1.سموئيل 31:1 - Sindhi Bible1 هاڻي فلستي اسرائيل سان وڙهيا: ۽ اسرائيل جا ماڻهو فلستين جي اڳيان ڀڄي ويا ۽ جلبوعہ جبل تي قتل ٿي ڪري پيا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Muslim Sindhi Bible1 هوڏانهن فلستين جِلبوعہ جي جابلو علائقي ۾ بني اسرائيل سان جنگ ڪئي. اتي بني اسرائيل جا گھڻا ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪجھہ ڀڄي نڪتا. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ سموئيل سائول کي چيو تہ تو ڇو منهنجو آرام ڦٽايو آهي، جو مون کي مٿي آندو اٿيئي؟ ۽ سائول ورندي ڏني تہ آءٌ ڏاڍو تنگ آيو آهيان؛ ڇالاءِ جو فلستي مون سان جنگ ٿا ڪن، ۽ خدا مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ مون کي ڪابہ ورندي نٿو ڏئي، نہ نبين جي وسيلي، ۽ نہ خوابن جي رستي: تنهنڪري مون توکي سڏيو آهي تہ مون کي ٻڌاءِ تہ آءٌ ڇا ڪريان.