Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 30:26 - Sindhi Bible

26 ۽ جڏهن دائود صقلاج ۾ آيو، تڏهن هن لٽ جي مال مان ڪجهہ يهوداہ جي بزرگن ڏانهن، بلڪ پنهنجن دوستن ڏانهن بہ موڪليو، ۽ چوائي مُڪائين تہ ڏسو، خداوند جي دشمنن جي لٽ جي مال مان اُها اوهان جي لاءِ سوکڙي آهي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

26 جڏهن دائود صِقلاج شهر ۾ موٽي آيو، تڏهن هن لٽ جي مال مان ڪجھہ بني يهوداہ جي سردارن ڏانهن بہ موڪليو، جيڪي سندس دوست هئا. کين چوائي موڪليائين تہ ”اِجھو، خداوند جي دشمنن جي لٽ جي مال مان هي اوهان جي لاءِ سوکڙي آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 30:26
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هاڻي هي نذرانو، جو تنهنجي ٻانهيءَ پنهنجي ڌڻيءَ لاءِ آندو آهي، سو ڀلي تہ انهن جوان ماڻهن کي ڏنو وڃي، جي منهنجي ڌڻيءَ جي پٺيان ٿا هلن.


تنهنڪري مون ڀائرن کي اهو عرض ڪرڻ ضروري سمجهيو، تہ هو اڳڀرو اوهان وٽ اچن، ۽ جنهن خيرات جو اوهان انجام ڪيو آهي، سا جمع ڪن، تہ اُها بخشش وانگر تيار ٿئي نہ زور زبردستيءَ وانگر.


پر سخي سخاوت جون رٿون ٿو رٿي؛ ۽ هو سخاوت جا ڪم ڪندو رهندو.


تون مٿي چڙهي ويو آهين، ۽ قيدين کي ساڻ وٺي ويو آهين؛ توکي ماڻهن کان، بلڪ فسادين کان نذرانا مليا آهن؛ تہ خداوند خدا انهن منجهہ رهي.


جيڪي منهنجي سچي معاملي جو پاسو ٿا وٺن، سي خوشيءَ سان پڪارين ۽ سرها ٿين: ۽ سدائين چوندا رهن تہ خداوند جي تمجيد هجي، جو پنهنجي ٻانهي جي ڀلائيءَ ۾ خوش آهي.


پوءِ هو اُنهيءَ خدا جي مرد وٽ موٽي آيو، ۽ سندس ساري ٽولي ساڻس گڏ اچي هن جي اڳيان بيهي رهي: ۽ هن چيو تہ هاڻي ڏس، آءٌ ڄاڻان ٿو تہ اسرائيل جي خدا کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي، مهرباني ڪري پنهنجي ٻانهي کان هڪڙو تحفو قبول ڪر.


سو آءٌ توکي عرض ٿو ڪريان تہ منهنجي سوکڙي، جا تو وٽ آندي اٿم، سا قبول ڪر؛ ڇالاءِ جو خدا مون تي پنهنجو فضل ڪيو آهي، ۽ مون وٽ سڀڪي آهي. ۽ هن گهڻو زور ڪيس، تڏهن هن اُها ورتي.


۽ سائول دائود کي چيو تہ ڏس، آءٌ پنهنجي وڏي ڌيءَ ميرب توکي پرڻائي ڏيڻ ٿو گهران: رڳو تون منهنجي لاءِ بهادريءَ جا ڪم ڪر، ۽ خداوند جون جنگيون ڪر: ڇالاءِ جو سائول چيو تہ منهنجو هٿ هن تي نہ پوي، پر ڀلي تہ هو فلستين جي هٿان مري.


آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ پنهنجي ٻانهيءَ جو گناهہ معاف ڪر: ڇالاءِ جو پڪ آهي تہ خداوند منهنجي ڌڻيءَ جي لاءِ هڪڙو پڪو گهر جوڙيندو؛ ڇالاءِ جو منهنجو ڌڻي خداوند جون جنگيون ٿو ڪري؛ ۽ تنهنجي ساري ڄمار جي ڏينهن ۾ توکي ڪابہ خرابي نہ رسندي.


۽ دائود سڀ ڌڻ ۽ گلا هٿ ڪيا، جي هنن ٻئي چوپائي مال جي اڳيان ڪاهي کنيا هئا، ۽ چيائين تہ هي دائود جو لٽيل مال آهي.


۽ هيئن ٿيو تہ انهي ڏينهن کان وٺي اهو هڪڙو قاعدو ۽ دستور ڪري ڇڏيو ويو، جو اسرائيل ۾ اڄ ڏينهن تائين هليو اچي.


۽ سائول جي مرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود عماليقين جي ڪوس کان موٽي آيو، تڏهن هو ٻہ ڏينهن صقلاج ۾ رهيو؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ