Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 30:23 - Sindhi Bible

23 تڏهن دائود چيو تہ اي منهنجا ڀائرو، جنهن خدا اسان کي بچايو آهي، ۽ اسان تي ڪاهہ ڪري آيل لشڪر اسان جي هٿن ۾ ڏنو آهي، تنهن جيڪي اسان کي ڏنو آهي تنهن جي نسبت ۾ اوهين ائين متان ڪريو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

23 پر دائود کين چيو تہ ”اي منهنجا ڀائرؤ! جيڪي بہ خداوند اسان کي عطا ڪيو آهي، تنهن سان اوهان کي ائين نہ ڪرڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ئي اسان کي بچايو آهي ۽ اسان تي ڪاهہ ڪري آيل لشڪر کي اسان جي هٿن ۾ ڏنو اٿس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 30:23
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ کين چوڻ لڳو تہ ڀائرو، آءٌ اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ اهڙو بڇڙو ڪم نہ ڪريو.


تنهنڪري هو پنهنجي ڄار جي لاءِ قرباني ۽ پنهنجي وڏيءَ ڄار جي لاءِ لوبان ٿو ساڙي؛ ڇالاءِ جو انهن جي وسيلي هن جو حصو وڏو ۽ هن جو کاڌو ججهو ٿئي ٿو.


اي ڀائرو ۽ بزرگو، جيڪو پنهنجو بچاءُ هاڻ آئون اوهان کي ڏيان ٿو، سو ٻُڌو.


هو چوڻ لڳو تہ اي ڀائرو ۽ بزرگو ٻُڌو: اسان جو پيءُ ابراهيم حاران ۾ وڃي رهيو، تنهن کان اڳي جڏهن ميسپتاميا ۾ رهندو هو، تڏهن خدا ذوالجلال مٿس ظاهر ٿيو،


۽ تون کائي ڍءُ ڪندين، ۽ جيڪو چڱو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏيندو، تنهن لاءِ هن جي ساراهہ ڪندين.


۽ ائين نہ ٿئي جو تون پنهنجيءَ دل ۾ چوين، تہ مون پنهنجيءَ طاقت، ۽ پنهنجي هٿ جي زور سان هيءَ دولت حاصل ڪئي آهي.


پر تون خداوند پنهنجي خدا کي ياد رکج، ڇالاءِ جو اهو ئي دولت حاصل ڪرڻ جي طاقت ٿو ڏئي؛ تہ جنهن عهد جي بابت هن تنهنجي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن کي قائم رکي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.


۽ اُهو پير مرد گهر جو مالڪ ٻاهر نڪري هنن وٽ ويو، ۽ هنن کي چوڻ لڳو تہ نہ، اي منهنجا ڀائرو، آءٌ منٿ ٿو ڪريان، تہ اهڙو خراب ڪم متان ڪريو؛ جڏهن هو ماڻهو منهنجي گهر ۾ آيو آهي، تڏهن اهڙي بي عقلي متان ڪريو.


خداوند مسڪين ڪري ٿو ۽ دولتمند ڪري ٿو، هو هيٺ لاهي ٿو ۽ هو مٿي بہ چاڙهي ٿو.


تڏهن دائود سان گڏ ويلن ماڻهن مان جيڪي شرير ماڻهو، ۽ خبيث هئا، تن ورندي ڏيئي چيو تہ هي اسان سان گڏجي نہ هليا هئا، تنهنڪري جيڪو لٽ جو مال اسان موٽائي هٿ ڪيو آهي، تنهن مان ڪجهہ بہ اسين هنن کي نہ ڏينداسين، رڳو هر ڪنهن کي سندس زال ۽ ٻار ٻچا ڏينداسين، تہ انهن کي وٺي هو هليا وڃن.


۽ اوهان جي اها ڳالهہ ڪير ٻڌندو؟ ڇالاءِ جو جيڪو جنگ تي وڃي ٿو تنهن کي بہ اهڙو ئي حصو ملندو جهڙو انهي کي جو سامان وٽ ترسي ويهي رهي ٿو: ٻنهين کي هڪجهڙو حصو ملڻ گهرجي.


۽ دائود خداوند کي سوال ڪري چيو تہ جيڪڏهن آءٌ هن لشڪر جي پٺيان پوندس تہ انهي کي پهچي سگهندس يا نہ؟ ۽ هن جواب ڏنس تہ پٺيان پئين: جو تون ضرور وڃي پهچندين، ۽ يقيناً سڀ ڪجهہ انهن کان وري بہ ڇڏائي وٺندين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ