Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 3:9 - Sindhi Bible

9 تنهنڪري عيليءَ سموئيل کي چيو تہ وڃي سمهي رهہ: ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن هو توکي سڏي تہ تون چئج تہ اي خداوند حڪم ڪر، ڇالاءِ جو تنهنجو ٻانهو ٻڌي ٿو، ۽ سموئيل وڃي پنهنجي جاءِ تي ليٽي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

9 تنهنڪري عيليءَ سموئيل کي چيو تہ ”وڃي سمهي رهہ. جيڪڏهن هو تو کي وري سڏي تہ چئجانءِ تہ ’اي خداوند! حڪم ڪر، تنهنجو ٻانهو ٻڌي رهيو آهي.‘“ تڏهن سموئيل وڃي پنهنجيءَ جاءِ تي ليٽي پيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 3:9
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي خداوند خدا فرمائيندو سو آءٌ ٻڌندس: ڇو جو هو پنهنجي اُمت ۽ پنهنجن مقدسن سان سلامتيءَ جي ڳالهہ ڪندو: پر اهي وري بيوقوفي نہ ڪن.


يقيناً جيڪي هن کان ڊڄن ٿا، تن کي نجات ويجهي آهي؛ تہ اسان جي ملڪ ۾ جلال قائم رهي.


۽ هنن موسيٰ کي چيو تہ تون اسان سان ڳالهاءِ تہ اسين ٻڌون؛ پر خدا اسان سان نہ ڳالهائي، متان اسين مري وڃون.


۽ مون خداوند جو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ آءٌ ڪنهن کي موڪليان ۽ ڪير اسان جي لاءِ ويندو! تڏهن مون چئُہ تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان؛ مون کي موڪل.


۽ هن چيو تہ اي گهڻو پيارا ماڻهو، ڊڄ نہ، شل تون سلامت رهين، طاقت وارو ٿي، هائو، طاقت وارو ٿي، ۽ جڏهن هن مون سان ڳالهايو، تڏهن مون ۾ طاقت پيدا ٿي، ۽ چوڻ لڳس تہ ڀلي منهنجو مالڪ ڳالهائي، ڇالاءِ جو تو مون کي طاقت بخشي آهي.


پر اُٿي بيهہ ۽ شهر ۾ وڃ، ۽ جيڪي ڪرڻو اٿيئي سو توکي ٻُڌائبو.


۽ هن چيو تہ نہ، پر آءٌ خداوند جي لشڪر جو سردار ٿي آيو آهيان. تڏهن يشوع زمين تي منهن ڀر ڪري پيو، ۽ سجدو ڪري هن کي چوڻ لڳو تہ منهنجو ڌڻي پنهنجي ٻانهي کي ڇا ٿو فرمائي؟


۽ خداوند اچي بيٺو ۽ اڳئين وانگر سڏ ڪري چيائين تہ سموئيل، سموئيل. تڏهن سموئيل چيو تہ حڪم ڪر؛ ڇالاءِ جو تنهنجو ٻانهو ٻڌي ٿو.


۽ خداوند وري ٽيون ڀيرو سموئيل کي سڏيو، ۽ هو اُٿي عيليءَ وٽ ويو ۽ چيائينس تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان؛ ڇالاءِ جو تو مون کي سڏيو. تڏهن عيليءَ سهي ڪيو تہ خداوند هن ڇوڪر کي سڏيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ