Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 30:20 - Sindhi Bible

20 ۽ دائود سڀ ڌڻ ۽ گلا هٿ ڪيا، جي هنن ٻئي چوپائي مال جي اڳيان ڪاهي کنيا هئا، ۽ چيائين تہ هي دائود جو لٽيل مال آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

20 دائود ٻيون بہ رڍون ٻڪريون ۽ ڍور ڍڳا هٿ ڪيا، جيڪي سندس ماڻهن پنهنجي چوپائي مال جي اڳيان ڪاهي آندا ۽ چيائون تہ ”هي دائود جو لٽيل مال آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 30:20
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن چوپائي مال جا تنبو بہ لٽيا، ۽ بيشمار رڍون ۽ اُٺ کڻي موٽي يروشلم ۾ آيا.


۽ جڏهن يهوسفط ۽ سندس ماڻهو انهن جو لٽ جو مال کڻڻ آيا، تڏهن انهن ۾ بي انداز دولت ۽ ڪپڙا ۽ قيمتي جواهر ڏٺائون، جي هنن پنهنجي لاءِ لاهي هٿ ڪيا، ۽ اهي هنن جي کڻڻ کان وڌيڪ هئا: ۽ لٽ جو مال ايترو تہ گهڻو هو جو ٽي ڏينهن هنن پئي کنيو.


تنهن ڪري آءٌ هن کي وڏن جو حصيدار ڪندس، ۽ هو زور وارن کان لٽ جي مال جو حصو ورهائي وٺندو؛ ڇالاءِ جو هن پنهنجي جان موت جي لاءِ اوتي ڏني آهي، ۽ گنهگارن ۾ شمار ڪيو ويو آهي: انهي هوندي بہ هن گهڻن جو گناهہ کنيو، ۽ گنهگارن جي شفاعت ڪيائين.


بلڪ جنهن اسان کي پيار ڪيو، تنهن جي وسيلي اسين فتح کان وڌيڪ ٿا حاصل ڪريون.


۽ دائود اُنهن ٻن سوَن ماڻهن وٽ آيو، جي گهڻي ٿَڪ جي ڪري دائود جي پٺيان اچي نہ سگهيا هئا، ۽ جن کي هو بسور جي نهر وٽ ڇڏي ويا هئا: ۽ اُهي دائود جي استقبال لاءِ ۽ جيڪي ماڻهو ساڻس هئا، تن سان گڏجڻ لاءِ نڪري اڳي آيا: ۽ جڏهن دائود انهن ماڻهن کي ويجهو آيو، تڏهن انهن کي سلام ڪري حال احوال پڇيائين.


۽ جڏهن دائود صقلاج ۾ آيو، تڏهن هن لٽ جي مال مان ڪجهہ يهوداہ جي بزرگن ڏانهن، بلڪ پنهنجن دوستن ڏانهن بہ موڪليو، ۽ چوائي مُڪائين تہ ڏسو، خداوند جي دشمنن جي لٽ جي مال مان اُها اوهان جي لاءِ سوکڙي آهي؛


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ