Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 31:8 - Sindhi Bible

8 ۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ جڏهن فلستي قتل ٿيل ماڻهن جي لٽڻ لاءِ آيا، تڏهن ڏسن تہ سائول ۽ سندس ٽيئي پٽ جلبوعہ جبل تي مئا پيا آهن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

8 ٻئي ڏينهن جڏهن فلستي قتل ٿيل ماڻهن کي لٽڻ لاءِ آيا، تہ هنن جِلبوعہ جبل تي سائول ۽ سندس ٽن پٽن جا لاش ڏٺا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 31:8
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جات ۾ اها ڳالهہ نہ ٻڌاءِ، اسقلون جي گهٽين ۾ اها پڌري نہ ڪر؛ تہ متان فلستين جون ڌيئرون خوشيون ڪن، متان اڻطهريلن جون ڌيئرون فخر ڪن.


اي جلبوعہ جا جبلو، ڀلي تہ اوهان تي ماڪ يا مينهن نہ پئي، ۽ نذرانن جون ٻنيون نہ ٿين: ڇالاءِ جو اتي بهادرن جي سپر ڪميڻائيءَ سان اُڇلائي ڇڏي وئي، يعني سائول جي سپر ڄڻ تہ اها بي مسح جي هئي.


۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ جڏهن فلستي ماريل ماڻهن جا ڪپڙا لاهڻ آيا، تڏهن سائول ۽ سندس پٽن کي جلبوع جبل تي پيل ڏٺائون.


۽ جڏهن يهوسفط ۽ سندس ماڻهو انهن جو لٽ جو مال کڻڻ آيا، تڏهن انهن ۾ بي انداز دولت ۽ ڪپڙا ۽ قيمتي جواهر ڏٺائون، جي هنن پنهنجي لاءِ لاهي هٿ ڪيا، ۽ اهي هنن جي کڻڻ کان وڌيڪ هئا: ۽ لٽ جو مال ايترو تہ گهڻو هو جو ٽي ڏينهن هنن پئي کنيو.


۽ فلستي گڏ ٿيا ۽ شونيم ۾ تنبو هنيائون: ۽ سائول سڀ اسرائيلي گڏ ڪيا، ۽ اُنهن جلبوعہ ۾ تنبو هنيا.


۽ اسرائيل جا ماڻهو جي واديءَ جي هن پاسي هئا، ۽ اُهي جي يردن جي هن ڀر هئا، تن جڏهن ڏٺو تہ اسرائيل جا ماڻهو ڀڄي ويا آهن، ۽ سائول ۽ سندس پٽ بہ مري ويا آهن، تڏهن هو شهر ڇڏي اُٿي ڀڳا؛ ۽ فلستي اچي انهن ۾ رهڻ لڳا.


تڏهن هنن انهي جي سسي وڍي ڌار ڪئي، ۽ سندس بت تان زرهہ بہ لاٿائون، ۽ اُهي هنن فلستين جي ملڪ ۾ موڪلي ڏنا، تہ ڀلي سندن بُت خاني، ۽ ماڻهن کي اها خبر ملي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ