15 هاڻي عيلي اٺانوي ورهين جو هو؛ ۽ هن جي اکين ۾ اهڙو ڌنڌ هو جو هو ڏسي نٿي سگهيو.
۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن اسحاق ٻڍو ٿيو ۽ اکين ۾ اهڙو ڌنڌ ٿيس، جو ڏسي نٿي سگهيو، تڏهن هن پنهنجي وڏي پٽ عيسوءَ کي سڏي چيو تہ اي منهنجا پٽ، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.
۽ يربعام جي زال ائين ئي ڪيو ۽ اُٿي سيلا ڏي ويئي، ۽ اخياہ جي گهر آئي. هاڻي اخياہ ڏسي نٿي سگهيو؛ ڇالاءِ جو وڏي عمر جي ڪري هن جون اکيون ويهي ويون هيون.
اسان جي ڄمار جا ڏينهن ستر ورهيہ آهن يا طاقت جي ڪري کڻي اسي ورهيہ ٿين، تڏهن بہ انهيءَ جي رونق فقط محنت ۽ غم آهي؛ ڇو جو اها جلد گذريو وڃي ۽ اسين اُڏامي ٿا وڃون.
۽ انهيءَ وقت هيئن ٿيو تہ جڏهن عيلي پنهنجي جاءِ تي ليٽيو پيو هو هاڻي هن جي اکين ۾ ڌنڌ ٿيڻ لڳو هو جنهنڪري هو ڏسي نہ سگهندو هو.
۽ جڏهن عيلي روئڻ جو آواز ٻڌو تڏهن چوڻ لڳو تہ هن هل حشر جو مطلب ڇا آهي؟ ۽ انهيءَ ماڻهوءَ تڪڙو ٿي عيليءَ کي خبر ٻڌائي.