Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 30:1 - Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيو تہ ٽئين ڏينهن جڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو صقلاج ۾ آيا، تڏهن عماليقين ڏکڻ تي ۽ صقلاج تي ڪاهہ ڪئي هئي، ۽ صقلاج کي ڦري لٽي باهہ ڏئي ساڙي ڇڏيو هئائون؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

1 ٽئين ڏينهن تي جڏهن دائود ۽ سندس ماڻهو پنهنجي شهر صِقلاج ۾ پهتا، تڏهن ڏٺائون تہ عماليقين ڏاکڻي علائقي ۽ صِقلاج شهر تي حملو ڪري شهر کي ڦري لٽي باهہ ڏيئي ڇڏي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 30:1
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ اسحاق بيرلحي روئي واري رستي تان پئي آيو؛ ڇالاءِ جو هو ڏکڻ واري ملڪ ۾ رهندو هو.


۽ سائول جي مرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو تہ جڏهن دائود عماليقين جي ڪوس کان موٽي آيو، تڏهن هو ٻہ ڏينهن صقلاج ۾ رهيو؛


۽ ٽئين ڏينهن هڪڙو ماڻهو سائول جي لشڪرگاهہ مان ڦاٽل ڪپڙن سان مٽي مٿي تي وجهي اُتي آيو: ۽ جڏهن هو دائود وٽ پهتو تڏهن زمين تي ڪري هن کي سجدو ڪيائين.


۽ هن مون کي چيو تہ تون ڪير آهين؟ مون ورندي ڏني مانس تہ آءٌ عماليقي آهيان.


۽ سندس سڀ نوڪر سندس پاسي کان اچي لنگهيا؛ ۽ سڀ ڪريتي، ۽ سڀ فليتي، ۽ سڀ جاتي، جي ڇهہ سؤ ماڻهو هئا ۽ جات مان سندس پٺيان آيا هئا، سي بادشاهہ جي اڳيان لنگهيا.


۽ انهن دائود کي رولن جي ٽوليءَ سان وڙهڻ ۾ مدد ڪئي: ڇالاءِ جو اُهي سڀ همٿ وارا بهادر مرد هئا، ۽ لشڪرن جا سردار هئا.


۽ روزبروز دائود وٽ سندس مدد لاءِ ماڻهو پي آيا، تان جو خدا جي لشڪر جهڙو هڪڙو وڏو لشڪر اچي گڏ ٿيو.


تڏهن هنن سڀيئي ماڻهو گڏ ڪيا ۽ اسماعيل بن نتنياہ سان وڙهڻ لاءِ آيا، ۽ انهي کي جبعون ۾ جتي وڏا تلاءُ آهن، اُتي لڌائون.


تڏهن خداوند يشوع کي چيو تہ هنن کان نہ ڊڄ: ڇالاءِ جو سڀاڻي هن وقت آءٌ انهن سڀني کي اسرائيل جي اڳيان ماري سندن حوالي ڪندس: تون هنن جا گهوڙا گُڏيندين ۽ هنن جون گاڏيون باهہ سان ساڙيندين.


۽ سائول عماليقين کي حويلہ کان وٺي، جيئن تون شور ڏي ويندين، جو مصر جي سامهون آهي، تيستائين ماريو.


۽ هن عماليقين جي بادشاهہ اجاج کي جيئرو جهليو، ۽ باقي سڀني ماڻهن کي ترار جي ڌار سان چٽ ڪري ڇڏيائين.


تڏهن اڪيس انهيءَ ڏينهن هن کي صقلاج ڏنو: انهي ڪري صقلاج اڄ ڏينهن يهوداہ جي بادشاهن جو آهي.


تنهنڪري هاڻي صبح جو سوير، پنهنجي ڌڻيءَ جي نوڪرن سان اُٿي، سوجهرو ٿيڻ مهل روانو ٿج.


ان موجب دائود پنهنجن ماڻهن سميت صبح جو سوير اُٿيو، انهي لاءِ تہ فلستين جي ملڪ ڏي موٽي وڃي. ۽ فلستي چڙهي يزرعيل ڏي ويا.


پر فلستين جا سردار هن تي ڪاوڙيا؛ ۽ فلستين جي سردارن هن کي چيو تہ انهي ماڻهو کي موٽائي، تہ هو وري اُنهي هنڌ وڃي جتي تو هن کي مقرر ڪيو آهي، ۽ هو اسان سان جنگ تي نہ هلي، متان جنگ هلندي هو ڦري اسان جو دشمن ٿي پوي: ڇالاءِ جو ڪهڙيءَ طرح هي شخص پنهنجي ڌڻي سان ٺاهہ ڪندو؟ هنن ماڻهن جي سسين سان تہ نہ ڪندو؟


اسان ڪريتن جي ڏکڻ واري پاسي تي، ۽ يهوداہ جي سرحد تي ۽ ڪالب جي ڏکڻ تي چڙهائي ڪئي؛ ۽ صقلاج کي باهہ ڏيئي ساڙيوسين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ