واري صندوق لشڪر‌گاهہ ۾ اچي پهتي، تڏهن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن خوشيءَ مان ايڏا تہ زور سان واڪا ڪيا جو زمين ڌڏڻ لڳي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 4:5
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏس، صدوق بہ آيو، ۽ ساڻس سڀ لاوي خدا جي عهدنامي جي صندوق کڻي هليا؛ ۽ هنن خدا جي صندوق کڻي رکي، ۽ ابياتر مٿي چڙهي ويو، جيسين ڪ سڀ ماڻهو شهر مان نڪري ويا.


۽ سڀيئي ماڻهو سندس پٺيان لڳي آيا، ۽ ماڻهن توتاريون وڄايون، ۽ ڏاڍيون خوشيون ڪيون، اهڙيون جو انهن جي آواز سان زمين ٿي ڦاٽي.


تہ شريرن جي فتحيابي ٿوري، ۽ بيدينن جي خوشي هڪڙي لحظي جي آهي؟


اوهين ڪوڙين ڳالهين تي ڀروسو نہ رکو جو چئو ٿا تہ خداوند جي هيڪل، خداوند جي هيڪل، هيءَ خداوند جي هيڪل آهي.


اوهين جو مصيبت جي ڏينهن کي پري ٿا ڪريو ۽ ظلم زبردستيءَ جي ڪرسيءَ کي ويجهو ٿا آڻيو؛


جيڪڏهن ڪو ڪوڙو ماڻهو ڪوڙي روح سان ڪوڙ ڪري چوي، تہ آءٌ شراب ۽ نشي بابت پيشنگوئي ڪري ٻڌائيندس، تہ اهو ئي سندن نبي ٿو ٿئي!


تڏهن ماڻهن رڙيون ڪيون ۽ ڪاهنن قرنائيون وڄايون: ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن ماڻهن قرنائين جو آواز ٻڌو، ۽ وڏي سڏ رڙيون ڪيائون، تڏهن ڀت هيٺ ڪري پيئي، ۽ ماڻهو چڙهي شهر ۾ ويا، سڀڪو سڌو پنهنجي سامهون ويو، ۽ هنن شهر وٺي هٿ ڪيو.


۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن هو گهٽي جي سڱ سان هڪڙو ڊگهو آواز ڪن، ۽ اوهين اُهو قرناءِ جو آواز ٻڌو، تڏهن سڀ ماڻهو ڏاڍي زور سان رڙيون ڪن؛ ۽ شهر جي ڀت هيٺ ڪري پوندي، پوءِ سڀڪو ماڻهو پنهنجي سامهون سڌو چڙهندو وڃي.


جڏهن هو لحيءَ ۾ آيو، تڏهن فلستي هن کي ڏسڻ شرط رڙيون ڪرڻ لڳا، ۽ خداوند جو روح قدرت سان هن تي نازل ٿيو، ۽ جيڪي رسا هن جي ٻانهن تي هئا، سي انهيءَ سڻيءَ جهڙا ٿي پيا جا باهہ سان سڙي ويندي آهي، ۽ هن جا بند سندس هٿن تان ڪري پيا.


۽ جڏهن فلستين انهن رڙين جو آواز ٻڌو تڏهن چوڻ لڳا تہ عبرانين جي لشڪرگاهہ ۾ هيڏين وڏين رڙين جو مطلب ڇا آهي؟ ۽ ڄاتائون تہ خداوند جي صندوق لشڪرگاهہ ۾ آئي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ