Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 30:6 - Sindhi Bible

6 ۽ دائود کي ڏاڍو ڏک ٿيو؛ ڇالاءِ جو ماڻهن هن کي سنگسار ڪرڻ جي ڳالهہ پئي ڪئي، جو سڀ ماڻهو پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن جي لاءِ غمگين هئا: پر دائود پاڻ کي خداوند پنهنجي خدا ۾ مضبوط ڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

6 دائود کي ڏاڍي پريشاني ٿي، ڇاڪاڻ تہ سڀيئي ماڻهو پنهنجن وڃايل پٽن ۽ ڌيئرن جي ڪري تمام ڏکويل هئا ۽ کيس سنگسار ڪري مارڻ پئي چاهيائون. پر دائود کي خداوند پنهنجي خدا همت عطا ڪئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 30:6
51 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يعقوب کي ڏاڍو ڊپ وٺي ويو ۽ هو پريشان ٿيڻ لڳو: ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا تن کي، ۽ ڍورن، ڌڻن، ۽ اُٺن کي ورهائي ٻہ ٽوليون ڪيائين؛


۽ حوسيءَ هيترو بہ وڌيڪ چيو تہ تون پنهنجي پيءُ ۽ سندس ماڻهن کي سڃاڻين ٿو تہ زور ڀريا ماڻهو آهن، ۽ اهي دل ۾ اهڙا چڙيل آهن جهڙي ڪا رڇڻ جهنگ ۾ هجي، جنهن جا ٻچا چورائجي ويا هجن: ۽ تنهنجو پيءُ جنگي مرد آهي، ۽ ماڻهن سان نہ رهندو.


۽ جڏهن هو انهيءَ ٽڪر تي خدا جي مرد وٽ آئي، تڏهن انهيءَ جي پيرن کي وڃي جهليائين. ۽ جيحازيءَ هن کي ڌڪي پري ڪرڻ لاءِ ويجهو آيو؛ پر اُنهيءَ خدا جي مرد چيس تہ هن کي ڇڏي ڏي: ڇالاءِ جو هن جي دل پريشان آهي؛ ۽ خداوند اها ڳالهہ مون کان لڪائي آهي، ۽ مون کي نہ ٻڌائي اٿس.


جيتوڻيڪ هو مون کي کڻي ڪهندو تہ بہ آءٌ هن جي لاءِ منتظر رهندس: انهيءَ هوندي بہ آءٌ هن جي اڳيان پنهنجن رستن جي تائيد ڪندس.


مون کي يقين آهي، تنهن ڪري آءٌ ڳالهائيندس: آءٌ ڏاڍي ڏک ۾ هوس:


جنهن ڏينهن مون توکي پڪاريو تنهن ڏينهن تو مون کي جواب ڏنو، ۽ تو منهنجي جان کي طاقت بخشي، ۽ مون کي همت ڏياري.


خداوند منهنجو ٽڪر، ۽ منهنجو قلعو، ۽ منهنجو نجات ڏيندڙ آهي؛ منهنجو خدا، منهنجو مضبوط ٽڪر آهي، اُنهيءَ تي آءٌ ڀروسو رکندس: هو منهنجي ڍال ۽ منهنجيءَ نجات جو سڱ، ۽ منهنجو مٿانهون ٺلهہ آهي.


مون پنهنجيءَ مصيبت ۾ خداوند کي پڪاريو، ۽ پنهنجي خدا کان دعا گهريم: هن منهنجو آواز پنهنجيءَ هيڪل مان ٻڌو، ۽ منهنجون دانهون هن جي حضور ۾ سندس ڪنن تائين پهتيون.


منهنجيءَ دل جا ڏک وڌي ويا آهن: مون کي منهنجين مصيبتن کان ڇڏاءِ.


خداوند جو انتظار ڪر: زوراور ٿي ۽ همت جهل؛ هائو خداوند جو انتظار ڪر.


اوهين سڀ جي خداوند ۾ اُميد ٿا رکو، همت جهليو ۽ پنهنجين دلين کي مضبوط ڪريو.


اي منهنجي جان تون ڇو ڍرڪي پيئي آهين؟ ۽ تون مون ۾ اهڙي بي آرام ڇو ٿي آهين؟ خدا ۾ اميد رک: آءٌ اڃا بہ سندس تعريف ڪندس، هو منهنجي چهري جي رونق، ۽ منهنجو خدا آهي.


اي منهنجي جان تون ڇو ڍرڪي پيئي آهين؟ ۽ تون مون ۾ اهڙي بي آرام ڇو ٿي آهين؟ خدا ۾ اُميد رک: ڇو جو هن جي نجات بخش ديدار لاءِ آءٌ اڃا بہ سندس تعريف ڪندس.


تنهنجي آبشار جي آواز تي اونهائي اونهائيءَ کي ٿي سڏي: تنهنجون سڀ لهرون ۽ ڇوليون مون تي چڙهي ويون آهن.


مون پنهنجو ڀروسو خدا تي رکيو آهي آءٌ اصل ڪين ڊڄندس؛ انسان مون کي ڇا ڪري سگهندو؟


منهنجي جان کي رڳو خدا جي آس آهي: انهي کان ئي منهنجي نجات آهي.


اي منهنجي جان رڳو خدا جي انتظار ۾ رهہ؛ ڇو جو انهي کان مون کي اميد آهي.


اي منهنجا خدا مون کي بدڪار ماڻهو جي هٿان، ۽ ناراست ۽ ظالم ماڻهوءَ جي هٿان ڇڏاءِ.


ڇو جو اي خداوند خدا، تو ۾ منهنجي اُميد آهي؛ ننڍپڻ کان منهنجو توتي ئي ڀروسو آهي.


۽ موسيٰ خداوند جي حضور ۾ پڪاريو ۽ چيائين تہ آءٌ هنن ماڻهن سان ڇا ڪريان؟ هو مون کي سنگسار ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن.


خداوند جو نالو مضبوط ٺلهہ وانگر آهي؛ سچو ڊوڙي انهيءَ ۾ وڃي ٿو ۽ صحيح سلامت رهي ٿو.


جڏهن خوفناڪ ماڻهن جو جهوٽو ڀت تي لڳندڙ طوفان وانگي آهي، تڏهن تون غريبن جي لاءِ مضبوط قلعو، ۽ محتاج جي لاءِ سندس مصيبت ۾ آسرو، طوفان کان پناهہ ۽ گرميءَ کان بچائڻ لاءِ پاڇو آهين.


اي خداوند، منهنجا زور، ۽ منهنجا ڪوٽ، ۽ مصيبت جي ڏينهن منهنجا اجها، سڀ قومون زمين جي ڪنارن کان تو وٽ ئي اينديون، ۽ چوندا تہ اسان جي ابن ڏاڏن کي ورثي ۾ رڳو ڪوڙ مليا آهن، يعني اجايون شيون، اهڙيون شيون جن مان ڪوبہ فائدو ڪونهي.


مون پنهنجي مصيبت جي ڪري خداوند کي سڏيو، ۽ هن مون کي ورندي ڏني؛ دوزخ جي پيٽ مان مون دانهن ڪئي ۽ تو منهنجو آواز ٻڌو.


پر ساري جماعت چوڻ لڳي تہ هنن کي سنگسار ڪريو. تڏهن خداوند جو جلال سڀني بني اسرائيلين جي روبرو جماعت واري تنبوءَ ۾ ظاهر ٿيو.


۽ ماڻهن جا ميڙاڪا جي سندس اڳيان ۽ پٺيان پئي هليا، تن وڏي آواز سان چيو، تہ هوشعنا ابن دائود کي، مبارڪ آهي اُهو جو خداوند جي نالي اچي ٿو، عالم بالا ۾ هوشعنا!


پلاطس چين تہ تڏهن آئون يسوع کي ڇا ڪريان، جنهن کي مسيح ٿا چون؟ سڀني چيو تہ صليب تي چاڙهيوس.


تنهن تي کيس سنگسار ڪرڻ لاءِ هنن پهڻ کنيا: پر يسوع پاڻ کي کڻي لڪايو، ۽ هيڪل مان نڪري هليو ويو.


نااُميديءَ جي حالت ۾ هن اُميد رکي ايمان آندو، انهي لاءِ تہ جيڪي چيو ويو هو، تہ ”تنهنجو نسل اهڙو ٿيندو“ تنهن موجب هو گهڻين قومن جو پيءُ ٿئي.


۽ نڪي بي ايمان ٿي خدا جي واعدي تي شڪ ڪيائين، بلڪ ايمان ۾ پڪو ٿي خدا جي تعريف ڪيائين،


تڏهن هنن ڳالهين بابت اسين ڇا چئون؟ جيڪڏهن خدا اسان سان آهي تہ ڪير اسان جي برخلاف آهي؟


پر جي اسين مصيبت ۾ مبتلا آهيون، تہ اُها اوهان جي تسلي ۽ نجات جي لاءِ آهي؛ يا جي اسان کي تسلي ملي تہ اُها اوهان جي تسلي جي لاءِ آهي، جنهن جي اثر ڪري اوهين صبر سان اُهي ساڳيا ڏک سهو ٿا، جي اسين بہ ٿا سهون.


اسين هر طرف مصيبت ۾ مبتلا آهيون، تڏهن بہ گهُٽيا نہ ويا آهيون؛ مُنجهي پيا آهيون، تڏهن بہ نااُميد نہ ٿيا آهيون؛


ڇالاءِ جو جڏهن اسين مڪدونيہ ۾ آياسين، تڏهن بہ اسان جي جسم کي آرام ڪونہ هو، پر اسين هر طرف مصيبتن ۾ گرفتار ٿي وياسين؛ ٻاهر جهيڙا جهڳڙا هئا، اندر ڊپ ڊاءُ هو.


تنهن ڪري اسين همت رکي چئي ٿا سگهون تہ ”خدا منهنجو مددگار آهي؛ آئون ڪين ڊڄندس؛ ماڻهو مون کي ڇا ڪندو؟“


۽ بني دان هن کي چيو تہ ائين نہ ڪر جو تنهنجو آواز اسان کي ٻڌڻ ۾ اچي، متان ڪاوڙيل ماڻهو توتي ڪاهي پون، ۽ تنهنجي جان، ۽ تنهنجي گهراڻي جون جانيون وڃن.


تڏهن اسرائيل جا ماڻهو پاڻ کي همتائي، جنهن هنڌ پهرئين ڏينهن صفون ٻڌي بيٺا هئا، انهيءَ هنڌ وري بہ جنگ لاءِ تيار ٿي بيٺا.


۽ هن ڏاڍي دل جي درد مان خداوند کان دعا گهري، ۽ زار زار رنائين.


۽ سائول جو پٽ يونتن اُٿيو، ۽ ٻيلي ۾ دائود وٽ ويو، ۽ خدا ۾ سندس هٿ مضبوط ڪيائين.


۽ سموئيل سائول کي چيو تہ تو ڇو منهنجو آرام ڦٽايو آهي، جو مون کي مٿي آندو اٿيئي؟ ۽ سائول ورندي ڏني تہ آءٌ ڏاڍو تنگ آيو آهيان؛ ڇالاءِ جو فلستي مون سان جنگ ٿا ڪن، ۽ خدا مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ مون کي ڪابہ ورندي نٿو ڏئي، نہ نبين جي وسيلي، ۽ نہ خوابن جي رستي: تنهنڪري مون توکي سڏيو آهي تہ مون کي ٻڌاءِ تہ آءٌ ڇا ڪريان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ