11 ۽ خدا جي صندوق جهلجي ويئي، ۽ عيلي جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس مارجي ويا.
11 خدا جي عهد واري صندوق کسجي ويئي ۽ عيليءَ جا ٻئي پٽ حفني ۽ فينحاس مارجي ويا.
تڏهن بہ انهن خدا تعاليٰ کي آزمايو ۽ هن جي برخلاف فساد ڪيائون، ۽ هن جي شاهدين کي نہ مڃيائون.
انهن جا ڪاهن ترار سان مارجي ويا؛ ۽ سندن بيوہ زالن ماتم نہ ڪيو.
ٻرحال شرير جا! هن سان برائي ٿيندي: ڇالاءِ جو هن جي ڪمن جو بدلو هن کي ڏنو ويندو.
پر جيڪو منهنجو مڪان سيلا ۾ هو، جتي پهرين مون پنهنجو نالو مقرر ڪيو، اُتي هاڻي اوهين وڃو ۽ ڏسو تہ مون پنهنجي قوم اسرائيل جي شرارت ڪري ان سان ڇا ڪيو آهي.
ڏس، اُهي ڏينهن اچن ٿا جڏهن تنهنجو زور ۽ تنهنجي پيءُ جي گهراڻي جو زور آءٌ ڀڃي ڇڏيندس، جنهنڪري تنهنجي گهراڻي ۾ ڪوبہ پير مرد ڪونہ ٿيندو.
۽ جيڪا بہ دولت خدا اسرائيل کي ڏيندو تنهن ۾ تون منهنجي گهر جي مصيبت ڏسندين: ۽ تنهنجي گهراڻي ۾ هميشہ لاءِ ڪوبہ پير مرد ڪونہ ٿيندو.
۽ اها تنهنجي لاءِ نشاني هوندي، جا تنهنجن ٻن پٽن، حفني ۽ فنحاس تي ايندي؛ هڪڙي ئي ڏينهن اُهي ٻئي مري ويندا.
انهي ڏينهن جيڪي عيليءَ جي گهراڻي جي نسبت ۾ مون چيو آهي سو شروع کان وٺي پڇاڙيءَ تائين انهي جي برخلاف پورو ڪندس.
۽ هن ٻار جو نالو يڪبود رکيو، جو چيائين تہ اسرائيل مان جلال ويندو رهيو: ڇالاءِ جو خدا جي صندوق جهلجي ويئي ۽ سندس سهرو ۽ سندس مڙس مري ويا.