Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 4:4 - Sindhi Bible

4 تڏهن انهن سيلا ڏي ماڻهو موڪليا، ۽ اُنهن اُتان لشڪرن جي خداوند جي عهدنامي جي صندوق آندي، جا ڪروبين تي رکيل آهي. ۽ عيليءَ جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس اُتي خدا جي عهدنامي جي صندوق سان هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

4 سو انهن سيلا شهر ڏانهن ماڻهو موڪليا جيڪي اُتان اها عهد واري صندوق، جنهن تي پردار آسماني مخلوق جي مجسمن جي وچ ۾ قادرِمطلق خداوند تخت‌نشين هو، سا کڻي آيا. عيليءَ جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس خدا جي عهد واري صندوق سان گڏ هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 4:4
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ڏس، صدوق بہ آيو، ۽ ساڻس سڀ لاوي خدا جي عهدنامي جي صندوق کڻي هليا؛ ۽ هنن خدا جي صندوق کڻي رکي، ۽ ابياتر مٿي چڙهي ويو، جيسين ڪ سڀ ماڻهو شهر مان نڪري ويا.


۽ دائود اُٿيو، ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن سڀني سان گڏجي بعل يهوداہ مان روانو ٿيو، انهي لاءِ تہ اُتان خدا جي صندوق کڻي اچي، جا لشڪرن جي انهيءَ خداوند جي نالي سان سڏبي آهي، جو ڪروبين تي ويٺل آهي.


۽ حزقياہ خداوند جي حضور مان دعا گهري، ۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند اسرائيل جا خدا، تون جو ڪروبين تي ويٺو آهين سو ئي فقط زمين جي سڀني بادشاهتن جو خدا آهين؛ تو آسمان ۽ زمين جوڙيا آهن.


اي اسرائيل جا ڌنار، تون جو ڌڻ وانگي يوسف جي رهبري ٿو ڪرين، ڪن ڏيئي ٻڌ: تون جو ڪروبين تي ويٺو آهين، پنهنجو نور چمڪاءِ.


افرائيم ۽ بنيمين ۽ منسيءَ جي اڳيان پنهنجي قدرت ڏيکار، ۽ اچي اسان کي بچاءِ.


خداوند بادشاهي ٿو ڪري؛ ڀلي تہ قومون ڏڪن: هو ڪروبين تي ويٺو آهي؛ ڀلي تہ زمين لڏي.


اي لشڪرن جا خداوند، اسرائيل جا خدا، تون جو ڪروبين تي ويٺو آهين؛ تون ئي اڪيلو زمين جي سڀني بادشاهن جو خدا آهين؛ تو زمين ۽ آسمان جوڙيا آهن.


۽ هاڻي اچو تہ خداوند کي مڃايون، تہ هو اسان تي مهربان ٿئي: اهو ئي اوهان جو ڊول ٿي رهيو آهي، ۽ هو اوهان کي قبول ڪندو ڇا؟ لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي.


۽ جڏهن هارون ۽ سندس پٽ، پاڪ مڪان ۽ انهي جي سامان کي ڍڪي بس ڪن، ۽ ڪوچ ڪرڻ جو وقت اچي، تڏهن قهات جا پٽ انهي جي کڻڻ لاءِ اچن: پر هو پاڪ مڪان کي نہ ڇهن متان مري پون. جماعت واري تنبوءَ مان اهي شيون قهات جي پٽن کي کڻڻيون آهن.


جڏهن منزل کڄي تڏهن هارون ۽ سندس پٽ اندر وڃن، ۽ پردي وارو ڍڪ لاهين، ۽ شاهديءَ جي صندوق کي انهي سان ڍڪين،


۽ جڏهن موسيٰ خداوند سان ڳالهائڻ لاءِ جماعت واري تنبوءَ ۾ ويو، تڏهن شاهديءَ واري صندوق تي جيڪو رحمت جو پوش هو، تنهن تان ٻنهي ڪروبين جي وچ مان هن هڪڙو آواز ٻڌو، جنهن ساڻس ڳالهايو.


۽ جڏهن هن انهي جو کير ڇڏايو تڏهن انهي کي پاڻ سان وٺي ويئي، ۽ ٽي ڍڳا، ۽ هڪڙو ايفہ ميدو، ۽ هڪڙي شراب جي کلي بہ کنيائين، ۽ انهي کي سيلا ۾ خداوند جي گهر ۾ آندائين: ۽ اُهو ٻار ننڍو هو.


۽ اخياہ بن اخيطوب، جو يڪبود بن فينحاس، بن عيلي جو ڀاءُ هو، ۽ سيلا ۾ خداوند جو ڪاهن هو، سو بہ اُفود ڍڪيو ويٺو هو، ۽ ماڻهن کي ڪابہ خبر ڪانہ هئي تہ يونتن هليو ويو آهي.


هاڻي عيلي تمام ٻڍو هو؛ ۽ سندس پٽن جيڪي اسرائيل سان ٿي ڪيو، ۽ جماعت واري تنبوءَ جي در تي جيڪي زالون خدمت ڪنديون هيون تن سان ڪيئن هو سمهندا هئا، سو ٻڌائين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ