Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 3:17 - Sindhi Bible

17 ۽ هن چيس تہ اها ڳالهہ ڪهڙي آهي جا خداوند توکي ٻڌائي آهي؟ ڀلائي ڪري اُها مون کان نہ لڪاءِ. جيڪڏهن اُهي ڳالهيون جي خدا توکي چيون آهن تن سڀني مان ڪا مون کان لڪائيندين، تہ خدا شل توسان ائين ئي ڪري، بلڪ اِنهي کان بہ وڌيڪ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

17 عيليءَ پڇيس تہ ”اها ڪهڙي ڳالهہ آهي جا خداوند تو کي ٻڌائي آهي؟ ڀلائي ڪري اها مون کان نہ لڪاءِ. جيڪڏهن خدا جي چيل انهن سڀني ڳالهين مان ڪابہ مون کان لڪائيندين تہ خدا شل تو سان سختيءَ وارو سلوڪ ڪري، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 3:17
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن بادشاهہ ورندي ڏيئي انهيءَ زال کي چيو تہ جيڪا ڳالهہ آءٌ توکان پڇان سا مون کان ڀلائي ڪري نہ لڪاءِ. ۽ انهيءَ زال چيو تہ هاڻي منهنجو ڌڻي بادشاهہ فرمائي.


۽ اوهين عماسا کي چئو تہ تون منهنجو هڏ ۽ ماس ناهين ڇا؟ جيڪڏهن تون منهنجي اڳيان هميشہ جي لاءِ يوآب جي بجاءِ لشڪر جو سردار نہ هجين، تہ شل خدا مون سان ائين ڪري، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.


۽ سڀيئي ماڻهو آيا، انهيءَ لاءِ تہ ڏينهن بيٺي دائود کي ماني کارائين؛ پر دائود قسم کڻي چيو تہ جيڪڏهن سج لٿي کان اڳي آءٌ ماني يا ڪا ٻي شيءِ چکان تہ خدا مون سان بہ ائين ڪري بلڪ وڌيڪ.


خدا شل ابنير سان ائين ڪري ۽ وڌيڪ بہ، جي آءٌ دائود سان اهڙو سلوڪ نہ ڪريان، جيئن خداوند دائود سان قسم کڻي انجام ڪيو آهي؛


۽ بادشاهہ اُنهيءَ کي چيو تہ ڪيترا ڀيرا آءٌ توکي قسم ڏيندس تہ خداوند جي نالي تي سچ کانسواءِ مون کي ٻيو ڪي بہ ڪين چوين؟


تڏهن هن چيو تہ جيڪڏهن اڄوڪي ڏينهن اليشع بن سافط جي سسي سندس ڌڙ تي بيٺي تہ خدا شل مون سان ائين ڪري، بلڪ انهيءَ کان بہ وڌيڪ.


ڀلي تہ راستباز ماڻهو مون کي ماري، اها مهرباني ٿيندي؛ ۽ ڀلي تہ اهو مون کي جهڻڪي، اهو ڄڻ تہ منهنجي مٿي تي تيل وڌائين؛ شل منهنجو مٿو انهي کان انڪار نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو انهن بڇڙائين ۾ بہ آءٌ دعا گهرندس.


تڏهن صدقياہ بادشاهہ ماڻهو موڪلي يرمياہ نبيءَ کي خداوند جي گهر ۾ جيڪو ٽيون لنگهہ آهي. تنهن ۾ پاڻ وٽ گهرايو: ۽ بادشاهہ يرمياہ کي چيو تہ آءٌ توکان هڪڙي ڳالهہ پڇندس؛ مون کان ڪي بہ ڪين لڪائج.


تڏهن يرمياہ نبيءَ هنن کي چيو تہ مون اوهان جي ڳالهہ ٻڌي آهي؛ ڏسو، آءٌ اوهان جي چوڻ موجب خداوند اوهان جي خدا کان دعا گهرندس؛ ۽ هيئن ٿيندو تہ جيڪا ڳالهہ خداوند اوهان کي ورنديءَ ۾ چوندو سا آءٌ اوهان کي صاف ٻڌائيندس؛ آءٌ اوهان کان پٺ تي ڪي بہ ڪين رکندس.


تڏهن داني ايل، جنهن جو نالو بيلطشضر هو، سو گهڙي کن حيران ٿيو ۽ ڳڻتين ۾ پيو. تڏهن بادشاهہ چيس تہ اي بيلطشضر انهي خواب يا اُن جي تعبير ڪري تون ڳڻتي نہ ڪر. بيلطشضر جواب ۾ چيو تہ منهنجا سائين، اهو خواب تنهنجن دشمنن جي لاءِ هجي، ۽ ان جو تعبير تنهنجي ويرين لاءِ.


اي يعقوب جا گهراڻا، ڪڏهن ائين چوڻ ۾ ايندو ڇا تہ خداوند جو روح تنگ ٿي ويو آهي. هي انهي جا ڪم آهن ڇا؟ جيڪو سچائي تي هلي ٿو، تنهن کي منهنجي ڪلام مان فائدو نٿو رسي ڇا؟


تنهن تي هو انهي وٽ موٽي آيو، ۽ ڏسي تہ هو پنهنجيءَ سوختني قربانيءَ جي ڀر ۾ بيٺو آهي، ۽ موآب جا سڀ سردار بہ ساڻس گڏ آهن. ۽ بلق هن کي چيو، تہ خداوند ڇا فرمايو آهي؟


پر يسوع ماٺ ڪري بيهي رهيو، ۽ سردار ڪاهن چيس تہ آئون توکي زندہ خدا جو قسم ٿو ڏيان، تہ تون اسان کي ٻڌاءِ تہ تون خدا جو فرزند مسيح آهين ڇا؟


جتي تون مرندينءَ اُتي آءٌ بہ مرنديس: جيڪڏهن موت کان سواءِ ڪا ٻي شيءِ توکي ۽ مون کي ڌار ڪري، تہ خداوند مون سان بہ ائين ڪري، بلڪ وڌيڪ.


تڏهن سائول چيو تہ خدا شل ائين ڪري، بلڪ انهي کان بہ وڌيڪ: ڇالاءِ جو اي يونتن، تون ضرور مرندين.


خداوند يونتن سان شل ائين ئي ڪري، بلڪ انهي کان بہ وڌيڪ ڪري، بشرطيڪ منهنجي پيءُ جي توسان برائي ڪرڻ جي مرضي هوندي ۽ آءٌ اُها توکي ظاهر ڪري نہ ٻڌائيندس، ۽ توکي روانو نہ ڪري ڇڏيندس تہ صحيح سلامت هليو وڃين: ۽ خداوند توسان هجي، جيئن ڪ هو منهنجي پيءُ ساڻ رهيو آهي.


سو جيڪڏهن آءٌ صبح جي سوجهري کان اڳي جيڪي هن وٽ آهن تن مان هڪڙو ڇوڪرو ئي کڻي ڇڏيان، تہ شل خدا دائود جي دشمنن سان ائين ڪري بلڪ زيادہ.


تڏهن عيليءَ سموئيل کي سڏيو، ۽ چيائينس تہ اي سموئيل، منهنجا پٽ: ۽ هن چيو تہ اِجهو آءٌ حاضر آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ