Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.سموئيل 3:13 - Sindhi Bible

13 ڇالاءِ جو مون هن کي چيو آهي تہ جنهن ڏوهہ جي کيس خبر آهي تنهن جي لاءِ آءٌ هميشہ تائين سندس گهراڻي کي سزا ڏيندس، ڇالاءِ جو هن جي پٽن پاڻ تي لعنت آندي، ۽ هن کين ڪين روڪيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Muslim Sindhi Bible

13 مون کيس اڳي ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي تہ آءٌ سندس پٽن جي بدڪاري، جنهن جي کيس خبر هئي پر هن کين انهيءَ کان ڪين روڪيو، تنهن جي ڪري سندس گھراڻي کي هميشہ جي لاءِ سزا ڏيڻ وارو آهيان. سندس پٽن منهنجي غضب کي پنهنجو پاڻ سڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.سموئيل 3:13
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ هن جي پيءُ ڪڏهن بہ هن کي ڪجهہ چئي رنجيدو نہ ڪيو تہ ڇو هن ائين ڪيو آهي؟ ۽ هو تمام خوبصورت ماڻهو بہ هو؛ ۽ هو ابي سلوم کان ڄائو هو.


۽ بادشاهہ سمعيءَ کي وڌيڪ هيترو بہ چيو تہ جنهن شرارت جي تنهنجي دل کي خبر آهي، ۽ جا تو منهنجي پيءُ دائود سان ڪئي، سا تون ڄاڻين ٿو: تنهنڪري خداوند تنهنجي شرارت موٽائي تنهنجي سر تي وجهندو.


اي اسان جا خدا، تون انهن جو انصاف نہ ڪندين ڇا؟ ڇالاءِ جو جيڪا وڏي جماعت اسان سان وڙهڻ لاءِ ٿي اچي، تنهن سان سامهون ٿيڻ جي اسان کي طاقت ڪانهي؛ نڪا اسان کي خبر ٿي پوي تہ ڇا ڪريون: پر اسان جون اکيون توتي آهن.


جڏهن اُميد آهي تڏهن پنهنجي پٽ کي سيکت ڏي؛ پنهنجي دل هن جي برباد ٿيڻ لاءِ نہ ڇڏ.


لڪڻ ۽ ڇينڀ ڏاهپ لهن ٿا، پر پنهنجي منهن ڇڏي ڏنل ٻار پنهنجي ماءُ کي شرمندو ڪري ٿو.


ڇالاءِ جو ڪيترائي ڀيرا تنهنجي دل بہ ڄاڻي ٿي تہ تون پاڻ ٻين تي بہ لعنت ڪئي آهي.


تنهنڪري خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا گهراڻا، آءٌ اوهان مان هر ڪنهن جي راهہ جي موجب سندس عدالت ڪندس. اوهين موٽو ۽ پنهنجي سڀني گناهن کان توبهہ ڪريو؛ انهي طرح گناهہ اوهان جي ناس ٿيڻ جو سبب نہ ٿيندو.


هاڻي تنهنجي پڇاڙي اچي پهتي آهي، ۽ آءٌ پنهنجي ڪاوڙ توتي ڇنڊيندس، ۽ تنهنجن ڪمن موجب تنهنجي عدالت ڪندس؛ ۽ تنهنجا سڀ ڪراهت جهڙا ڪم توتي آڻيندس.


ڀلي سڀ قومون اُٿي يهوسفط جي واديءَ ۾ گڏ ٿين: ڇالاءِ جو اُتي آءٌ آس پاس جي سڀني قومن جي عدالت ڪرڻ لاءِ ويهندس.


جيڪو پيءُ يا ماءُ کي مون کان زيادہ پيار ٿو ڪري، سو منهنجي لائق نہ آهي، ۽ جيڪو پٽ يا ڌيءَ کي مون کان زيادہ پيار ٿو ڪري، سو منهنجي لائق نہ آهي.


۽ جيڪو ڪاهن اتي خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ حاضر هجي، يا جيڪو قاضي اتي هجي، تنهن جي ڳالهہ جيڪڏهن ڪو شخص گستاخي ڪري نہ ٻڌي، تہ اهو شخص ماريو وڃي: ۽ تون اها خرابي اسرائيل مان ڪڍي ڇڏج.


جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جو پٽ ضدي، ۽ فسادي هجي، ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ جو حڪم نہ مڃيندو هجي، ۽ جيتوڻيڪ هو کيس سيکت ڏين تہ بہ نہ ٻڌي:


خاص ڪري انهن ڳالهين ۾ جن ۾ اسان جي دل اسان کي ڏوهہ ٿي ڏئي. ڇالاءِ جو خدا اسان جي دل کان وڏو آهي، ۽ سڀني ڳالهين جي خبر اٿس.


هاڻي عيليءَ جا ٻہ پٽ شرير هئا؛ هو خداوند کي نہ سڃاڻندا هئا.


۽ انهن جوان ماڻهن جو گناهہ خداوند جي اڳيان تمام وڏو هو: ڇالاءِ جو ماڻهو خداوند جي قربانيءَ کان نفرت ڪندا هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ