Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 4:17 - Sindhi Bible

17 ۽ جنهن خبر آندي هئي تنهن ورندي ڏيئي چيس، تہ اسرائيلي فلستين جي اڳيان ڀڄي ويا، ۽ ماڻهن ۾ وڏو ڪوس ٿيو آهي، ۽ تنهنجا ٻئي پٽ، حفني ۽ فينحاس بہ مري ويا آهن، ۽ خدا جي صندوق بہ جهلجي ويئي آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 تڏهن انهيءَ ماڻهوءَ ٻڌايس تہ ”بني اسرائيل فلستين جي هٿان شڪست کاڌي ۽ ماڻهن ۾ تمام گھڻي خونريزي ٿي آهي. تنهنجا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس بہ مارجي ويا آهن ۽ خدا جي عهد واري صندوق بہ کسجي ويئي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 4:17
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن پنهنجيءَ طاقت کي قيد ۾، ۽ پنهنجي جلال کي دشمن جي هٿ ۾ ڏنو.


انهن جا ڪاهن ترار سان مارجي ويا؛ ۽ سندن بيوہ زالن ماتم نہ ڪيو.


۽ اها تنهنجي لاءِ نشاني هوندي، جا تنهنجن ٻن پٽن، حفني ۽ فنحاس تي ايندي؛ هڪڙي ئي ڏينهن اُهي ٻئي مري ويندا.


۽ خداوند سموئيل کي چيو تہ ڏس، آءٌ اسرائيل ۾ هڪڙو ڪم ڪندس، سو ٻڌي سڀ ڪنهن ماڻهوءَ جا ڪن وڄڻ لڳندا.


انهي ڏينهن جيڪي عيليءَ جي گهراڻي جي نسبت ۾ مون چيو آهي سو شروع کان وٺي پڇاڙيءَ تائين انهي جي برخلاف پورو ڪندس.


۽ اُنهي ماڻهوءَ عيلي کي چيو تہ آءٌ اُهو ماڻهو آهيان جو لشڪر مان ٿو اچان، ۽ اڄ ئي لشڪر مان ڀڳو آهيان. ۽ هن چيس تہ اي منهنجا پٽ، جنگ جو ڪهڙو حال آهي؟


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن هن خدا جي صندوق جو نالو ورتو تڏهن هو پٺيرو پنهنجي ڪرسيءَ تان دروازي جي پاسي ڪري پيو، ۽ سندس ڪنڌ ڀڄي پيو ۽ مري ويو: ڇالاءِ جو هو ڪراڙو هو ۽ ڳرو هو؛ ۽ هو چاليهہ ورهيہ اسرائيل جو قاضي ٿي رهيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ