Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 4:2 - Sindhi Bible

2 ۽ فلستين اسرائيلين جي سامهون صفون ٻڌيون: ۽ جڏهن هو وڙهڻ لاءِ ڳنڍجي پيا تڏهن اسرائيلين کي فلستين شڪست ڏني: ۽ جيڪو لشڪر ميدان ۾ هو تنهن مان هنن اٽڪل چار هزار ماڻهو ماريا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

2 فلستين بني اسرائيل جي سامهون صفون ٻڌيون ۽ جنگ شروع ڪيائون. سخت جنگ کان پوءِ هنن بني اسرائيل کي شڪست ڏني ۽ جنگ جي ميدان ۾ بني اسرائيل جا اٽڪل چار هزار ماڻهو ماري ڇڏيائون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 4:2
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اچو تہ اسين پنهنجا رستا ڳوليون ۽ آزمايون، ۽ وري بہ خداوند ڏي ڦرون.


جيتوڻيڪ ڪوبہ هنن جي پٺيان نہ پوندو، تڏهن بہ جيئن ڪو ترار کان ڀڄي، تيئن اُهي هڪٻئي جي مٿان ٿاٻا کائي ڪرندا: ۽ اوهان کي پنهنجي دشمنن جي اڳيان بيهڻ جي طاقت نہ ٿيندي.


پوءِ عماليقي ۽ ڪنعاني جي انهيءَ جبل تي رهندا هئا، سي هيٺ لهي آيا، ۽ حرمہ تائين انهن کي ماريندا آيا.


تنهنڪري بني اسرائيل پنهنجي دشمنن جي اڳيان بيهي نہ ٿا سگهن، ۽ انهن جي اڳيان پٺ ٿا ورائين، ڇالاءِ جو اُهي لعنتي ٿيا آهن. جيستائين ڪ اوهين پاڻ منجهان انهي لعنتي شيءِ کي ناس ڪري نہ ڇڏيندا، تيستائين آءٌ وري اوهان سان نہ ٿيندس.


۽ اسرائيل ۽ فلستين پنهنجون پنهنجون صفون ٻڌي، لشڪر، لشڪر جي سامهون پئي بيهاريو.


۽ هو بيهي اسرائيل جي لشڪرن کي رڙ ڪري چوڻ لڳو تہ اوهين ڇو جنگ جي لاءِ صفون ٻڌي آيا آهيو؟ آءٌ فلستي ناهيان ڇا، ۽ اوهين سائول جا نوڪر ناهيو ڇا؟ پاڻ منجهان هڪڙو ماڻهو چونڊي ڪڍو، ۽ اهو مون وٽ اچي مقابلو ڪري.


۽ سموئيل جي ڳالهہ سڄي اسرائيل ۾ پهتي. هاڻي اسرائيلي فلستين سان جنگ ڪرڻ لاءِ نڪري ويا، ۽ ابن عزر جي ويجهو وڃي تنبو هنيائون: ۽ فلستين پنهنجا تنبو افيق ۾ هنيا.


۽ فلستي اُٿي وڙهيا ۽ اسرائيلين شڪست کاڌي، ۽ اُهي سڀ ڀڄي پنهنجن تنبن ۾ آيا: ۽ ڏاڍو ڪوس ٿيو: ڇالاءِ جو اسرائيلين جا ٽيهہ هزار پيادا مارجي ويا.


۽ جڏهن هو لشڪرگاهہ ۾ آيا تڏهن اسرائيل جي بزرگن چيو تہ ڇالاءِ خداوند اڄ اسان کي فلستين جي اڳيان شڪست ڏني آهي؟ اچو تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق سيلا ۾ کڻي اچون تہ اُها اسان منجهہ اچي، ۽ اسان کي اسانجن دشمنن جي هٿان ڇڏائي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ