4 تہ خداوند سموئيل کي سڏ ڪيو: ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.
4 تہ خداوند سموئيل کي سڏ ڪيو. هن وراڻيو تہ ”اِجھو آءٌ حاضر آهيان.“
انهن ڳالهين کان پوءِ هيئن ٿيو جو خداوند ابرهام جي آزمائش ورتي ۽ چيائينس تہ ابرهام، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.
تڏهن خداوند جي فرشتي آسمان مان سڏ ڪري چيس تہ ابرهام، ابرهام، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.
هن جي ڪاهنن مان موسيٰ ۽ هارون، ۽ سندس نالو وٺي دعا گهرڻ وارن مان سموئيل، انهن سڀني خداوند کي پڪاريو ۽ هن کين جواب ڏنو.
۽ جڏهن خداوند ڏٺو تہ هو ڏسڻ لاءِ ويجهو ٿو اچي، تڏهن خدا ٻوڙي منجهان کيس سڏي چيو تہ موسيٰ، موسيٰ، ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.
۽ مون خداوند جو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ آءٌ ڪنهن کي موڪليان ۽ ڪير اسان جي لاءِ ويندو! تڏهن مون چئُہ تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان؛ مون کي موڪل.
۽ هو زمين تي ڪِري پيو، ۽ هڪڙو آواز ٻُڌائين جنهن چيس، تہ اي شائول، اي شائول، تون مون کي ڇو ٿو ستائين؟
۽ خدا ڪليسيا ۾ ڪيترن ئي کي مقرر ڪيو آهي، پهريان رسول، ٻيا نبي، ٽيان تعليم ڏيندڙ، پوءِ معجزا ڪندڙ، پوءِ شفا ڏيندڙ، مددگار، حڪومت هلائيندڙ، ۽ قسم قسم ٻوليون ڳالهائيندڙ،
۽ هو ڊوڙي عيلي وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان ڇالاءِ جو تو مون کي سڏيو. تڏهن هن چيس تہ مون ڪونہ سڏيو؛ وري وڃي سمهہ، ۽ هو وڃي وري سمهي پيو.