Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 31:7 - Sindhi Bible

7 ۽ اسرائيل جا ماڻهو جي واديءَ جي هن پاسي هئا، ۽ اُهي جي يردن جي هن ڀر هئا، تن جڏهن ڏٺو تہ اسرائيل جا ماڻهو ڀڄي ويا آهن، ۽ سائول ۽ سندس پٽ بہ مري ويا آهن، تڏهن هو شهر ڇڏي اُٿي ڀڳا؛ ۽ فلستي اچي انهن ۾ رهڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

7 بني اسرائيل جا جيڪي ماڻهو يزرعيل ماٿريءَ جي ٻئي طرف ۽ جيڪي اردن درياءَ جي اوڀر طرف رهندا هئا، تن جڏهن ٻڌو تہ بني اسرائيل جا ماڻهو ڀڄي نڪتا آهن ۽ سائول ۽ سندس پٽ بہ مارجي ويا آهن، تڏهن هو بہ پنهنجا شهر ڇڏي ڀڄي ويا. پوءِ فلستي اچي انهن تي قبضو ڪري رهڻ لڳا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 31:7
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ آءٌ ملڪ کي ويران ڪندس: ۽ جيڪي اوهان جا دشمن انهي ۾ رهندا هوندا سي انهي ڪري عجب ۾ پوندا.


۽ جيڪي اوهان مان پنهنجي دشمن جي ملڪ ۾ باقي رهندا، تن جي دلين ۾ آءٌ خوف پيدا ڪندس: ۽ اهي پن اُڏامڻ جي کڙڪي تي بہ ڀڄي ويندا؛ ۽ هو ائين ڀڄندا، جيئن ڪو ترار کان ڀڄي؛ ۽ ڪوبہ سندن پيڇو نہ ڪندو تہ بہ هو ڪري پوندا.


تنهنجيءَ زمين جي پيداوار، ۽ تنهنجي سموري ڪمائي، هڪڙي اهڙي قوم کائي ويندي جنهن کي تون نٿو سڃاڻين؛ تون سدائين مظلوم ۽ دٻايل رهندين:


۽ مديانين جو هٿ اسرائيل تي غالب پيو: مديانين جي ڪري، بني اسرائيل پنهنجي لاءِ جبلن ۾ چرون، ۽ غار، ۽ مضبوط پناهہ جون جايون جوڙيون.


جڏهن اسرائيل جي ماڻهن ڏٺو تہ ڏاڍا تنگ اچي ٿيا آهيون (ڇالاءِ جو اُهي ماڻهو ڏاڍي تڪليف ۾ هئا) تڏهن هنن پاڻ کي غارن، ۽ گهاٽن جهنگن، ۽ ٽڪرن، ۽ ڏرن، ۽ کڏن ۾ لڪايو.


هاڻي عبرانين مان ڪي يردن جي هن ڀر لنگهي جد ۽ جلعاد جي ملڪ ڏي ويا؛ پر سائول اڃا بہ جلجال ۾ هو، ۽ سڀيئي ماڻهو ڏڪندا هن جي پٺيان ويا.


انهي طرح سائول ۽ سندس ٽيئي پٽ، ۽ سندس زرهہ بردار، ۽ سندس سڀ ماڻهو ساڳئي ڏينهن گڏ مئا.


۽ ٻئي ڏينهن صبح جو هيئن ٿيو تہ جڏهن فلستي قتل ٿيل ماڻهن جي لٽڻ لاءِ آيا، تڏهن ڏسن تہ سائول ۽ سندس ٽيئي پٽ جلبوعہ جبل تي مئا پيا آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ