Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 30:22 - Sindhi Bible

22 تڏهن دائود سان گڏ ويلن ماڻهن مان جيڪي شرير ماڻهو، ۽ خبيث هئا، تن ورندي ڏيئي چيو تہ هي اسان سان گڏجي نہ هليا هئا، تنهنڪري جيڪو لٽ جو مال اسان موٽائي هٿ ڪيو آهي، تنهن مان ڪجهہ بہ اسين هنن کي نہ ڏينداسين، رڳو هر ڪنهن کي سندس زال ۽ ٻار ٻچا ڏينداسين، تہ انهن کي وٺي هو هليا وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

22 تڏهن دائود سان گڏ ويل ماڻهن مان ڪن شرير ۽ خبيث ماڻهن چيو تہ ”هي اسان سان گڏجي نہ هليا هئا. تنهنڪري جيڪو لٽيل مال اسان ڇڏائي آيا آهيون تنهن مان اسين کين ڪجھہ بہ نہ ڏينداسون. اسين کين رڳو سندن زالون ۽ ٻار ڏينداسين، تہ هو انهن کي وٺي هليا وڃن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 30:22
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ ٻہ خبيث ماڻهو، هن جي اڳيان حاضر ڪريو، ۽ اُهي سندس برخلاف شاهدي ڏيئي چون تہ هن خدا تي ۽ بادشاهہ تي لعنت وڌي آهي. ۽ پوءِ اُنهيءَ کي ٻاهر ڪڍي وڃو ۽ سنگسار ڪري ماريوس.


پوءِ ٻہ خبيث ماڻهو اندر اچي سندس اڳيان ويٺا، ۽ هن جي برخلاف، يعني نبوت جي برخلاف ماڻهن جي روبرو شاهدي ڏيئي چوڻ لڳا تہ نبوت خدا ۽ بادشاهہ تي لعنت وڌي آهي. تڏهن هنن اُنهيءَ کي ڪڍي شهر کان ٻاهر ڪيو، ۽ سنگسار ڪري ماري وڌائونس.


تنهنڪري جيڪي بہ اوهين ڀانئيو تہ ماڻهو اسان سان ڪن، اُوئين اوهين بہ ساڻن ڪريو، ڇالاءِ جو توريت توڙي نبين جو حڪم اهو ئي آهي.


تہ ڪي ڪميڻا ماڻهو تنهنجي وچ مان نڪري پنهنجي شهر جي ماڻهن کي هيئن چئي گمراهہ ڪري رهيا آهن، تہ اچو تہ اهڙن معبودن جي عبادت ڪريون، جن جي اوهان کي خبر ڪانهي؛


هنن پنهنجيون دليون خوش ويٺي ڪيون تہ اوچتو شهر جا ماڻهو، ڪي شيطان زادا، گهر کي چوڌاري وڪوڙي ويا، ۽ در کڙڪائڻ لڳا؛ ۽ گهر جي مالڪ، يعني انهيءَ پير مرد کي چوڻ لڳا، تہ جيڪو ماڻهو تنهنجي گهر ۾ آيو، تنهن کي ڪڍي اچ تہ اسين انهي جي خبر لهون.


۽ جيڪو ڪنهن تنگيءَ ۾ هو؛ ۽ جيڪو قرضي هو، ۽ جيڪو ڏکويل هو، سي سڀ اچي وٽس گڏ ٿيا؛ ۽ هو انهن جو سردار ٿيو: انهي طرح اٽڪل چار سؤ ماڻهو ساڻس شامل ٿيا.


تنهنڪري هاڻي ڄاڻ ۽ ويچار ڪر، تہ ڇا ڪرڻو اٿيئي؛ ڇالاءِ جو اسان جي ڌڻي ۽ سندس ساري گهراڻي لاءِ خرابي رٿي ويئي آهي: هن ڪري جو هو اهڙو بڇڙو آهي جو ڪوبہ هن سان ڳالهائي نٿو سگهي.


آءٌ منٿ ٿي ڪريان تہ منهنجو ڌڻي هن خبيث، يعني نابال ڏي خيال نہ ڏئي: ڇالاءِ جو جهڙو سندس نالو آهي، تهڙو پاڻ آهي، هن جو نالو نابال آهي، ۽ بي عقلي هن سان آهي: پر مون تنهنجي ٻانهيءَ پنهنجي ڌڻيءَ جا جوان ماڻهو نہ ڏٺا، جن کي تو موڪليو هو،


۽ دائود اُنهن ٻن سوَن ماڻهن وٽ آيو، جي گهڻي ٿَڪ جي ڪري دائود جي پٺيان اچي نہ سگهيا هئا، ۽ جن کي هو بسور جي نهر وٽ ڇڏي ويا هئا: ۽ اُهي دائود جي استقبال لاءِ ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، تن سان گڏجڻ لاءِ نڪري اڳي آيا: ۽ جڏهن دائود انهن ماڻهن کي ويجهو آيو، تڏهن انهن کي سلام ڪري حال احوال پڇيائين.


تڏهن دائود چيو تہ اي منهنجا ڀائرو، جنهن خدا اسان کي بچايو آهي، ۽ اسان تي ڪاهہ ڪري آيل لشڪر اسان جي هٿن ۾ ڏنو آهي، تنهن جيڪي اسان کي ڏنو آهي تنهن جي نسبت ۾ اوهين ائين متان ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ