7 هاڻي سموئيل اڃا خدا کي نہ سڃاڻندو هو، نڪي خدا جو ڪلام هن تي ظاهر ٿيو هو.
پر جيڪو فخر ٿو ڪري سو هن تي فخر ڪري تہ هو سمجهي ٿو، ۽ مون کي سڃاڻي ٿو، تہ آءٌ خداوند آهيان، جو زمين تي رحمت، ۽ انصاف، ۽ سچائي ٿو ڪريان: ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ اهڙين ڳالهين مان خوش ٿو ٿيان.
۽ انهن کي چيائين تہ جڏهن اوهان ايمان آندو، تڏهن اوهان کي پاڪ روح مليو؟ هنن چيس تہ اسان تہ ٻُڌو بہ ڪونهي تہ ڪو پاڪ روح نازل ٿيو آهي.
جڏهن آئون ٻار هوس، تڏهن ٻارن وانگر ڳالهائيندو هوس، ٻارن وانگر سمجهندو هوس ٻارن وانگر خيال ڪندو هئس، پر جڏهن آئون بالغ ٿيس، تڏهن ٻاراڻيون ڳالهيون ڇڏي ڏنم.
۽ وري بہ خداوند سڏ ڪري چيو تہ سموئيل. ۽ سموئيل اُٿي عيليءَ وٽ ويو، ۽ چيائينس تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان؛ ڇالاءِ جو تو مون کي سڏيو، تڏهن هن ورندي ڏني تہ منهنجا پٽ، مون ڪونہ سڏيو؛ وري وڃي سمهي رهہ.
۽ خداوند وري ٽيون ڀيرو سموئيل کي سڏيو، ۽ هو اُٿي عيليءَ وٽ ويو ۽ چيائينس تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان؛ ڇالاءِ جو تو مون کي سڏيو. تڏهن عيليءَ سهي ڪيو تہ خداوند هن ڇوڪر کي سڏيو آهي.